ڪنهن به رياستي حڪومت جي بنيادي ذميواري هوندي اها آهي ته عوام جي جان، مال ۽ عزتن جي حفاظت ڪري ۽ انهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري، جنهن ۾ پاڻي، بجلي، گيس ۽ سڀ کان اهم روزگار فراهم ڪرڻ هوندو آهي سنڌ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت پ پ جيڪا ڇوٿون ڀيرو سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو ڀرپور مزو ماڻي رهي آهي، جنهن جو نعرو به آٽو، لٽو ۽ اجهو (روٽي، ڪپڙا، مڪان) آهي، سا عوام کي انهن بنيادي سهولتن مان ڪجهه به مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.
سنڌ سرڪار عوام جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي، جنهن جو واضح ثبوت ڪچي جي ڌاڙيلن جو آزار آهي، روز ڪيترن ئي گهر جا ڪفيل، ڪنهن جون نياڻيون ته ڪنهن جا چشم اغوا جي ور چڙهي وڃن ٿا، جنهن کي ڏسي لڳي ٿو ته سنڌ ۾پ پ جي نه پر ڌاريلن جي سرڪار هجي. ٻئي پاسي سنڌ سرڪار رڳو بيان بازيون ۽ پريس ڪانفرنسون ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهي آهي، انهن جون پريس ڪانفرنسون ڏسي بالي ووڊ جي فلم ڪارغار 2 جو هڪ سين ياد اچي ٿو، جنهن ۾ وڪيل جج کي ٻڌائيندو آهي ته سرڪار سڄا ڪم رڳو ڪاغذي ڪارروائي ۾ ڪيا آهن پر انهن تي عمل درآمد ڪرائڻ وساري ڇڏيو.
ٻئي پاسي مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، هڪ پاسي هاري روئي روئي سرڪار کي ڪڻڪ جا مناسب اگهه نه ملڻ جي شڪايت ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي اٽي جي قيمتن ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نظر نه اچي رهي آهي. تيل، سبزين، کائڻ پيئڻ جي ٻين ضروري شين جا اگهه ته غريب ماڻهو جي وس کان ڄڻ صفا پري هجن پر سنڌ سرڪار جي پرفارمنس رڳو پريس ڪانفرنس جي حد تائين نظر اچي رهي آهي.
سڄي پاڪستان ۾ بجلي جا اگهه هڪ پاسي ۽ وري سنڌ جي گادي وارو شهر جيڪو هن ملڪ جي ساهه واري رڳ سمجهيو ويندو آهي ان ۾ بجلي جي قيمتن ۾ زمين آسمان جو فرق ڇو؟ هڪ پاسي سنڌ حڪومت اسيمبلي ۾ ڪي اليڪٽرڪ خلاف تقريرون ڪندي ٿڪجي نه ٿي ته ٻئي پاسي ان کي 20 سالن جي ليز به ڏئي ٿي، ڇا عوام کي ان بابت سوال جو حق به نه آهي؟
هڪ پاسي سنڌ سرڪار عوامي نمائندا هجڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي انهن جا نام نهاد ايم اين اي ۽ ايم پي اي عوامي راءِ ڏيڻ وارن صحافين کي ڏينهن ڏٺي گوليون هڻي شهيد ٿا ڪن. هڪ پاسي سنڌ سرڪار جو نمائندو سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪري عوام کي ٻڌائي ٿو ته ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي اسان ڪي اليڪٽريڪ تي ايف آءِ آر ڪرائينداسين ته ٻئي پاسي انهن جون فرمائشون پوريون به ڪري رهيا آهن.
سنڌ حڪومت هڪ پاسي 5 کان 15 اسڪيل جي نوڪرين لاءِ گڏيل امتحان ڪرائي عوام کان ڪروڙين رپين جا چالان جمع ڪرائي ضلعي سطح تي امتحان ڪرايا ۽ يقين ڏياريو ته 3 سالن تائين S&GAD تحت ايندڙ تمام نوڪريون انهيءَ امتحان تحت انٽرويو وٺي ڏنيون وينديون پر افسوس ته سنڌ سرڪار هر ڀيري وانگر هن ڀيري به پنهنجي زبان تي قائم نه رهي ۽ هڪ عدالتي فيصلي تحت تمام امتحان ۽ ڪيل ڀرتيون رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته عدالت سڳوري کي اهو پڻ سوچڻ کپي ته جن اميدوارن امتحان ڏنا اهي نوجوان بيروزگاري جي حالت ۾ چالانن جون ڳريون فيسون بسن جا ڀاڙا ڪري امتحاني هالن ۾ پهچن ٿا، دستاويزن جا سيٽ جمع ڪرائڻ لاءِ خدا ڄاڻي صوبي جي ڪنهن ڪنهن شهر مان ڪيترو خرچ ڪري ڪراچي آيا ۽ درخواستون ڏنيون ۽ ڪشالا ڪيا، انهن اميدوارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ تعليم 12 کان 18 سال تعليم حاصل ڪرڻ وارا اميدوار به شامل آهن، جيڪي ان اميد ۾ ۽ سنڌ سرڪار جي ٺلهن آسرن ۾ ويٺا پنهنجي مسئلن کي مستقبل ۾ حل ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيا هيا، جنهن تي عدالتي حڪم ۽ سنڌ سرڪار جي بي رُخي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي يا ايئن چوان ته تيزاب هاريو آهي.
ملڪ جون حالتون بهتر نه آهن ۽ ڳالهه سنڌ جي ڪجي ته ان جو حال ته ويتر خراب آهي. هارين کي هارپو نٿو ملي، نوجوانن سان بي واجبي ۽ خراب قسم جو مذاق ڪيو پيو وڃي. چوندا آهن ته هاري ماءُ وانگر زمين جي خدمت ڪري ان مان اناج پيدا ڪندو آهي ۽ ٻيا ان مان پنهنجو پيٽ ڀريندا آهن پر جڏهن ان کي ان جو حق ئي نه ملي ته هو ڇا ڪندو؟؟؟ يا ته پاڻ ماريندو يا هارپو ڇڏي ڏيندو، ٻنهي صورتن ۾ نقصان ملڪ ۽ صوبي جو آهي پر سنڌ سرڪار کي ڇا اها ته اقتدار جا مزا ماڻي رهي آهي. ٻئي پاسي نوجوانن لاءِ مشهور قول آهي ته نوجوان مستقبل جا معمار هوندا آهن پر اهي معمار ڇا ڪن، جن سان ان قسم جا مذاق ڪيا وڃن ۽ انهن کي ٺلها آسرا ڏئي ڊپريشن جي کوهه ۾ ڦٽو ڪيو وڃي. ان صورت ۾ به ٿي سگهي ٿو ته اهي نوجوان باغي ٿي وڃن، آپگهات ڪن يا وري ڌاڙيلن وانگر ڪلاشنڪوف کڻي اکيون بند ڪري گناهگار يا بي گناهه کي پنهنجو مجرم سمجهي ان کان پنهنجو حق ماڻڻ جي ڪوشش ڪن.
مان فقط سنڌ سرڪار ۽ عدالت سڳوري کي اها اپيل ڪندس ته خدارا هارين تي رحم ڪيو ته جيئن سڀاڻي هي ملڪ جنهن جو بنياد زراعت آهي، ان جا هاري هارپو ڪرڻ ئي نه ڇڏي ڏين، هتان جا نوجوان بيروزگاري کان پريشان ٿي ڪو غلط قدم نه کڻن، مهانگائي کان تنگ عوام اوهان جي گريبانن ۾ هٿ وجهن تنهن کان اڳ ئي انهن مسئلن کي حل ڪري عوام کي سک جو ساهه کڻڻ ڏيو.