گذريل ڏينهن اخبارن کي معمول موجب جڏهن پڙھيم پئي ته سامهون هي 2 اهم خبرون پڙھڻ لاءِ مليون جن ڏکاري ٿيڻ کان علاوه قلم کڻڻ تي مجبور ڪيو.پهرين خبر ۾ سنڌ صويي ۽ وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي آڱر کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو آھي،جيڪا پڻ هن ريت آھي ته سنڌ جا ڪيترائي ترقياتي منصوبا وفاق کان رقم نه ملڻ سبب رولڙي جو شڪار ٿي ويا آھن،خزاني واري کاتي پاران جاري ڪيل بيان مطابق مالي سال 2023 ۽ 2024 ۾ وفاق پي ايس ڊي پي جي مد ۾ اربين روپيا جاري ڪرڻا هئا پر 16 منصوبن لاءِ وفاق ڪابه رقم جاري ڪونه ڪئي.روهڙي گڊو بيراج لاءِ 4ارب،ٽنڊوالهيار کان ٽنڊو آدم تائين سڙڪ جي تعمير لاءِ 2 ارب روپيا وفاق پاران سنڌ کي جاري ڪرڻا هئا،سيلاب متاثري علائقن ۾ متاثر ٿيل اسڪولن جي تعمير لاءِ به پئسا جاري نه ٿي سگهيا.سنڌ جي خزاني واري کاتي جي ذريعن موجب مجموعي طور وفاق کي سنڌ ۾ 16 منصوبن لاءِ 2023 ۽ 2024 جي مالي سال لاءِ اربين روپيا جاري ڪرڻا هئا پر نه ٿيڻ سبب اتي وڌيڪ ڪم متاثر پڻ ٿيندو.
هوڏانهن هڪ ٻي خبر منظر تي آئي آھي جنهن پڻ سنڌ حڪومت مٿان ڪيترائي اهم سوال اٿارڻ تي مجبور ڪيو آھي ته سنڌ حڪومت پاران سکر بئراج ۽ گڊو بئراج جي بحاليءَ واري منصوبي تي 24 ارب خرچ ٿيڻ باوجود رولڙي جو شڪار،جڏهن ته ان منصوبي تي لاڳت وڌي 74 ارب روپيا ٿي وئي آھي.سکر بئراج جي بحالي 4 سالن ۾ ٿيڻي هئي پر 2022جي ٽائيم لائين به گذري وئي،جڏهن ته گڊو بئراج وارو منصوبو 2020 ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر افسوس جو منصوبو ٽارگيٽ رنگ ۾ هجڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو.گڊو بئراج جي بحاليءَ جي پهرين لاڳت 20 ارب 24 ڪروڙ هئي،هاڻي وڌي اها رقم 31 ارب 33 ڪروڙ تي پهتي آھي.جڏهن ته اهڙي طرح ئي سکربئراج جي 16 ارب 33ڪروڙ روپيا ابتدائي لاڳت هئي،جيڪا هاڻي وڌي 43 ارب 28 ڪروڙ روپين تي پهتي آھي.
اهڙي طرح ٻنهي بئراجن تي مجموعي طور 68 ارب 34 ڪروڙ عالمي ادارو قرض ڏيندو، جنهن مان 24 ارب 79 ڪروڙ روپيا جاري ٿي چڪا آھن.جڏهن ته 5 ارب 25 ڪروڙ سنڌ حڪومت ڏيندي، ۽ اهڙي طرح وفاق هڪ ارب روپيا ڏيندو.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان مٿي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مسلسل سنڌ ۾ حڪومت آھي جنهن جي مني ڏهاڪي کي پڻ موجوده وزير اعلي سنڌ مراد علي شاه ليڊ به ڪري پيو ۽ مسلسل 4 دفعو خزاني واري کاتي جو قلمدان سنڀاليندو پيو اچي.مٿي ٻئي اهم خبرن جو تعلق پڻ سنڌ صوبي جي اهم قومي ۽ صوبائي سطح جي اشو سان پڻ واسطو آھي.سوال اهو به اهم آھي ته جڏهن سنڌ صوبو مسلسل هڪ وڏي 5 ڏهاڪن کان مٿي تاريخ جي حڪومتي وهنوار ۾ وفاق سنڌ جي لاءِ اسٽيٽ بينڪ کي گارنٽي طور اجازت ڏيندو آھي ته اوهان ڪمرشل بينڪن کان وفاق جي گارنٽيءَ تي پنهنجي ضمانت ڏيو ته وياج تي قرض حاصل ڪن اهو ڇا جي لاءِ فقط ڪڻڪ خريداريءَ لاءِ ،جيڪو پڻ اربين روپيا هوندو آھي،۽ ان جي واپسي ڪروڙين روپيا وياج سميت ٿئي ٿي.ان قرض ۾ ته وفاقي حڪومت ڪڏهن سستي ناهي ڪندي ۽ نه ئي ڪڏهن سنڌ حڪومت،خوراڪ کاتي ۽ فنانس کاتي اعتراض ناهي ڪيو.جڏهن ته اڪثر طور يا کڻي ايئن چئجي ته مجموعي طور اهو قرض سنڌ حڪومت يا فوڊ کاتو ظاهر ئي ڪونه ٿو ڪري ته ان اسٽيٽ ٽريڊنگ ۾ سنڌ حڪومت ڪيترو ڪمائي يا ظاهري نقصان ڪري ٿي.
اطلاع اهي آھن ته سالن کان وٺي فوڊ کاتي ۾ ڪجھ ڪامورا ۽ خزاني واري کاتي ۾ ڪجھ ڪامورا ويٺل آھن جيڪي ملي ڀڳت سان ڪڻڪ جي خريداري کان وڪرو ۽ ان وچ ۾ ڪڻڪ خراب ٿيڻ جي سالياني ٺاهيل ٽيبل تي ترتيبوار ڪم ڪن ٿا.اڪثر طور ڏٺو ۽ ٻڌو اهو ويو آھي ته اهو بينڪن جو قرض اين ايف سي ايوارڊ واري پول يا صوبائي ورڇ واري پول مان وفاق ڪٽوتي ڪرائي اسٽيٽ بينڪ جي اسٽيٽ ٽريڊنگ واري قرض جي گارنٽي ختم ڪرائيندو آھي.باقي اسٽيٽ ٽريڊنگ جي رقم جيڪا حاصل ٿي يا ڪرپشن جي حوالي ٿي اها فوڊ کاتي جا زميوار پڻ پنهنجي نموني استعمال ڪن ٿا.
سوال اهو آھي ته اتي ڪابه وفاقي حڪومت جي،سنڌ حڪومت جي،ڪمرشل بينڪن جي،اسٽيٽ بينڪ جي ذميوارن جي ڪا دانهن ڪڏهن ڪنهن ناهي ٻڌي.ان ڪري هنن مٿي خبر ۾ ڄاڻايل منصوبن لاءِ وفاق مان رقم جاري نه ڪرڻ جا زميوار ڪيترائي اسٽيڪ هولڊرز پڻ ٿي سگهن ٿا.جنهن جي تحقيق پڻ ٿيڻ کپي.ٻي صورت ۾ وفاقي حڪومت جي اهڙي رويي تي صوبائي اسيمبليءَ جو فوري اجلاس سڏائي بحث ٿيڻ کپي ۽ وفاق کان پڻ پئسا اسيمبلي قرارداد ذريعي گهريا وڃن.
اهڙي ئي نموني ان اشو کي سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ ۾ کڻي وڃڻ کپي جيڪڏهن صوبائي اسمن جي ڳالهين ۾ جيڪڏهن فنانس کاتي يا پلاننگ ڊوولپمنٽ کاتي جي ڪا سست رفتاري آھي يا ڪي صوبائي سطح تي خدوخال آھن ته ان جي وڏي پئماني تي اسيمبلي بحثسان گڏوگڏ وڏي سطح تي جاچ ٿيڻ ضروري ٿيڻ کپي.
اهڙي طرح جي ٻي اهم خبر ته سنڌ جي 2 اهم بئراجن سکر بئراج ۽ گڊو بئراج جي منصوبن ۾ پڻ وڏي سست رفتاري سبب اربين روپين جا منصوبا رولڙي جو شڪار ٿي پيا آھن.اطلاع اهي آھن ته اتي وقت سر صوبائي نه بلڪ قومي ورثي سکر بئراج جي ترقياتي ڪم ۾ سست رفتاريءَ سان ڪم مڪمل نه ٿيڻ ڪري اربين روپين جو نقصان ٿيو آھي.وقت سر ڪم مڪمل نه ٿيڻ ۽ ذميوار اختيارين جي لاپرواهيءَ جي سبب ٿيندڙ قومي نقصان ۽ صوبائي زراعت جو تاريخي نقصان جا پڻ زميوار اختيار ڌڻي ۽ زميوار ادارا۽ انهن جا زميوار پڻ آھن.انهن سڀني اهم اشوز تي سنڌ اسيمبليءَ جو فوري بنيادن تي اجلاس سڏائي ذميوارن کي وائکو ڪيو وڃي.۽ انهن جي وائکي ٿيڻ بعد کين کي احتساب ڪندڙ ادارن ۽ عدالتن ۾ ڪيس هلائي جوڳي سزا ڏني وڃي ته جيئن پڻ اڳتي ٻين لاءِ سبق هجن.هن وقت سنڌ جو وزير اعلي سيد مراد علي شاه،سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ پيپلز پارٽي جي صوبائي قيادت خاص طور نثار احمد کهوڙو جيڪو پڻ صوبائي صدر پڻ هجڻ سان گڏوگڏ صوبائي اسيمبلي ميمبر به آھي،انهن سڀني ذميوارن کي کپي ته انهن ٻنهي مٿين اشوز کي صوبائي اسيمبليءَ جي ايواين ۾ کڻي اچي بحث ڪرڻ کپي ۽ اتي زميوارن کي وائکو ڪري انهن کي احتساب عدالتن ۾ ڪيس جانچ لاءِ يا سزا لاءِ پڻ شفارش ٿيڻ ضروري ٿي پيو آھي.
ٻي صورت ۾ سنڌ جو وزير اعلي جيڪو پڻ صوبائي اسيمبليءَ جو ليڊر آف هائوس پڻ آھي کي کپي ته اسيمبلي جي مختلف زميوار ڌرين کي گڏائي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي تشڪيل فائينل ڪرڻ کپي.ڇو ته مٿي ڄاڻايل ڪيسز کي جاچ لاءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ ڏانهن وڃڻ ضروري هوندو آھي.اهو چوڻ پڻ غلط ڪو نه ٿيندو ته سنڌ جي آبپاشيءَ واري نظام سکر بئراج سميت ٽنهي بئراجن جو نقصان سنڌ جي زراعت جو قومي نقصان پڻ هوندو.ان لاءِ ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته سنڌ جي زراعت کي هڪ اڳ ۾ موسمياتي تبديلين سبب پهتل قومي نقصان برابر نقصان جو درست ڪاٿو ناهي ٿي سگهيو ۽ متاثر زرعي آبادين جو پاڻڀرو ٿيڻ سواليه نشان آھي.اتي جيڪڏهن وري سنڌ جي بئراج سکر بئراج سميت مجموعي سنڌ جي بئراجن جو هي تباھ حال نقصان سڌو سنئون قومي زراعت ۽ صوبائي زرعي بنيادن کي لوڏڻ برابر نقصان پڻ آھي.جنهن جي اعلي سطحي جاچ ٿيڻ ۽ ان لاءِ صوبائي اسيمبليءَ جو فوري اجلاس سڏائي ملوث هٿن کي وائکو ڪيو وڃي.