پيٽروليم جي اگهن جي پاليسي واري معاملي تي اسان ڪافي ڀيرا ايڊيٽوريل لکي چڪا آهيون ته ماضيءَ ۾ شين جا اگهه سال ۾ هڪ ڀيرو ئي قومي ۽ صوبائي بجيٽن ۾ طئي ٿيندا هيا ۽ پوءِ سڄو سال انهن طئي ٿيل اگهن تي شيون وڪرو ٿينديون هيون تنهن ڪري ايڏي مهانگائي نه هئي پر جڏهن کان ماهوار ۽ هاڻي پندرنهن وار پيٽروليم جا اگهه طئي ٿيڻ واري پاليسي هلي آهي خاص ڪري جڏهن کان پندرنهن وار پيٽروليم جا اگهه طئي ٿين لڳا آهن تڏهن کان مهانگائي جو تيز ترين ۽ نه رڪجي سگهڻ وارو طوفان برپا ٿي ويو آهي.
هاڻي به پهرين جولاءِ کان وفاقي حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي وڌيل قيمتن جو جواز ڄاڻائي پيٽرول ساڍا ست روپيا، ڊيزل ساڍا نو روپيا ۽ گاسليٽ 10 روپيا في ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سان مهانگائي جو نئون طوفان برپا ٿي ويندو. واضح رهي ته بجيٽ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل تي 60-60 روپيا پيٽروليم ليوي پڻ لاڳو ٿيل آهي جنهن سبب به رپورٽن موجب ايندڙ ڏينهن ۾ قيمتن ۾ 10 روپيا اضافو ٿي ويندو.
اها به حقيقت آهي ته جيئن پيٽروليم جي اگهن ۾ پندرنهن وار واڌ ٿيندي آهي تيئن گهٽتائي به ٿيندي آهي جيئن گذريل جون مهيني ۾ پيٽروليم جي اگهن ۾ ٻه ڀيرا لاٿ به ڪئي وئي آهي پر عام طور تي اهڙي قسم جي لاٿ جو عوام کي ڪو فائدو ناهي ٿيندو ڇو ته پيٽروليم جي اگهن گهٽجڻ سان مهانگائي ۾ گهٽتائي ناهي ايندي باقي جڏهن به ۽ جيترا ڀيرا به اگهن ۾ واڌ ٿيندي آهي ته شين جا اگهه لازمي طور وڌندا آهن معنيٰ هتي پيٽروليم جي اگهن وڌڻ سان رڳو مهانگائي ٿيندي آهي، سستائپ ناهي ٿيندي ڇاڪاڻ ته شين جا اگهه واپاري ۽ دڪاندار پاڻ ئي وڌائي ڇڏيندا آهن ۽ اسان جون حڪومتون يا مقامي انتظاميائون انهن ارهه زورائين روڪڻ جون ڪوشش ئي ناهن ڪنديون تنهن ڪري پيٽروليم جي اگهن وڌڻ سان جن شين جون قيمتون هڪڀيرو وڌي وينديون آهن سي پوءِ گهٽ ناهن ٿي سگهنديون بس رڳو وڌنديون رهنديون آهن.
اها صورتحال يقينن حڪومتن ۽ مقامي انتظاميائن جي ناڪامي ۽ نااهلي ثابت ڪندي آهي پر مجال آ جو حڪومت ان ناقص ڪارڪردگي ۾ سڌاري آڻڻ جي ڪا تڪليف ڪري. نتيجي ۾ نقصان صرف ۽ صرف عوام جو ٿيندو آهي. پر افسوس ته حڪومتن کي عوام جي تڪليفن ۽ شڪايتن جي ڪا پرواهه ئي ناهي هوندي باوجود ان جي ته اهي حڪومتون ان عوام جي ووٽن سان ئي جڙنديون آهن پر الائي ڇو اخلاقي ضمير کين ان پاسي سوچڻ تي مجبور ناهي ڪندو باوجود ان جي ته جڏهن به پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ ٿيندي آهي ته عوام جو شديد ردعمل ٿيندو آهي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ حڪومت تي سخت ترين تنقيد ٿيندي آهي.
ان حوالي سان اسان هميشه اها تجويز ڏيندا رهيا آهيون ته جيئن ماضيءَ ۾ بجيٽ جي موقعي تي ساليانو هڪ ڀيرو شين جا اگهه طئي ٿيندا هيا ۽ پوءِ سڄو سال ساڳيا اگهه هلندا هيا تيئن هاڻي به ساڳي روايت بحال ڪئي وڃي پر جيڪڏهن سالياني اگهه طئي نه ڪجن ته گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پيٽروليم جي اگهن جي واڌ ۽ لاٿ جو فارمولو بحال ڪيو وڃي پر پندرنهن واري پيٽروليم جي اگهن طئي ڪرڻ وارو فارمولو ته فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته پندرنهن وار پيٽروليم جي اگهن جي واڌ سان هر پندرهين ڏينهن مهانگائي وڌنڌي آهي جيڪا ناقابل برداشت ٿيندي پئي وڃي.
پيٽروليم اسٽيشنن وارا ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت وڌڻ ۽ لهڻ وارين اگهن تحت ئي سان گاڏين وارن کان پيسا وصول ڪندا آهن پر عام ماڻهن کي پيٽروليم جي اگهن لهڻ سان ذرو به فائدو ناهي ٿيندو. مهانگائي ان حساب سان وڌندي آهي جو پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ گاڏين تي جيڪو به سامان ايندو ويندو آهي تنهن جو ڀاڙو وڌي ويندو آهي پوءِ اهو وڌيل ڀاڙي کي انهن شين جا اگهه وڌائي دڪاندار پنهنجو خسارو پورو ڪندا آهن، مثال طور کير سپلاءِ ڪندڙ ان ڪري کير جي قيمت وڌائي ڇڏيندو آهي جو ان جو پيٽرول ۽ ڊيزل جو خرچ وڌي ويندو آهي پر جڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جو خرچ گهٽ ٿيندو آهي ته پر سپلاءِ ڪرڻ وارو وري پراڻي اگهه تي کير ناهي وڪرو ڪندو. اها صورتحال هر شئي تي لاڳو آهي ته جيڪا به شئي پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ گاڏين تي آندي ويندي آهي سا لازمي طور مهانگي ٿيندي جيڪا پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن لهڻ سان وري گهٽ ناهي ٿيندي. وري جيڪڏهن پندرنهن ڏينهن کان پوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌنديون ته اهو نه ڏٺو ويندو ته گذريل پندرهن ڏينهن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گهٽ به ٿيون هيون پر اهو تاثر ڏنو ويندو ته پيٽرول ۽ڊيزل جا اگهه وڌي ويا تنهن ڪري اسان به اگهه وڌايون ٿا.
عوام جي لاءِ اهو به مسئلو هوندو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن وڌڻ سان ٽرانسپورٽر به ڀاڙا وڌائي ڇڏيندا آهن ۽ جيڪي هڪ ڀيرو ڀاڙا وڌندا آهن سي وري گهٽجڻ جو نانءُ ئي ناهن وٺندا. تنهن ڪري ٽرانسپورٽرن سان مسافرن جي منهن ماري پڻ ناقابل برداشت ٿي وئي آهي. اسان اهو به ڏسندا آهيون ته جيڪڏهن ڪڏهن حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهن وڌائڻ باوجود سرڪاري طور ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا ناهي وڌائيندي ته وري ٽرانسپورٽر هڙتال ڪري ڇڏيندا آهن جنهن نتيجي ۾ حڪومت وري به سندن مطالبا مڃي وٺندي آهي ۽ عوام هڙتال ڏينهن ويتر مالي طور نقصان ۾ پئجي ويندو آهي جو ان کي پوءِ ٽرانسپورٽ بند هجڻ سبب وڌيڪ خرچ تي سفر ڪرڻو پوندو آهي.
سو انهيءَ سڄي جائزي جي روشني ۾ بهتر اهو آهي ته حڪومت ايترن مسئلن کي پيدا ڪرڻ بدران انهن جو هڪ ئي حل ڪڍي جيڪو اهو ئي آهي جيڪو اسان هميشه هتي پيش ڪندا رهيا آهيون ته پراڻي زماني وانگر پيٽروليم جي اگهن جي واڌ ۽ لاٿ جو فارمولو ماهوار طئي ڪيو وڃي. مهينو وري به پندرهن ڏينهن کان وڌيڪ آهي مهيني جي واڌ ۽ لاٿ کي ڪنٽرول به ڪري سگهبو باقي هر پندرهين ڏينهن پيٽروليم جي اگهن جي واڌ ۽ لاٿ سان مسئلا ئي مسئلا مهانگائي ئي مهانگائي ٿئي ٿي جنهن سان سواءِ ٽرانسپورٽرن جي ڪير به خوش ناهي. ٽرانسپورٽرن کي ته پيٽرول جي اسٽيشنن تي ان قيمت تي ئي پيٽرول ۽ ڊيزل ملندو آهي جيڪو سرڪار طئي ڪندي آهي پر عوام تي صرف واڌ جو اثر پوندو آهي، اگهن جي لاٿ جو ان کي ڪو فائدو ناهي رسندو تنهن ڪر ان مسئلي کي يعني پندرنهن وار پيٽروليم جي اگهن جي واڌ ۽ لاٿ وارو فارمولو ختم ڪري ان کي ماهوار ڪيو وڃي.