اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي صحت واري سيڪريٽري اسلم غوري کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
پمز اسپتال ۾ نون ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس جاري آهي، جنهن دوران وزيراعظم لاڳاپيل آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سمورن لاڳاپيل اختيارين کي وزيراعظم هائوس طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سمورن لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي پڻ پي ايم هائوس طلب ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم وفاقي صحت واري سيڪريٽري اسلم غوري کي فوري طور معطل ڪري عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ اعليٰ سطحي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
اڳوڻي گهرو سيڪريٽري شاهد خان کي جاچ ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر بيرسٽر نول اعوان شامل آهن.
ٻئي پاسي ضلعي انتظاميا پڻ واقعي جي جاچ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ 8 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي. انڪوائري ڪميٽي باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪندي.
انڪوائري ڪميٽي جي سربراهي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل ڪندو، جڏهن ته ڪميٽي ۾ ڪيپيٽل ايمرجنسي سروسز جو ڊي جي ۽ ايس پي سٽي پڻ شامل آهن. اسسٽنٽ ڪمشنر آءِ نائن ۽ ڊي جي سي ڊي اي کي پڻ ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويو آهي.
آئيسڪو ۽ پمز اسپتال جي آفيسرن کي پڻ جاچ ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انڪوائري ڪميٽي جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪندي.
صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته هو پمز اسپتال جي انتظاميا ۽ لاڳاپيل اختيارين سان لڳاتار رابطي ۾ آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي لاپرواهي سبب اهو واقعو پيش آيو آهي ته ان کي بخش نه ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن واقعي ۾ منهنجي به غلطي ثابت ٿي ته مون کي به نه بخشيو ويندو.