پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيان ٿو، استعيفيٰ جي سوال ۽ احتجاج سبب مصطفيٰ ڪمال واپس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته هن پمز اسپتال سانحي تي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال پمز اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪو به غلطي ڪندڙ هوندو ان کي بخش نه ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس دوران ماڻهن جي احتجاج ۽ صحافي پاران استعيفيٰ جي سوال تي مصطفيٰ ڪمال کي واپس موٽڻو پيو.

استعيفيٰ ڏيڻ بابت سوال جي جواب ۾ مصطفيٰ ڪمال چيو ته احتساب لاءِ سڀ کان پهريان پاڻ کي وزيراعظم آڏو پيش ڪيو آهي. وزيراعظم منهنجو باس آهي، هو جيڪو به فيصلو ڪندو، مون کي قبول هوندو.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته ٻئي دروازي تي گارڊ جي 24 ڪلاڪ ڊيوٽي هوندي آهي. ان ئي دروازي تان نون ڄاول ٻارن جي چوري ٿيندي هئي. ٻاهر ڪڍڻ واري رستي تي به گارڊ مقرر آهي، جيڪو 24 ڪلاڪ اتي موجود هوندو آهي. ٻارن جي چوري جي واقعن سبب هڪ دروازي تي گارڊ مقرر ڪيو ويو هو.

وفاقي وزير چيو ته 6 لڳي 38 منٽن تي نظر اچي رهيو آهي ته ايئر ڪنڊيشنر وٽ اسپارڪ ٿيو، جڏهن ته 6 لڳي 39 منٽن تي ماڻهن کي ڀڄندي ڏسي سگهجي ٿو. ڪا به ڳالهه لڪائي نه ويندي، سمورا ثبوت سامهون آندا ويندا. هن سڄي واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ انڪوائري رپورٽ ٻن ٽن ڏينهن اندر اچي ويندي. جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي ته ان کي بخش نه ڪيو ويندو.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته مان ايئرپورٽ کان سڌو اسپتال پهتو آهيان، هتان کان وزيراعظم وٽ ويندس.

You might also like