ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ،پ پ ڪارڪن قتل

ڪراچي ( رپورٽر)  ڪراچي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پيپلز پارٽي جي هڪ ڪارڪن کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ واقعو  پيش آيو جتي سياسي پارٽي جي ڪارڪن عامر عباسي کي اڻڄاتل هٿياربندن نشانو بڻايو.جوابدارن مقتول کي ان وقت نشانو بڻايو جڏهن هو عدالت ۾ پيشي کانپوءِ واپس وڃي رهيو هو.علائقي جي ايم پي اي فاروق اعواڻ جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪارڪن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ايس ايس پي ڪورنگي جو چوڻ آهي ته گولي مقتول جي مٿي ۾ لڳي جنهن سبب سندس موت ٿيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.