ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. سنڌ جي صحت کاتي موجب 29 ۽ 30 جون تائين هيٽ اسٽروڪ سبب فوت ٿيندڙن جو مجموعي انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي. سنڌ جي صحت کاتي ٻڌايو آهي ته عباسي شهيد اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته هيٽ اسٽروڪ جا وڌيڪ 212 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سنڌ جي صحت کاتي جو اهو به چوڻ آهي ته ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. سنڌ جي صحت کاتي موجب شهر قائد ۾ 21 کان 30 جون تائين هيٽ اسٽروڪ سبب فوتگين جو انگ وڏي 54 ٿي ويو آهي.