غوثپور مان واپارين جي اغوا خلاف مسلسل هڙتال، ريلي

غوثپور/ڪشمور )رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي+ڊ ر) غوثپور مان اغوا ٿي ويل ٽن هندو واپارين جي بازيابي لاءِ هندو پئنچائت توڙي سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي شهر اندر ڪالهه  4 ڏينهن تي به شهر ۾ مڪمل طور تي شٽر بند هڙتال ڪري پنهنجا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رکيا ويا. هندو پئنچائت جي اڳواڻ ڊاڪٽر سريش تلريجا، ايس يو پي اڳواڻ دلمراد ڏاھاڻي، ساگر ظريت بجاراڻي، دراوڙ صفي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته جيستائين اسان جا 3 هندو نوجوان ڪشمور پوليس بازياب نه ڪرائيندي اوستائين اسان جي شهر ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهندا ۽ روز جي بنياد تي اسين پنهنجي نوجوانن جي بازيابي لاءِ صبع جو مندر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا رهندا سين ۽ رات جو موبائيل فونن جون لائيٽون ٻاري ريلي ڪڍي احتجاجن شهر جو گشت ڪيو ويندو. ٻئي پاسي رات دير سان ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروھي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور افضل اويسي مغوين جي وارثن وٽ مندر پھچي مغوين جي وارثن ۽ مغوين جي معصوم ٻارڙن کي ٽنهي مغوين کي جلد بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي ڪشمور جي حڪم تحت ٽنهي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي وارن علائقن ۾ ڪارروايون جاري آهن جٿي پوليس ڪجھه گرفتاريون پڻ ڪيون آهن پوليس پاران گرفتار ٿيل ماڻهن کان پڇا ڳاڇا  ڪئي پئي وڃي. ايس ايس پي ڪشمور ڳالھائيندي چيو آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ سخت آپريشن ھلندڙ آھي، جلد ٽنھي هندو نوجوانن کي بازياب ڪرائي ھندو برادري ۾ پيدا ٿيل بيچني ختم ڪئي ويندي. پنچائت جي مکي/ مکي سريش ڪمار ڳالھائيندي چيو ته جيستائين اسان جا مغوي بازياب نٿا ٿين ايستائين اسان جي شٽر بند ھڙتال جاري رھندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.