ملڪ ۾ ون يونٽ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ قائم آهي، طاقتور وسيلن تي قابض آهن

ڪراچي(رپورٽر)  ون يونٽ ٽٽڻ جي گولڊن جوبلي ڪميٽي ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جي ڪاميابي کي ياد ڪرڻ ۽ ون يونٽ جي سنڌ دشمن منصوبي بابت مواد تي ٻڌل ڪتاب ون يونٽ سنڌ جي تاريخ جو ڪارو باب، جي مھورت جو پروگرام  آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي،ان موقعي تي ”ڪتاب ون يونٽ سنڌ جي تاريخ جو ڪارو باب “ جي  مھورت واري تقريب ۾ پروفيسر اعجاز قريشي، عبدالخالق جوڻيجو، ناصر منصور، ظفر جوڻيجو، زھرا خان، امان الله شيخ، شازيه نظاماڻي سميت اديبن، دانشورن،  صحافين، مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻھن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪتاب جي مھورت واري تقريب کي خطاب ڪندي عبدالخالق جوڻيجو چيوته جيئن ڪتاب جو نالو ون يونٽ سنڌ جي تاريخ جو ڪارو باب آھي ايئن ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ سنڌ جي تاريخ جو روشن ترين باب آھي، ون يونٽ واحد اھا تحريڪ آھي جيڪا پاڪستان جي زندگيءَ ۾ پنھنجو ٻڌايل مقصد حاصل ڪيو ون يونٽ ٽوڙي ڏيکاريو  حڪمرانن کي واضع شڪست ڏني،  اسان اھو سمجھو ٿا اڃا ون يونٽ قائم آھي 73 جو آئين سنڌ جي لاءِ قانوني ون يونٽ آھي. 73 جي آئين کان پھريان جيڪي سنڌ جا حق غير قانوني طور تي کسيا ويندا ھئا اھي ھاڻي 73 جي آئين ذريعي تحفظ ڏنو ويو آھي. تقريب کي خطاب ڪندي ناصر منصور چيوته 18 ترميم کانپوءِ ڪافي معاملا صوبن جي ڪنٽرول ۾ اچي ويا آھن تنھن ھوندي به ڪافي  ادارا اڃا وفاق جي ڪنٽرول ۾ آھن، ڪراچي ۾ زمينن تي قبضن جو سلسلو جاري آھي شھر جو 30 سيڪڙو علائقو اڄ به وفاق جي حوالي آھي ۽  ھتي طاقتور کي   جيڪي وڻي ٿو اُھو ڪري ٿي ميڊيا تي به انھن جو ڪنٽرول آھي، ھن وقت ضرورت ھن جي ڳالھه جي آھي ته مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن جا ماڻھو گڏيل تحريڪ جوڙي حقن لاءِ جنگ جوٽن.  تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته ھينئر به ون يونٽ جھڙو ئي ماحول آھي قومن جي وسيلن تي طاقتورن  جو ڪنٽرول آھي، حڪمراني جو حق اسان وٽ نه پر ڪنهن ٻين طاقتن وٽ آھي، اسان جا ماڻھو پڙھندا ڪاروبار ڪندا ۽ حقن لاءِ جدوجھد ڪندا ته معاشي صورتحال بھتر ٿيندي، ھاڻي اسان گڏجي محنت ڪرڻي پوندي. تقريب کي خطاب ڪندي ڪامريڊ زھرا خان چيوته ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ڪامياب جدوجھد ھئي جيڪا عوام وڙھي جنھن جي نتيجي ۾ ون يونٽ جو خاتمو ٿيو، ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ اڄ به ون يونٽ موجود آھي، اڄ ماڻھو پنھنجي حقن لاءِ وڙھي رھيا آھن .مھورتي تقريب کي خطاب امان الله شيخ چيوته 21ھين صديءَ جا معيار ۽ ماپا ٻيا آھن اسان کي ون يونٽ کانپوءِ  واري صورتحال کي نظر رکي اڳتي وڌڻو آھي،21 صديءَ ۾ ون يونٽ ته ناھي پر ان کان به بدتر صورتحال آھي. تقريب کي خطاب ڪندي ظفر جوڻيجو چيو ته ھن وقت ون يونٽ جي جاءِ تي اھڙو نظام جوڙيو ويو آھي ته جيئڻ سگھاري قوتن ۽ وفاق جا مفاد سنڌ جي وسيلن مان پورا ٿيندا رھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.