ڪراچي(رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن خالد مقبول صديقي ۽ فاروق ستار چيو آهي ته سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هزار نوڪرين بابت عدالتي فيصلو مهاجر نوجوانن لاءِ ٿڌي هوا جو جهونڪو ثابت ٿيو آهي، ڪوٽا سسٽم سنڌين ۽ مهاجرن وچ ۾ خال پيدا ڪيو جنهن جو فائدو غريب ۽ مظلوم سنڌين کي به نه ٿيو، ذوالفقار علي ڀٽو جي نسل پرست حڪومت ڪوٽا سسٽم نظام لاڳو ڪري ورهاست جوبنياد وڌو، انصاف کان محرومي جي 50 سالن جي تاريخ آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن وڌيڪ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي پنجاب ۾ واضع اڪثريت هجڻ باوجود صرف سنڌ ۾ ڪوٽا لاڳو ڪرڻ نسل پرست سوچ جي عڪاسي آهي، ايم ڪيو ايم ڪوٽا سسٽم ۽ جاگيرداراڻي نظام خلاف پنهنجي جدوجهد شروع ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ آئيني ۽ قانوني ۽ ٻين ٻين طريقن سان عمل ڪيو ويندو، هنن چيو ته هڪ گريڊ کان 15 گريڊ تائين جون نوڪريون ڪراچي جي مقامي ماڻهن کي ملڻ گهرجن، عدالت تعصب ۽ نسل پرستي جي بنياد تي نوڪريون ڏيڻ واري عمل کي روڪيو آهي، خالد مقبول صديقي چيو ته جعلي ڊوميسائيل ٺاهي سنڌ جي شهري علائقن جي 80 سيڪڙو نوڪرين کي هڙپ ڪيو ويو، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جون نوڪرين ۾ مجموعي طور تي 40 سيڪڙو حصو هو، پر عمل نه ٿيو، انهن نوڪرين تي به قبضوڪيو ويو، ڪراچي جي نوجوانن نوڪرين لاءِ درخواستون ڏيڻ ئي ڇڏي ڏنو، سپريم ڪورٽ ان تي پاڻمرادونوٽيس وٺي، فاروق ستار چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي نوجوانن لاءِ تعليم ۽ سرڪاري نوڪرين جا در ئي بند ڪيا ويا، ان سان سنڌ ۾ وسندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن ۾ نفاق پيدا ٿيو.
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تي لڳايل الزامن کي شرمناڪ قرار ڏيندي ايم ڪيو ايم کان معافي ۽ گورنر سنڌ جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته متحده قومي موومينٽ جي قيادت کي هڪ ڀيرو ٻيهر سياست چمڪائڻ جو شوق جاڳيو آهي ۽ متحده هڪ ڀيرو ٻيهر الزام تراشي جي سياست شروع ڪري ڇڏي آهي، اھڙي سياست جي ايم ڪيو ايم کي قيمت چڪائڻي پئي آھي ۽ اها ٽن چئن شهرن کان گهٽجي يوسي سطح تي پھچي وئي آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف زهر اوڳاڇيو ويو آھي جيڪا ڳالھھ ڪنهن کي به زيب نه ٿي ڏئي، شهيد ڀٽو جو ملڪ لاءِ اهم ڪردار رھيو آهي، خالد مقبول صديقي اسان جي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف زهريلي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي آھي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ھن ملڪ لاءِ اهم قربانيون ڏنيون آهن جيڪڏهن پاڪستان جي سياسي تاريخ مان اسان جي قيادت کي ڪڍيو وڃي ته پوئتي ڪجهه به نه بچندو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪوٽا سسٽم سوچي سمجھي آندو ويو ھو ۽ اهو نظام پٺتي پيل علائقن جي ماڻھن جي تحفظ لاءِ آندو ويو ھو، جنھن کي بنياد بڻائي خالد مقبول صديقي نامناسب گفتگو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي مسئلن جي ذميوار ايم ڪيو ايم آهي، صوبي ۾ پڙهيل لکيل نوجوان روزگار جي اوسيئڙي ۾ هئا پر ايم ڪيو ايم نوڪرين تي پابندي لڳرائي ڇڏي ۽ اسٽي آرڊر وٺي ويهي رهي. ايم ڪيو ايم جي اسٽي وٺڻ سبب ڪيترن ئي کاتن جا هٿ ٻڌل ھُئا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خالد مقبول سميت متحده جي سموري قيادت الطاف حسين کي جي ڀائي جي ڀائي ڪندي رھندي هئي ۽ اها ئي قيادت الطاف حسين کي ڇڏي ڀڄي وئي ۽ اڄ اهي الطاف حسين کي پنهنجو قائد مڃڻ لاءِ تيار ناهن جنھن کين ڪٿان کان ڪٿي پھچايو، خالد مقبول صديقي ۽ ان جا ماڻهو ڪالهه تائين جنھن جي پويان وتندا ھُئا اڃ اُن کي پنهنجو ليڊر مڃڻ لاءِ تيار ناهن؟ هن چيو ته متحدا سدائين پيپلز پارٽي تي الزام مڙھيا جڏهن ته شهيد ڀٽو او آءِ سي کي مضبوط ڪيو، جنهن کي پوري اسلامي دنيا مڃي ٿي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ ٻڏي مرڻ جو مقام آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجي ڪارڪنن کي مڪاني ادارن ۾ ڀرتي ڪيو، ماضي ۾ سڀ ٽارگيٽ ڪلرز واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي جا ملازم ھوندا هئا ۽ اڌ کان وڌيڪ رابطا ڪميٽي سرڪاري ملازم آھي، رابطا ڪميٽي جا ماڻھو مڪاني ادارن ۾ سرڪاري نوڪريون ڪري رھيا آھن. هن مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم ڪوڙ جي سياست جو باب بند ڪري، اسان بدتميزي جو جواب بدتميزي سان نه ڏينداسين، ايم ڪيو ايم کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي خلاف ڳالهائڻ تي معافي وٺڻ گھرجي، نفرت جي سياست ڪندڙن جو حشر سڀني ڏٺو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جو گورنر به ايم ڪيو ايم جو نمائندو آهي، سنڌ جي گورنر کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، کيس سنڌ جي عوام نه ويھاريو آھي ۽ نه ئي وٽس ڪو مينڊيٽ آهي، صوبي ۾ اهڙي قسم جي سياست وڌيڪ نھ ھلندي. هن چيو ته هڪ وقت هو جڏهن اهي ماڻهو الطاف حسين جي پاڪستان خلاف ڳالھين تي ٻڙڪ به ٻاھر نه ڪڍندا ھُئا پر جڏهن الطاف حسين تي پابندي لڳي ته ھاڻي اهي ئي ماڻهو متحده پاڪستان جو چولو پائي ساڳي پراڻي سياست ڪري رهيا آهن، خالد مقبول صديقي جي ڪا به حيثيت ناھي سندس حيثيت ٻڙي پلس ٻڙي پلس ٻڙي آھي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم نوجوان نسل کي تباهه ڪيو، سندن هٿن ۾ هٿيار ڏنا، ڪراچي ۾ روز هڙتالون ٿينديون رهيون، پر هاڻي ايم ڪيو ايم جي بدمعاشي ختم ٿي وئي آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم سدائي نفرت جي سياست ڪئي آهي، انهن کي پنهنجي لاءِ عوامي حمايت جو اندازو هو ان ڪري اهي ماڻهو راتو رات مڪاني چونڊون ڇڏي ڀڄي ويا ھئا، ماڻھن کي ايم ڪيو ايم جي اصليت جي خبر آھي، ايم ڪيو ايم نفرت ۽ تعصب جو شوشو ڇڏڻ واري جماعت آھي، ايم ڪيو ايم کي چئون ٿا ته اڄ بھ بيلٽ ذريعي چونڊجڻ جي ڪوشش ڪن ۽ اچي اسان سان اليڪشن ۾ مقابلو ڪن. هن چيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ تحت تعليم کاتي ۾ 50 هزار ڀرتيون شفاف طريقي سان ڪيون ويون آهن، ڪيترن ئي وزيرن جا گھر ڀاتي به ان ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿيا آهن، ان کان وڌيڪ شفافيت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پرويز مشرف جي دور ۾ ايم ڪيو ايم مڪمل طور تي طاقتور هئي، هڪ ڏينهن ۾ سئو سئو ماڻهو قتل ڪيا ويندا ھُئا، آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسرن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو ويو، ان وقت ايم ڪيو ايم ڪوٽا سسٽم ختم ڇو نه ڪرايو. حقيقت اها آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ به سرڪاري اجلاس ۾ ڪوٽا سسٽم جي مخالفت نه ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن اهي شهيد تي ڪوڙا الزام مڙھيندا ته اسان کي به منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ اچي ٿو، جڏهن ايم ڪيو ايم وٽ بندوقون هيون ان وقت اسان نھ ڊنا سين تھ ھاڻي ڇا ڊڄنداسين، ايم ڪيو ايم جو وڙ رھيو آھي تھ اُھي منھن تي ھڪڙي ۽ عوام اڳيان ٻي ڳالھ ڪندا آھن. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته اسان جو خيال هو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ٺهي تھ شايد نفرت ۽ منافقت جي سياست کان بھ پاسيري ٿي وئي پر اسان غلط سمجھيو. پُڇ جيئن جوتيئن ٽيڙو رھيو.هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا سڀني تي احسان آھن، جڏهن آپريشن ٿيو ته ايم ڪيو ايم ڏوهارين کي سرڪاري نوڪرين ۾ رکيو ھو.