ملڪي تاريخ جي بدترين بجيٽ آهي: شاهد خاقان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي حڪومت کي عوام تي ٽئڪس لڳائڻ بدران خرچ گهٽ ڪرڻ جو مشورو ڏيندي بجيٽ تي نظرثاني جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڊيزل ۽ ايل پي جي جي اسمگلنگ کي روڪي ٽئڪس گڏ ڪئي وڃي ته ملڪ مان بي ٽئڪس گڏ ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. ملڪ ۾ هڪ اهڙو طبقو آهي، جنهن جي اڌ آمدني حڪومت کڻي ويندي. شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت پنهنجن خرچن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪندي. حڪومت پنهنجا خرچ ڇو نه ٿي گهٽائي، قرض وٺي 500 ارب رپيا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ۾ ورهايا ويندا، جيڪو ماضي ۾ به غلط هو، ان رقم جو ٽيون حصو ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سگريٽ جي کليل چوري ٿي رهي آهي، ڇا اسان ايترا ڪمزور آهيون جو سگريٽ ٺاهيندڙن کان به ٽئڪس نه ٿا وٺي سگهون؟ ملڪ جي بجيٽ جو ٽيون حصو وياج ڀرڻ ۾ هليو وڃي ٿو. هن چيو ته زمينن جي وڪري تي ٽئڪس لڳائي وئي، پر حاضر سروس ۽ رٽائرڊ بيوروڪريٽس ۽ فوج جي ماڻهن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي، سڀاڻي ماڻهو پڇندا ته کين ڇوٽ ملي سگهي ٿي ته اسان کي ڇو نه؟ مفتاح اسماعيل چيو ته بجيٽ عوام تي ظلم آهي، آءِ ايم ايف چيو ته زراعت ۽ ريئل اسٽيٽ تي ٽئڪس لڳايو پر حڪومت اها نه لڳائي، ڇا آءِ ايم ايف چيو آهي ته ايران مان پئٽرول ۽ ڊيزل جي اسمگلنگ تي ڪارروائي نه ڪئي وڃي؟ ان موقعي تي مفتاح اسماعيل 6 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ پنهنجي عوام پاڪستان پارٽي جي لانچنگ جو اعلان ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.