ملڪ خطرناڪ بحران ڏانهن وڌڻ لڳو، ايمرجنسي يا مارشل لا جو خطرو؟

لاهور (تجزيو: نجم سيٺي)ملڪ تمام وڏي بحران ڏانهن وڌڻ لڳو، عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ بحران کي نه روڪيو ته جلد يا دير اسٽيبلشمينٽ کي ايمرجنسي لڳائڻي پوندي، عمران خان، اسٽيبلشمينٽ، حڪومت ۽ عدليه پوئتي نه هٽيون ته ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائڻي پوندي،ايمرجنسي به مسئلي جو حل ناهي، عدليه، پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ نه سڌريون ته صورتحال مارشل لا ڏانهن ويندي،سياسي بي يقيني کي حل ڪرڻ سڀ کان اهم ايجنڊا بڻجي وئي آهي،آءِ ايم ايف ۽ عوام سڀ ان ڏانهن ڏسي رهيا آهن ته اهو ڪيئن حل ٿيندو؟سياسي استحڪام نه ايندو ته معاشي پلان به نه هلي سگهندو،حڪومت ٻاهرين سيڙپڪارن ۽ آءِ ايم ايف کي ٻڌايو آهي ته ”سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي“ جن مسئلا پيدا ڪيا آهن اسان انهن کي جيلن ۾ وجهي ڇڏيو آهي پر ايئن بلڪل به ناهي،پهريون ڀيرو عدليه هڪ بغاوت واري اسٽيج تي آهي،ڇو ته عدم استحڪام پيدا ڪرڻ وارو سڀ کان وڏو محرڪ عدليه پاران ايندو،اهو به پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ ايس آءِ کي سڌو سنئون نشانو بڻايو پيو وڃي،دنيا جهان ۾ ڳجهيون ايجنسيون هميشه خفيه ئي رهنديون آهن پر پاڪستان ۾ عدليه ايجنسين جي بجيٽ،انهن جي ڪم جي طريقيڪار تي سوال اٿاري رهي آهي،اسٽيبلشمينٽ انهن ڳالهين سان خوش نٿي رهي سگهي، اسان جون عدالتون هاڻي هڪ هڪ ڪري فوج کي چئلينج ڪري رهيون آهن،اسٽيبلشمينٽ کي هن وقت سخت ڪاوڙ آهي،اهي سمجهن ٿا ته اسان معيشت کي قومي مفاد ۾ هلائڻ چاهيون ٿا،اسان کي سياسي استحڪام کان روڪيو پيو وڃي،اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته باقي سڀ پارٽيون اسان سان گڏ آهن پر پي ٽي آءِ ۽ عدليه اسان سان گڏ ناهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 02 جولاءِ 2024 تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.