ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي کانپوءِ ڪراچي جي وڏن سرڪاري اسپتالن ۾ فائر الارم سسٽم نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
اسلام آباد جي وڏي سرڪاري اسپتال پمز ۾ باهه لڳڻ سبب معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ ڪراچي جي وڏن سرڪاري اسپتالن ۾ پڻ باهه کان بچاءَ جي انتظامن جي کوٽ سامهون آئي آهي.
اسپتال ذريعن موجب ڪي ايم سي جي عباسي شهيد اسپتال ۾ صرف 13 فائر ايڪسٽنگوشر موجود آهن. اسپتال ۾ موجود عملي کي فائر ڊرل يا باهه کان بچاءَ بابت باقاعده تربيت پڻ نه ڏني وئي آهي، جڏهن ته اسپتال ۾ فائر الارم سسٽم به لڳل ناهي ۽ هنگامي حالت ۾ ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪو مخصوص رستو پڻ موجود ناهي.
عباسي شهيد اسپتال جي ايمرجنسي ۾ روزانو سوين، جڏهن ته او پي ڊي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ مريض اچن ٿا. عباسي شهيد اسپتال جي ٻن جنريٽرن مان هڪ کي بيڪ اپ لاءِ رکيو ويو آهي.
عباسي شهيد اسپتال جي ايم ايس جيو نيوز کي ٻڌايو ته اسپتال ۾ فائر سيفٽي سسٽم بابت وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن.
ٻئي طرف جناح اسپتال جي هر وارڊ ۾ فائر ايڪسٽنگوشر موجود آهن، پر انهن مان ڪيترائي خراب ۽ غيرفعال آهن.
اسپتال ذريعن موجب جناح اسپتال ۾ آخري فائر ڊرل 2017ع ۾ ڪئي وئي هئي. اسپتال ۾ فائر الارم سسٽم پڻ لڳل ناهي.
جناح اسپتال جي جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر موجب فائر فائٽنگ ٽيم جوڙڻي آهي. اسپتال جي هر وارڊ ۾ هڪ فائر ايڪسٽنگوشر موجود آهي، جڏهن ته عملي کي وڌيڪ تربيت ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي خط لکيو ويندو.
هوڏانهن سول اسپتال ۾ 180 فائر ايڪسٽنگوشر موجود آهن ۽ اسپتال جي هر وارڊ ۾ فائر ايڪسٽنگوشر رکيل آهن، تنهن هوندي به هتي به حفاظتي انتظام مثالي ناهن.