پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيا مري چيو آهي ته معصوم ٻارن جون جانيون هليون ويون، پر ڪو به سندن سار لهڻ وارو نظر نه آيو. وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ بدانتظامي جي قيمت معصوم شهري پنهنجي جانين سان ادا ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته پمز سانحو انتظامي لاپرواهي جو سنگين مثال آهي، ذميوارن جو تعين ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
شازيا مري چيو ته جيڪڏهن صحت وارو وزير هڪ وڏي سرڪاري اسپتال جي حفاظت ۽ انتظام کي يقيني نٿو بڻائي سگهي ته پوءِ سندس عهدي تي رهڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟
هن چيو ته معصوم ٻارن جي جانين جي ضايع ٿيڻ کي رڳو حادثو قرار ڏئي ذميوارن کي ذميواري کان آجو نٿو ڪري سگهجي. پمز ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي.
شازيا مري چيو ته سانحي جي ذميوارن جو تعين ڪري کين قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. پمز ۾ حفاظتي انتظام ڪٿي هئا؟ باهه لڳڻ وقت فوري امدادي قدم ڇو نه کنيا ويا؟
هن چيو ته وفاقي حڪومت واقعي جي ذميواري قبول ڪري ۽ متاثر خاندانن کي انصاف فراهم ڪري. معصوم ٻارن جي جانين جو نقصان ناقابلِ تلافي آهي، لاپرواهي ڪندڙ عنصر ڪنهن به رعايت جا حقدار نه آهن.