فيلڊ مارشل خطي جي مسلمان ملڪن کي ورهائڻ واري دشمنن جي سازش ناڪام ڪئي: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دشمن پوري ڪوشش ڪئي ته خطي جي مسلمان ملڪن ۾ ورهاست پيدا ڪئي وڃي، پر مسلمانن ۾ ورهاست جي ان سازش کي فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ ناڪام بڻايو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف قومي سيرت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ تاريخي مڪي دفاعي معاهدو ٿيو آهي. هن امن لاءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

وزيراعظم چيو ته امن دشمن عنصر مسلمان ملڪن ۾ نفرت پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، جڏهن ته ڀارت سان جنگ دوران سڄي قوم متحد هئي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪي ۽ سعودي عرب اهي ساٿي ملڪ آهن، جن هر سٺي ۽ خراب وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان سان لوهه جي ديوار وانگر گڏ بيٺل آهي.

وزيراعظم چيو ته سيرت ڪانفرنس جي پاڪيزه روايت کي زنده رکڻ تي عالمن سڳورن کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو. اڄ جو هي شاندار اجتماع ان ڳالهه جي ياد ڏياريندڙ آهي ته اسان هڪ امت آهيون. نئين نسل سڄي قوم جي اميدن جو مرڪز آهي، اسان جيئن نسل تيار ڪنداسين، اسان جو مستقبل به اهڙو ئي هوندو.

You might also like