بنيادي طور اسان وٽ زراعت جو مسئلو اسان جي معاشي نظام سان لاڳاپيل آھي ، سڄي دنيا ۾ زرعي زمينون رياست هارين يا زرعي ڪمپنين جي ملڪيت آھن رڳو پاڪستان ئي آھي جتي زرعي زمين بطور نجي ملڪيت جي هزارين لکين ايڪڙ ڪنهن هڪ فرد يا جاگيردار جون آھن يعني پاڪستان جو معاشي نظامي نه ته انڊسيٽيريل آھي نه ئي ڪو جديد زرعي آھي
ان کان پوءِ پاڪستان ۾ زرعي جنس جي ڪابه مارڪيٽ رياستي قاعدن ۽ قانونن جي پاپند ڪونهي سموري لوڪل مارڪيٽ آھي جنهن مٿان چند سرمائيداري نظام جي ڪارندن ٺيڪيدارن جي اجارداري آھي اهي جنهن به جنس جا جيڪي ريٽ چاهين طئي ڪن ٻيو ته ٺهيو شوگر بورڊ به حڪومتي ريٽن تي نٿو هلي اهي به پنهنجي مرضي جا اگهھ مقرر ڪري اربين روپيا منافعو ڪمائي رهيا آهن هاري مزدور طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي حڪومتي رٽ يا حڪومت ۾ ويٺل سرمائيدار طبقو پاڻ انهن بحرانن جو ذميوار آهي نقلي دوائون نقلي ٻج ۽ نقلي ڀاڻ ڪنهن جي آشرواد سان مارڪيٽن ۾ پهچي ٿو توهان جو اشارو به صحيح آهي سڀ منٿلي جو ڪمال آهي پاڪستان ۾ هر ماڻھو ڪارو ڌن ڪمائڻ ۾ مصروف آهي جنهن خطي۾ اسان رهو ٿا اتي ڪارو ڌن آساني سان اڇو ٿي ويندو آهي نه سزا جو خوف نه ئي جزا جو ڊپ.
پاڪستان ۾ زراعت ڏينهون ڏينهن تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي سرمائيداري نظام ۾ نه ته زراعت ترقي ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي انڊسٽري ۾ ترقي جا ڪي خواب ڏسي سگهجن ٿا حڪومتي آفيسر اڌارا نقلي ٻج ڀاڻ دوائون جي ڪمپنين سان ڀاڳي ڀائيوار آهن انهن کي ڪنهن به اڌاري آفيسر جو خوف ناهي سري عام رشوت ورتي وڃي ٿي. افسوس جي ڳالھه اها ناهي. هتي ڪو قانون ناهي قانون به آهي ۽ وڏا اڌارا به موجود آهن پر افسوس اهي اڌارا به رشوت جهڙي مرض ۾ مبتلا آهن جڏهن ڪنهن به ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي پاسداري نه ٿئي ان ملڪ ۾ راشي آفيسر ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏين ٿا اڄ به جيڪڏهن اسان جي ملڪ حالت بدتر آهي ته ان جو سبب به راشي آفيسر ۽ سرمائيداري نظام آهي جنهن ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏي يوريا فيڪٽري موجود هجي ۽ اتي يوريا جي کوٽ هجي ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو سسٽم ڪيترو خراب آهي وقتن به وقتن اهي خبرون ميڊيا تي رپورٽ ٿينديون رهيون آهن ته يوريا ڀاڻ اسمنلنگ به ٿي رهيو آهي اتي اهي سوال به پنهجي اهميت رکي ٿو ته ان ۾ ملوث ماڻھن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي ۽ نه ئي انهن جي خلاف ڪو قدم کڄي ٿو جيڪي بارڊر ڪراس ڪرائي ڏين ٿا
ان جو هڪ ئي مقصد آهي يوريا بليڪ ڪري وڌيڪ ريٽ تي وڪرو ڪري وڌيڪ منافعو ڪمائڻ آهي اڄ به جيڪڏهن اسان هزارين ايڪڙن جي زميندار جي گدامن تي ڇاپا هڻو تي اتان لکين يوريا جون ٻوريون نڪرنديون ڳٽ جوڙ ھجڻ جي ڪري آفيسر طبقو انهن جي گدامن کي هٿ به نه لاهيندا واپاري طبقو به انهن جي دلالي ڪن ٿا انهن کي اڳ ۾ ئي آگاهي ڏئي ڇڏيندا آهن ته ڀاڻ بليڪ ٿيندو ان جي ڪري اهي پنهجا گدام ڀريو ڇڏين پر ان جي ڀيٽ ۾ ننڍو آبادگار ڇا ڪري جنهن وٽ نه ئي پئسو هجي ٿو ۽ نه ئي ڪا سفارش. سياسي توڙي سرڪاري ڪامورا به انهن جي سپوٽ ڪن ٿا ڪڏهن ڪنهن وڏي سيٺ جي گدام تي ڇاپو ناهي لڳو ها ان گدام تي ضرور ڇاپو لڳندو جيڪو منٿلي نه ڏيندو
عام آبادگار جي نصيب ۾ لائين سان لڳڻ ۽ لائين ٽوڙڻ جي جرم ۾ لٺيون کائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ناهي.
سرمائيداري نظام ۾ عام ماڻھن جا ذھن ايترا ته مفلوج ٿي ويا آهن جو لائين ۾ بيهي ڪا به شئي اهو يوريا ڀاڻ ھجي يا اٽي جي ٿهيلي هجي ان ۾ ئي پنهجي ڪاميابي سمجهن ٿا پاڪستان ئي واحد اهڙو ملڪ آهي جتي اٽي جي ٿيهلي لاءِ جان جو نظرانو پيش ڪرڻو پوي ٿو جنهن ملڪ کي زراعت تي ڪم ڪرڻ جي بدلي هاري ۽ ننڍي آبادگار جو نقصان ٿيندو رهي ان جي ملڪ جي ترقي جا خواب ڏسڻ به ائين ئي آهي جئين آسمان تا تارا لاهي پليٽ ۾ رکجن
دنيا ۾ زراعت ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ جديد اوزار ڪتب آندا پيا وڃن ان جو سبب وڌندڙ آبادي ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيڻ کان بچڻ آهي ٻاهرين ملڪن جي حڪومت کي پنهجي ماڻھن جو اونو هوندو آهي پر اسان جي ملڪ جو نظام ئي ابتو آهي هتي ماڻھن کي بکون ڏئي خدڪشين تي مجبور ڪيو وڃي ٿو جئين آبادي ڪنٽرول ۾ رهي اسان وٽ زرعي يونيورسٽيون ته آهن جن ۾ پڙهائي به هلي ٿي پر اهي شاگرد پاس ٿي وري يا پرائمري استاد ٿي ٿا وڃن يا وري ڪنهن ٻي شعبي ۾ پاپي پيٽ لاءِ نوڪري ڪن ٿا
جڏهن ته ان ڳالھه کان به منهن نٿو موڙي سگهجي ته زراعت جي ترقي سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو حڪومت کي گهرجي ته پنهنجي اڌارن کي فعال ڪري انهن مان راشي آفيسرن کي گهر ڀيڙو ڪري انهن جي جاء تي ايماندار آفيسر مقرر ڪري ملڪ جي ترقي ۾ پنهجو ڪردار ادا ڪن ۽ زراعت تي ڌيان ڏئي آباگارن کي سهولتون مهيا ڪري دنيا ۾ نئون مثال قائم ڪن پر اهو ناممڪن ٿو لڳي ڇو ته هتي ڪرسي صرف ٽائيم پاس لاءِ ۽ پنهجا بينڪ بيلينس ڀرڻ لاءِ اقتدار ۾ اچن ٿا .