واهه اسلام آباد! اوهان جي مهمان نوازي

تحرير: زارا نواز شيخ

ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ مظلوم، بهادر نياڻي،  ڌيءَ ۽ ڀيڻ به آهي جيڪا بلوچستان مان عورتن ۽ ٻارن جي هڪ وڏي ۽ غير روايتي احتجاجي جلوس جي اڳواڻي ڪندي اسلام آباد پهتي ته  هن مزاحمتي ڀيڻ کي ان شهر ۾ سخت مزاحمت ۽ مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن جي شديد مذمت ڪجي ٿي.

عام طور عورتون ڪنهن گهر وينديون آهن ته سندن احترام ڪيو ويندو آهي پر اسلام آباد جي ميزبانن مٿن تشدد ڪيو، سخت سياري جي موسم ۾ ٿڌو پاڻي مٿن اڇلايو ويو. زمين تي ڀڄايو ويو  ڇا ڇا نه ڪيو ويو سندس ساٿي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي جيل حوالي ڪيو، پر جيئن ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ شهر جي اخلاقي پستي واري اوندهه کي پنهنجي چنڊ جهڙي چهري سان روشن ڪيو آهي، تيئن مزاحمت ۽ احتجاج جي تاريخ کي نئين باب طور متعارف ڪرايو آهي.

ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته پاڪستان جو نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي صوبي بلوچستان جي لڄ رکي ها ۽ بلوچستان مان پنهنجي گم ٿيل مائٽن ۽ پيارن عزيزن قريبن کي ڳولڻ لاءِ بلوچستان مان ايندڙ ڌيئرن، ڀينرن ۽ ننڍڙن ڇوڪرين کي فون ڪري ها، وزير اعظم هائوس پهچڻ تي پهريان کين گرم چادرون پيش ڪري ها، سندن مٿي تي شفقت ڀريو هٿ رکي ها، رهائش جو بندوبست ڪري ها ۽ پوءِ انهن ڇوڪرين ۽ ڌيئرن سان گڏ فرش تي ويهي ۽ انهن کي ٻڌي،ڪري جيڪر اخلاقي رواتين کي جياري ڏيکاري هان.  بلوچستان صوبي جي سڀني ڌيئرن، ڀينرن ۽ بزرگن جي عزت ڪرڻ گهرجي ها، پر سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيو، ٻيو ته ڇڏيو اسلام آباد جا عام شهري رضا ڪاراني طور جيڪا سندن مدد ڪري رهيا آهن حڪومت تن ۾ به رنڊڪ وجهي رهي آهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين لاءِ ٻن بي اختيار ماڻهن کي موڪليو جن هيٺ زمين تي عورتن بچن سان گڏ ويهڻ پنهنجي توهين پئي سمجهي. ڊاڪٽر ماه رنگ بار بار چوندي رهي اچو ويهي ڳالهيون ٿا ڪريون، سڀني جي سامهون هلو ويهو پنهنجو تعارف ڪرايو پر حڪومت اهڙو ظرف ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي.

اهڙي صورتحال مان حڪومت جي سنجيدگيءَ جو بخوبي اندازو ٿي رهيو آهي ته حڪومت بلوچستان جو مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ احتجاج ڪندڙن کي پريشان ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺي رهي آهي، جنهن سبب بلوچستان ۽ وفاق جا لاڳاپا خراب ٿيڻ جو خدشو آهي. حڪومت جي اها نااهلي آهي. سڪيورٽي جي ذميوار ادارن کي ان طرف سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ناڪامي يا بدانتظامي جو الزام سڪيورٽي ادارن تي لڳائي سگهجي ٿو، احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين ۾ جيتري دير ڪبي ته ڪو وڏو سانحو برپا ٿي سگهي ٿو.

وفاق کي انهن بلوچ ڌيئرن ۽ ڀينرن سان عزت ۽ وقار وارو ورتاءُ ڪرڻ گهرجي جيڪي پنهنجي ئي وطن جي دارالحڪومت ۾ آيل آهن. پر هتي احتجاج لاءِ آيلن شاگردن کي به گم ڪيو ويو آهي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته بلوچستان جي مسئلن کي اهڙي روش دٻ دٻي سان ڍڪي نه ٿو سگهجي، اهي مسئلا بلوچ عوام جي اطمينان مطابق حل ٿيڻ گهرجن.

ستم ظريفي اها آهي ته اسلام آباد ۾ بلوچستان جي ڪوٽا تي جليل القدر عهدو، اعليٰ مقام ۽ لامحدود مراعتون حاصل ڪندڙ نام نهاد بلوچ بزرگ ڊاڪٽر ماہ رنگ بلوچ جي تحريڪ کي پنهنجي وجود لاءِ خطرو سمجهي رهيا آهن. اهو رويو ناقابل قبول ۽ ناقابل برداشت آهي. انهن بلوچ نياڻين سان ٿيندڙ ظلم اسان سڀني لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي. جيڪڏهن انهن جا گم ٿيل ڀائر، پٽ ۽ پيءُ واپس وڃن ته رياست جي عزت وڌي ويندي.

ماه رنگ صرف بلوچستان جي مظلوم بيگناھ نوجوانن بچن عورتن ٻارڙن جو تحفظ ،سلامتي گهري ٿي جيڪو ڪنهن ريت به غيرقانوني ۽ غير آئيني مطالبو ناهي. پر امن نموني زندگي گذارڻ هر انسان جو بنيادي حق عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪنهن به حڪومت جو اولين فرض هوندو آهي.

ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته پاڪستان جو نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي صوبي بلوچستان جي لڄ رکي ها ۽ بلوچستان مان پنهنجي گم ٿيل مائٽن ۽ پيارن عزيزن قريبن کي ڳولڻ لاءِ بلوچستان مان ايندڙ ڌيئرن، ڀينرن ۽ ننڍڙن ڇوڪرين کي فون ڪري ها، وزير اعظم هائوس پهچڻ تي پهريان کين گرم چادرون پيش ڪري ها، بلوچستان صوبي جي سڀني ڌيئرن، ڀينرن ۽ بزرگن جي عزت ڪرڻ گهرجي ها، پر سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيو، ٻيو ته ڇڏيو اسلام آباد جا عام شهري رضا ڪاراڻي طور جيڪا سندن مدد ڪري رهيا آهن ، حڪومت تن ۾ به رنڊڪ وجهي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.