عدم تحفظ جو شڪار عورتون ۽ ٻار

تحرير: عزيزه حنا عباسي

ڇا سنڌ جون مائرون هاڻي اولاد ڄڻڻ تي انهن کي ماري ڇڏين ،يا هنن جي وس ۾ هجي ته ٻار ،پر خاص طورڌيئرون ڄڻڻ بند ڪري ڇڏين،ڇو ته جهڙا ڪلور هتي معصوم ٻارن ۽ نياڻين سان ٿي رهيا آهن شايد دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ هجن،

سنڌ ۾ عورتن تي هر طرف کان زندگي علم ۽ ترقي جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن آخر ڇو؟ اسان جو ماحول واپس وحشي پڻي ڏانهن وڌي رهيو آهي.آهي،دنيا جون قومون اڳتي ترقي ڪنديون آهن اسان جي قوم ناقص حڪمراني لاقانونيت جي ڪري واپس پويان پير ڪري رهي آهي،جهالت جي اونداهي اسان جي سماج کي تيزي سان کائيندي پئي وڃي،سنڌ جنهن ۾ هميشه عورت کي ست قرآن ڪري سڏيو ويندو هو، پر اڄ اتي عورت مرڻ بعد قبر ۾ به محفوظ ناهي ڪو معصوم ٻار محفوظ ناهي هر ڏينهن تي جون اخبارون ۽ سوشل ميڊيا اهڙين خبرن سان ڀريل هوندي آهي جنهن ۾ معصوم ٻارن سان جنسي ڏاڍائي ۽ قتل جون خبرون هجن ٿيون،جيئن جيئن دنيا ترقي ڪري پئي تيئن تيئن اسانجو سماج پويان پير ڪري واپس جهالت جي دور ۾ داخل پيو ٿئي ان جا سبب ڪهڙا آهن؟

هڪ وڏو سبب ته اهو سمجھه ۾ اچي ٿو ته قومن کي پنهنجو غلام بنائڻ لاءِ انهن کي علم آگاهي ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين کان اڻڄاڻ رکيو ويندو آهي ته جيئن هو پنهنجي مدار مان نه نڪرن،۽ پنهنجي پراڻي سوچن جي ريتن رسمن جي مدار ۾ ئي گهمن ،اسان وٽ علم جي کوٽ جي ڪري ئي شعور جي کوٽ آهي ،مسلسل آمريتن جي دور ۾ ڪجھه سياسي سماجي اڳواڻن طرفان معاشري ۾ بيداري مهم جڏهن هلائي وئي تڏهن اهو عرصو وڏي شعور کي جنم ڏئي ويو ،جنهن جو مثال اڄ ڪجهھ  اڳواڻن جي جدوجهد ۾ مشڪل سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ سنڌ جو ٽيھارو  سيڪڙو عوام ئي اڄ باشعور وڃي بچيو هوندو ،باقي سنڌ ي عوام کي مختلف مسئلن ۾ منجهائي ،خيراتن تي هيرائي،بيروزگاري جي باھ ۾ جلائي ڌارين جون لوڌون مٿي ۾ هڻي انهن جي سوچ سمجھه کي يرغمال ڪيو ويو آهي جنهن ۾ وڏو عنصر اولاد کي دنياوي تعليم کان دور ڪري صرف ديني تعليم ڏيڻ جو محور بڻايو ويو ،جڏهن ته اصل اسلام اسان کي بلڪل به دنياوي تعليم کان نٿو روڪي پر هتي هٿ ٺوڪيا رواج پروان چڙهائي انهن کي اونداهي جي کڏ ۾ اڇلائي جاهل رکي پاڻ ۾ ويڙهائي قبيلائي تڪرار ڪرائي تماشو ڏٺو پيو وڃي.

اڄ اسان جو نياڻيون ته ڇا پر ڪي به معصوم ٻار محفوظ ناهن،اسان وٽ بگاڙ ايترو وڌي چڪو آهي،جو چئني پاسن کان مائٽ ڊپ ۾ ورتل تهن ٿا ته ڪٿي ٻار اسڪول ۾ محفو ظ آهي يانه ڪٿي گهر کان ٻاهر بيهڻ تي به محفوظ آهي يا نه،ان خوف کي پيدا ڪندڙ اسان جا اهي ادارا آهن جن جي ذميداري عوام کي تحفظ ڏيڻ آهي جيڪا هنن جي ڊيوٽي آهي پر هو اهو تحفظ انهن شخصيتن کي ڏيندا آهن جن وٽ اڳ ۾ ئي خانگي گارڊن جي ڀرمار لڳل هوندي آهي. ادارا عام عوام کي هن وقت صرف سور ٻيڻا ڪري ڏيئي رهيا آهن ڇو ته ڪوبه عزتدار ماڻهو جيڪڏهن مجبورن به ڪا شڪايت کڻي وٽن وڃي ٿو ته انهن جي غلط رويي جي ڪري وري وڃڻ  جي توبهه ڪري ٿو،

اسان جو معاشرو بغير ڪنهن سونهين جي اٺ وانگر مسلسل سفر ۾ آهي ،خبر ناهي ڪڏهن هن قوم جو ڪو سٺو سونهون نصيب  ٿيندو يا ڪو مڙس مڻيادار ۽ هڏ ڏوکي  اڳواڻ ملندو جيڪو. سنڌ جا اهي سڀ ٻرندڙ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندو ته جيئن هن ظلمت. ۽ خوف واري دور مان خاص طور تي نياڻين ۽ خوف ۾ جڪڙيل مائٽن سميت هن سڄي قوم کي تحفظ ۽ آٿت ملي ۽ هو پنهنجو پاڻ ٻچن سميت پاڻ کي محفوظ سمجهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.