مغوين جي بازيابي لاءِ  ڌرڻا جاري، اختيارين جا واعدا وفا نه ٿيا

ڪشمور ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ جاري ڌرڻي جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌي ويو آھي. سنڌ جي نگران گھرو وزير ڪراچي ۾ لڳل ڌرڻي دوران ٻن ھفتن جي اندر ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪرڻ جو اعلان ڪندي دعويٰ ڪئي تھ ٻن مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آھي.باقي مغوي 12 ڪلاڪن جي اندر بازياب ڪرايا ويندا.ان سلسلي م تاحال مغوي وارثن تائين نھ پھتا آھن.جنھن ڪري عوام۾ ويتر ڪاوڙ پيدا ٿي رھي آھي.

ڪشمور ۾ ڌاڙيلن وٽ يرغمال ٿيلن جي بازياني جي لاءِ  شھري ڌرڻو ھڻي ويٺل آھن.جن کي چوٿون ڏينھن آھي.شھر ۾ شٽر بند ھڙتال جاري آھي.  موٽ ۾ جڏھن انتظاميھ مغوين کي بازياب ڪرائڻ بجاءِ غيرذميواري جو مظاھرو ڪندي، ڌرڻي ھڻندڙن کي ھٽائڻ جي لاءِ اڻ ڊنگي طريقي اختيار ڪرڻ جو دٻاءَ وڌو تھ ان جي موٽ ۾ آچر واري شام ڪراچي ۾ ٽي تلوار تي ۽ سومر واري شام حيدرآباد باءِ پاس وٽ سنڌ جي سول سوسائٽي ميدان ۾ نڪري آئي.

سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي سرحد تي واقع سنڌ جي اھم ضلعي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ جي ڪيترن ئي اغوا ٿيل شھرين جي بازيابي  لاءِ ھندو پنجائٽ ۽ انھن جي نوجوانن پاران احتجاج جاري آھي.اندازي موجب درجن کان بھ وڌيڪ مغوي ڌاڙيلن وٽ قيدي بڻايل آھن.جن ۾ مکي جڳديش ڪمار ، معصوم جئديپ ڪمار،  ساگر ڪمار،گڊو اسپتال جي ايم ايس، ڊاڪٽر منير  نائچ سميت سمورن مغوين جي  آزادي لاءِ  احتجاج  ڪيو پيو وڃي

سڄي سنڌ ۾ بدامني جو راڄ آھي ۽ قانون خاموش تماشو ڏسي رھيو آھي.اھڙي تعدي ۽ بدامني جي باھ خلاف  احتجاج جي زور ٽوڙڻ جي لاءِ آچر واري ڏينھن شام جو اھي خبرون بھ گردش ڪنديون رھيون ھيون تھ انتظاميھ ڪجھھ مغوين کي بازياب ڪرايو آھي پر تاحال ان جي نھ تھ ڪا تصديق ٿي آھي ۽ نھ ئي وري پوليس جي ڪنھن ذميوار عملدا ر ان بابت ڪو اعلان ڪيو آھي.

عوام جي اھڙي احتجاج  جي نوٽيس نھ وٺڻ تي عوام ۾ ويتر ڪاوڙ پيدا ٿي رھي آھي.جنھن ڪري احتجاج جي دائري وڌڻ سان گڏ ان ۾ شدت پڻ پيدا ٿي رھي آھي.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو تھ ضلعي اندر صرف ڪاروباري طبقو نشاني تي آهي. جنھن ۾ ھندو برادري جي ماڻھن جو  اغوا وڌيڪ ٿئي ٿو.بڊاڻي مان اغوا ٿيل نوجوان ديپ ڪمار ۽ بڊاڻي ھندو پنچائپ جي مکي جڳديش کي اغوا  ٽي مھينا گذري ويا آهن.پر حڪومت يا قانون لاڳو ڪنھن اداري ان بابت  ڪا ڪارروائي نھ ڪئي آھي.بلڪھ پوليس تھ ھميشھ جيان روايتي طور تي ماڻھن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آھي.عام ماڻھن ۾ ڪاوڙ جو ھڪ سبب خود پوليس جو بي ڍنگو رويو آھي.

سنڌ جو باشعور ماڻھون سمجھي ٿو تھ سنڌ ۾  اغوا ھڪ انڊسٽري آھي. ڌاڙيل اغوا ڪرڻ بعد انسانيت جا ليڪا لتاڙيندي، يرغمالين جون  وڊيوز  ڀري جاري ڪن ٿا، جنھن سان عوام ۾ خوف جي فضا پيدا ٿئي ٿي ۽ وري پوليس ان سموري معاملي کان لا تعلق بڻجي ٿي وڃي.سموري سنڌ ۾ ڏوھن جو گراف وڌي ويو آھي. جنھن ڪري ڪٿي بھ قانون جي رٽ نه آهي، پوليس رڳو شريف شھرين کي تنگ ڪرڻ  ۾ رڌل ھوندي آھي.

نگران حڪومت  گھٽ ۾ گھٽ امن امان برقرار رکڻ ۽ اغوا ڪيلن کي بازياب ڪرائڻ جي ذميواري تھ پاڻ کڻي پر ھن وقت تائين جي احتجاج ۽ ڌرڻن کانپوءِ بھ جنھن طرح جو عوامي احتجاج آھي ان بابت ڪو نوٽيس نھ ورتو ويو آھي.احتجاج ڪندڙن الزام مڙھيو آھي تھ  پوليس ڀاڱي ڀائيوار ٿي مغوين کي اغوا ڪرائڻ بعد مغوين جي وارثن کان ڪروڙين رپيا وصول ڪري  رهي آهي. ڪشمور ضلعي ۾ اھو ڪُڌو ڪاروبار بڻيل آهي.ڪشمور ۾ جاري ڌرڻي ۾ شھر جي سياسي سماجي ڌرين شرڪت ڪري ان جي حمايت ڪري ڪئي آھي.

ڪشمور جي شھرين جي حمايت ۾ ڪراچي ۾ لڳل ڌرڻي ۽ احتجاج بعد سنڌ جي گهرو وزير بھ پوليس جي حوالي سان ٻن مغوين جي بازيابي جي ڳالھھ ڪري. شام 6 کان لڳل ڌرڻو رات 10 وڳي ختم ڪرائي ڇڏيو .ڪراچي ۾ ٽي تلوار ڪلفٽن ۾ 4 ڪلاڪن جو احتجاج ختم ٿيڻ  بعد  رستا کوليا ويا.

گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز  موجب ساگر ڪمار ۽ منير نائچ بازياب ٿي چڪا آهن، جگديش ڪمار ۽ ٻين کي  12 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرايو ويندو، پريا ڪماري جي معلومات ناهي، جنهن بابت  تفصيل وٺي رهيو آهيان. جن جن مغوين جي آزادي لاءِ پيسا ڀريان آهن انهن جي رقم پڻ واپس ڪرائي ويندي.ھن پوليس  ۽ رينجرز جي نگراني ۾ آپريشن جو بھ اعلان ڪيو اھڙي آپريشن  جي نگراني ھو پاڻ ڪندو، ٻن هفتن اندر ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڪشمور ۾ لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ سومر شام تائين سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احجتاج ڪيو ويو ۽ مظاھرا ڪيا ويا آھن. سموري سنڌ ۾ سول سوسائٽي ۾ عوامي ھمدردي جاري آھي.اھو سلسلو نھ رڳو سوشل ميڊيا تي پر سموري سنڌ جي ٻھراڙين توڙي شھرن ۾ موجود آھي.

مظاھرو ڪندڙن جو اھو چوڻ آھي تھ سنڌ حڪومت ۽ ان جي انتظاميھ عام ماڻھون جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي.سنڌ جي ڪنھن بھ علائقي ۾ سرڪار جي رٽ نھ ھئڻ ڪري ڏينھون ڏينھن ڏوھھ وڌي رھيا آھن.جنھن ڪري سموري سنڌ ۾ معمول جي زندگيءَ رڪجي وئي آھي.قانون لاڳو ڪندڙ پوليس عوام جي ڀرجھلي ٿيڻ بجاءِ خاص ماڻھن جو تحفظ ڪرڻ ۾ پوري آھي.جنھن ڪري قانون جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن ۽ چوريون، ڦرون ۽ منشيات جو ڪاروبار جاري آھي.

سنڌ جي نگران حڪومت کي سنڌ جي اھم ۽ بنيادي مسئلي يعني امن امان بابت تڪڙن بنيادن تي قدم کڻي ماڻھن ۾ تحفظ جو احساس پيدا ڪرن گھرجي جئين عام ماڻھون ھن مھانگائي واري دور ۾ پنھنجي روزي روٽي جي لاءِ ڪو ڪاروبار يا ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ جي قابل رھي سگھي.

ھر حڪومت جو اھو ئي اولين فرض ٿئي ٿو. باقي سمورا معاملا امن امان جي مقابلي ۾ ثانوي حيثيت رکن ٿا. توقع ڪجي ٿي تھ حڪومت ھن حساس ۽ سنگين معاملي کي بھتر ڪرڻ ۾ ھاڻي ڪا سستي نھ ڪندي ۽ عوام جي تڪليفن جو احساس ڪندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.