اوور بلنگ خلاف درخواست تي نيپرا چيئرمين کان جواب طلب

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم باوجود اوور بلنگ ۽ بجلي جو بل دُرست نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي داخل درخواست تي نيپرا چيئرمين ۽ ڊي جي ڪنزيومر افيئرز کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس انوار حسين مقامي شهري شاهد محمود چوڌري جي درخواست تي سومر ڏينهن ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران درخواستگذار طرفان عدالت کي ٻُڌايو ويو ته هاءِ ڪورٽ 27 جون تي نيپرا چيئرمين کي بل جي درستگيءَ بابت حڪم ڏنو هو. عدالت نيپرا چيئرمين کي شاهد محمود چوڌري جي التوا هيٺ درخواست تي هڪ مهيني ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي حڪم تي اڃا تائين عمل ناهي ڪيو ويو. درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي ذميوارن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.