¨ ڪي واقعا بظاهر ننڍا ۽ روايتي هوندي به هڪڙين مخصوص حالتن ۾ وڏا ۽ غير روايتي ٿي ويندا آهن.
¨ ٽيون ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن جي تين تلوار تي ڌاڙيلن هٿان يرغمال ٿيل ڪشمور واسين جي بازيابي لاءِ سنڌين جي احتجاجي ڌرڻي ۾ وارهه سان تعلق رکندڙ ڪامريڊ منان چانڊيو جي نياڻي مُرڪ منان چانڊيو جو پرجوش، جذباتي ۽ اتساهيندڙ سياسي نعرن وارو منظر بظاهر ننڍو ۽ راويتي هوندي به وڏو ۽ غير روايتي بڻجي ويو هو.
¨ ڪراچي کان سنڌ کي ڌار ڪرڻ واري مهم ۽ سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ کان روڪڻ واري سياسي جدوجهد جي پسمنظر ۾ سنڌين جي ڪراچي ۾ وڏي تعداد ۾ اچڻ ۽ هتي انهن جي سياسي ۽ ادبي سرگرمين کي اسان انتهائي وڏي اڳڀرائي سمجهندا رهياآهيون.
¨ ان پسمنظر ۾ وارهه جي هڪ نياڻيءَ جو ڪراچيءَ ۾ اچڻ ۽ انجي فضا ۾ سياسي ۽ انقلابي نعرا هڻڻ ۽ احتجاجي جلسي کي پرجوش بڻائڻ واري سندس ڪم کي اسان هڪ غير معمولي عمل سمجهون ٿا. جنهن حقيقي معنيٰ ۾ اسان کي به نئون اتساهه ڏنو آ.
¨ ان ڪيفيت کي ڪو آدرشي، سياسي ۽ سنڌ جو محب وطن فرد ئي سمجهي سگهي ٿو جيڪو سنڌ جي سياسي تاريخ کان واقف آهي.مرڪ منان چانڊيو به ان سياسي تاريخ کان چڱيءَ ريت باخبر آهي.
¨ ڪير مڃي يا نه مڃي پر اڄ جي سنڌ ڪافي تبديل ٿي وئي آهي. اڄ وارهه جي هڪ سنڌي نياڻيءَ کي ڏسو ته هن ڪيڏي نه بلند، پراعتماد ۽ پرجوش زبان ۾ سو به ڪراچي جي فضا ۾ انقلابي نعرن جي اڳواڻي پئي ڪئي.
¨ سنڌين جي قومي شعور ۽ خودمختياري جي تقاضا به اها ئي آهي ته ڪراچي جي سياسي قلعي کي فتح ڪجي ۽ ان قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي هٿياربند ۽ پرتشدد جدوجهد جي ضرورت ناهي. حالتن جي تقاضا اها آهي ته اوهان بس ڪراچيءَ ۾ پنهنجي آدمشماري وڌايو جيڪا درست رخ ۾ وڌي به رهي آهي.
¨ سياسي ۽ ادبي ماحول جي اها ئي اهميت هوندي آهي جنهن کي اسان سنجيدگي مان ناهيون وٺندا. مرڪ به هڪ ادبي ۽ سياسي ماحول جي دريافت آهي. هن جي اتساهه جو پهريون مرڪز سندس والد رهيو آهي. جيڪو رسول بخش پليجو صاحب جي اسڪول آف ٿاٽ جو آهي ۽ مرڪ منان وري اهو سياسي مڪتبه فڪر پنهنجي والد کان حاصل ڪيو.
¨ ان جي سياسي تربيت ۽ اتساهه جو ئي نتيجو آهي جو مرڪ منان چانڊيو اڄ وارهه مان نڪري ڪراچي ۾ سنڌين جي سياسي وجود کي پنهنجن نعرن سان بيدار ڪري رهي هئي.
¨ سندس نعرن جي گونج ۾ مارئي جي حب الوطني به هئي ته سسئي جي جدوجهد به هئي ته اڄ جو سياسي غصو به هو. جنهن جو اظهار ۽ احتجاج هوءَ بلند بالا نعرن سان ڪري رهي هئي. ان ماحول ۾ مرڪ به اڄ جي سورمي نظر اچي رهي هئي.
¨ اهو ڪيڏو نه سهڻو منظر هو جو هڪ نياڻي سنڌي قوم کي سياسي طور بيدار ڪري رهي هئي ۽ سنڌين جي قومي جذبن کي جوش ۽ ولولو عطا ڪري رهي هئي.سندس ان سياسي ڪم کي ڏسي دل ٿي گهري ته اسان به سندس حق ۾ هڪ زوردار نعرو هڻون ته ”مرڪ منان چانڊيو زنده باد“
¨ سو ايئن سنڌين کي پنهنجين صلاحيتن پٽاندڙ سنڌ جي مفاد ۾ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي. مرڪ منان ان موقعي تي جيڪو ڪم ڪيو سا اها ئي ڪري پئي سگهي ۽ ان کي ئي ڪرڻ گهرجي ها. جيڪو هن ڪيو.
¨ ڪامريڊ منان چانڊيو جو روح ڪيڏو نه سرخرو هوندو جو ان جي نياڻي سندس ئي سياسي نقش قدم تي نه رڳو هلي رهي آهي پر پاڻ ملهائي به ڏيکاري رهي آهي.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته شئين کي جيڪڏهن اسان مثبت نموني ۽ درست رخ ۾ نه ڏسنداسين، رڳو مايوسي پکيڙينداسين ته پوءِ اهڙيون اتساهيندڙ حقيقتون به نظرانداز ٿي وينديون آهن. جيڪي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجن. اسان کي اها حقيقت مڃڻي پوندي ته سنڌ جو تاريخي سياسي شعور نوجوان نسل ۾ به منتقل ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي. ضرورت رڳو اوڏانهن واجهائڻ ۽ سندن همت افزائي ڪرڻ جي آهي.