ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور ڪوريوگرافر ۽ فلمساز فرح خان انڪشاف ڪيو آهي ته يوٽيوب تي وِلاگنگ سان مون کي غير معمولي آمدني ٿي آهي.
فرح خان جا يوٽيوب ولاگز تمام گهڻا مقبول آهن ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ باورچي دليپ به سٺي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي.
سوها علي خان جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي فرح خان ٻڌايو ته ٽيم جي مسلسل اصرار تي مان يوٽيوب چينل شروع ڪيو ۽ ان کي کاڌن بابت مواد تي ٻڌل رکيو.
هن ٻڌايو ته يوٽيوب تي مون کي مڪمل آزادي حاصل آهي، ڇو ته نه ڪو او ٽي ٽي پليٽ فارم، ٽي وي چينل يا پروڊڪشن هائوس نه چوندو آهي ته ڇا ڏيکارڻو آهي ۽ ڪنهن کي گهرائڻو آهي، يوٽيوب تي ڪاميابي کانپوءِ مون کي سلور پلي بٽڻ به ملي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته مان گذريل 11 ورهين کي فلم ڊائريڪشن کان پري آهيان ۽ يوٽيوب ان ڪري شروع ڪيو هو ته جيئن پنهنجي ٽن ٻارن جي يونيورسٽي جي تعليم جو خرچ پورو ڪري سگهان.
فرح خان اپريل 2024 ۾ پنهنجي پهرين وڊيو پوسٽ ڪئي، جن ۾ هوءَ باورچي دليپ سان گڏ کاڌو پچائيندي نظر آئي.
اهو سلسلو جلد ئي مقبول ٿي ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي لکين ماڻهن ان جو چينل سبڪرائب ڪري ورتو، اڄ فرح خان جا يوٽيوب تي تقريبن اڍائي لک سبسڪرائبر ۽ انسٽاگرام تي 45 لک فالوئر آهن.
فرح خان چيو ته مان پنهنجي سڄي فلمي ڪيريئر ۾ هڪ سال دوران ايترا پيسا نه ڪمايا، جيترا يوٽيوب تي ولاگنگ سان ڪمايا آهن.
You might also like