سنڌ جي نامياري اديب، پروڊيوسر، گلوڪار ۽ موسيقار بيدل مسرور ۽ مشهور اداڪارا بينا مسرور جي گهران ڪجهه هفتا اڳ ٻه ڀيرا چوري ٿيڻ جو انتهائي افسوس ۽ ڳڻتي جوڳو واقعو ٿيو هو جنهن جو هونئن ته گهرو وزير ضياءَ لنجار کي نوٽيس وٺڻ گهربو هو پر ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ان جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ان ڏوهارين جي جلد گرفتاري جو حڪم پڻ ڏنو پر عملي طور ان ڏس ۾ ڪا سنجيده ۽ فيصلائتي ڪارروائي ٿيندي نظر نه ٿي اچي. واضح رهي ته بيدل مسرور جي گهران هڪ ڀيرو ته چوري ٿي پر رپورٽون آهن ته جڏهن ان چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ متاثر ڌر پوليس ٿاڻي تي وئي ته ان وچ چوري جي ٻي واردات به ٿي وئي هئي ۽ ٻئي ڀيرا چور چوري ڪري ڪاميابي سان فرار ٿي ويا.
اسان ته سنڌ جي اثاثي نما بيدل مسرور ۽ بينا مسرور جي گهر مان ٿيل چوري کي ناقابل برداشت واردات سمجهون ٿا ۽ چورن کي للڪاريندي چئون ٿا ته آخر انهن کي پنهنجن پليت پيرن ۽ گندي ذهنيت سان ان ڪتابن واري مقدس ۽ سر سنگيت جي عبادت جهڙي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي همت ڪيئن ٿي جنهن گهر ۾ شاهه ڀٽائي ۽ سچل کان وٺي جديد سنڌ جي بي ادبي، سياسي، سماجي، تاريخي ۽ فنون لطيفه سان سلهاڙيل سوچ ۽ فڪر ڪتابي شڪل ۾ موجود آهي ۽ انهن ڪتابن جي شڪل ۾ شاهه ڀٽائي سميت عظيم شخصيتون موجود آهن جن سان بيدل مسرور روز رهاڻيون ڪندو آهي ۽ موسيقي جون محفلون مچائيندو آهي.
اهو ته ٿيو اسان جو خيال، اسان بيدل مسرور ۽ اداڪارا بينا مسرور جي گهر مان ٿيل چوري کي ناقابل برداشت رويي سان ڏسون ٿا پر سوال اهو آهي ته سنڌ حڪومت ان چوري کي ان ناقابل برداشت رويي سان ڇو نه ٿي ڏسي؟ اصولي ۽ اخلاقي طور تي ڏسجي ته حڪومت کي ته سنڌ جي هر گهر کي ان نظر سان ڏسڻ گهرجي ڇو ته اها عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي ڊيوٽي تي مقرر آهي، پر ڏٺو اهو ويو آهي ته هتي ڏوهارين، ڌاڙيلن، قاتلن ۽ بدي جي طاقتن کي تحفظ ڏنو ويندو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڏوهارين کي ڪو ڊپ ڊاءُ ناهي هوندو. اهي جڏهن ۽ جتي چاهين ڪا به ننڍي وڏي واردات ڪري سگهن ٿا جنهن جو وڏو مثال اهو آهي ته بيدل مسرور جي گهر مان چورن کي ٻه ڀيرا چوري ڪرڻ ۾ ڪو ڊپ محسوس نه ٿيو. انهن چورن ان ڳالهه جي به پرواهه نه ڪئي ته متاثر ڌر ٿاڻي تي چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ويل آهي پوءِ به ان وچ ۾ انهن چورن ٻيهر ساڳي گهر ۾ چوري ڪري اهو پيغام ڏنو ته اهي ايف آءِ آرون اسان جو ڪجهه بگاڙي نه ٿيون سگهن، ڀلي ڪيتريون به ايف آءِ آرون داخل ڪريو.
هڪ لحاظ کان ڏسجي ته اها حقيقت به آهي، سنڌ اندر الائي ڪيتريون چوريون جون ايف آءِ آرون داخل ٿيل آهن پر اٽي ۾ لوڻ برابر ئي چوريون واپس ٿيون هونديون. اها صورتحال مجموعي طور تي اسان جي پوليس کاتي جي نااهلي خلاف خود هڪ وڏي ايف آءِ آر ئي آهي. پر مجال آهي جو ان جو حڪومت ۽ پوليس کاتي تي ڪو اثر پوي. چورين ۽ ڏوهارين خلاف جيتريون ايف آءِ آر داخل ڪبيون آهن ته ردعمل ۾ ان کان ٻيڻيون، ٽيڻيون، چؤڻيون ۽ ڇهوڻيون وارداتون وڌي وينديون آهن جن کي عوام ”ٿورو لکيو، گهڻو سمجهندو آهي.“ نتيجي ۾ عوام به هاڻي آهستي آهستي ڏوهن جون ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ کان بددل ٿيندو پيو وڃي ۽ لڳي ٿو ته پوليس کاتو ۽ حڪومت به اهو ئي چاهي ٿي ته عوام ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي زحمت نه ڪري ۽ نه ئي پنهنجو ۽ ٻين جو وقت زيان ڪري.
پر پوليس ۽ حڪومت کي ڪن کولي ٻڌڻ گهرجي ته اسان بيدل مسرو ۽ بينا مسرور جي گهر مان ٿيل چوري کي ڦٻڻ نه ڏينداسين. مسئلو رڳو چوري جي قيمت جي واپسي جو ناهي پر ان بي حرمتي جو آهي جيڪا چورن هڪ مقدس ۽ احترام لائق گهر ۾ گهڙي ڪئي آهي. اسان کي اهي پليت پير وائکا ڪرائڻا آهن ۽ انهن کي سزا ڏيارڻي آهي. اهو رڳو عوامي آواز ميڊيا گروپ جو ئي موقف ناهي پر سڄي سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي، علمي حلقي جو موقف آهي جيڪو سراپا احتجاج آهي ۽ ان سڄي حلقي ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي.
پنهنجو زور وري به ان ڳالهه تي آهي ته بيدل مسرور ۽ بينا مسرور جي گهر مان ٻه ڀيرا ٿيل چوري جي جيڏي ڳڻتي عوام کي آهي، سياسي، سماجي. علمي ۽ ادبي حلقي کي آهي ايڏي پريشاني حڪومت کي ڇو ناهي. سنڌ جي ثقافت جي وزير ته اخلاقي طور بيان ڏئي ڪري پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي پر اصل نوٽيس ته گهرو وزير ضياءَ لنجار کي وٺڻ گهرجي نه. اهو ڇو هن معاملي کان لاتعلق بڻيل آهي، هن کي ان واقعي جي ڇو ڳڻتي ناهي. سندس ان پاسي ڇو سنجيدگي نظر نه ٿي اچي ۽ جيڪڏهن اهو لاتعلق آهي، غير سنجيده آهي ته حڪومت ۽ ان جي وزيرن کي ان حوالي سان پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي. انهن جي اها لاتعلقي ۽ غير سنجيدگي اصل ۾ ڏوهارين ۽ چورن جي حق ۾ وڃي ٿي ۽ انهن جي خاموش حمايت سمجهي وڃي ٿي جيڪا پڻ ناقابل برداشت ٿيندي پئي وڃي. ان کان اڳ جو عوام جو صبر لبريز ٿئي ۽ اهو پ پ جي حڪومت جي ڪارڪردگي خلاف ووٽ ڏئي، سنڌ سرڪار پاڻ بدامني جي معاملي کي ضابطي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري ۽ اها ڪوشش ان احساس وچان ڪري ته سڄي سنڌ بدامني جي ور چڙهيل آهي ۽ عوام مڪمل طور تي بيزار ٿي چڪو آهي ۽ اهو حڪومتي ڪارڪردگي مان بلڪل به مطمئن ناهي.