آمريت ڪنهن به نالي يا عنوان سان هجي، ان جو بنياد عام طور تي دلڪش دعوائن ۽ جذباتي نعرن تي بيٺل هوندو آهي. نظرياتي آمريت اهو جواز پيش ڪندي آهي ته مڪم ل سچ صرف اسان وٽ آهي، جڏهن ته ٻيا سڀ نظريا غلط ۽ گمراهه ڪندڙ آهن، تنهن ڪري پنهنجي نظريي کي ڦهلائڻ ۽ دنيا تي لاڳو ڪرڻ اسان جو فرض آهي. اهڙيءَ ريت نسل يا رنگ جي برتري تي ٻڌل آمريت ۾ ٻين قومن کي پاڻ کان گهٽ سمجهي، انهن کي غلام بڻائڻ يا پنهنجي مرضي موجب "مهذب” بڻائڻ کي نيڪ مقصد قرار ڏنو ويندو آهي. اهڙي سوچ مان فاشزم ۽ سامراجيت جنم وٺندا آهن، جن جا ڏکوئيندڙ نتيجا دنيا ڊگهي عرصي تائين ڀوڳي چڪي آهي. شخصي يا فوجي آمريتون وري اهو خوف پيدا ڪري پنهنجو وجود جائز ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته ڪي قوتون اسان جي وجود جون دشمن آهن، تنهن ڪري ملڪ جي سلامتي صرف هڪ سخت آمرڻي نظام ذريعي ئي ممڪن آهي
. پر تاريخ جو تجربو ٻڌائي ٿو ته جن ملڪن تي ڊگهي عرصي تائين آمريت مسلط رهي، انهن مان گهڻا آخرڪار معاشي تباهي، سياسي افراتفري ۽ سماجي بيچيني جو شڪار ٿيا. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته آمرانه نظام سياسي، معاشي، علمي يا فڪري، زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ تنوع ۽ مختلف راءِ کي برداشت نٿو ڪري. اهڙي نظام ۾ اختلافِ راءِ ۽ آزاد سوچ کي ڏوهه سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ڪنهن سماج کان انساني، جمهوري ۽ قومي حق کسيا وڃن ته اهو سياسي گھُٽ ۽ خوف جي ماحول ۾ پنهنجي تخليقي صلاحيت وڃائي ويهندو آهي. آمراڻي حڪومتن جو مرڪزي ڌيان اندروني ۽ ٻاهرين "دشمنن” تي هوندو آهي، تنهن ڪري قومي آمدني جو وڏو حصو فوجي ۽ غير پيداواري شعبن تي خرچ ٿيندو آهي، جنهن سبب معيشت جمود جو شڪار ٿي ويندي آهي ۽ ان جا نتيجا انتهائي خطرناڪ نڪرندا آهن.
ان حوالي سان هڪ وڏي طاقت ۽ بي انداز وسيلن سان مالا مال ملڪ سوويت يونين جو مثال ڏنو ويندو آهي، جنهن کي آمراڻي نظام صرف 75 سالن اندر دنيا جي نقشي تان ختم ڪري ڇڏيو. 1991ع ۾ ٽٽڻ کان اڳ سوويت يونين دنيا جي ٻي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت هو. ان جي ايراضي ٻه ڪروڙ چوويهه لک چورس ڪلوميٽر ۽ آبادي لڳ ڀڳ 29 ڪروڙ هئي. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ان تيزي سان ترقي ڪئي. اهو اهو دور هو، جڏهن ٽيڪنالاجي اڃا مڪمل طور تي انساني محنت جي جاءِ نه ورتي هئي. معيشت مڪمل طور حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هئي، تنهن ڪري ترقي لاءِ انساني ۽ قدرتي وسيلن کي وڏي شدت سان، ۽ ڪيترين ئي حالتن ۾ بي رحمي سان استعمال ڪيو ويو. پر ان ترقي جا فائدا عام شهرين تائين نه پهچي سگهيا.
صارفين لاءِ ڪهڙي ڊزائن ۽ معيار جون شيون، ڪيتري مقدار ۾، ڪڏهن ۽ ڪٿي تيار ڪيون وڃن، ان جو فيصلو مارڪيٽ جي گهرج يا ماڻهن جي پسند بدران ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بيوروڪريسي ڪندي هئي. هر سال پيداوار وڌائڻ جا هدف مقرر ڪيا ويندا هئا ۽ سرڪاري رڪارڊ ۾ اهي مڪمل به ڏيکاريا ويندا هئا. نتيجي ۾ عام ماڻهو سالن جا سال ساڳئي قسم جون شيون استعمال ڪرڻ تي مجبور رهندا هئا، ڀلي انهن کي پسند هجن يا نه. جدت، ايجاد ۽ نون خيالن جي واڌاري لاءِ آزاد مقابلو ضروري هوندو آهي. جيڪڏهن شين ۽ خدمتن جي پيداوار تي صرف حڪومت جي اجاره داري هجي ته صارف جي حيثيت هڪ اهڙي غلام جهڙي ٿي وڃي ٿي، جنهن وٽ پنهنجي پسند جو ڪو اختيار نه هجي ۽ جيڪو ڪجهه ملي، اهو ئي قبول ڪرڻو پوي.
عالمي سطح تي سوويت يونين کي ايٽمي هٿيارن، ميزائلن، بري، بحري ۽ هوائي فوج ۽ خلائي ميدان ۾ مغربي ملڪن سان سخت مقابلو هو، تنهن ڪري انهن شعبن ۾ ان جي ترقي قابلِ رشڪ هئي. هڪ عام سوويت شهري کي شايد اهو ته معلوم هوندو هو ته سندس ملڪ جو خلا باز ڪهڙي ڏينهن ۽ ڪهڙي وقت زمين تي لهندو، پر اهو يقين سان نه ٻڌائي سگهندو هو ته سندس گهر جو اهو فرد، جيڪو روزانو راشن وٺڻ لاءِ مختلف قطارن ۾ بيهندو هو، آخر ڪڏهن گهر موٽندو.
آمريت ۾ نظرياتي ۽ سياسي اختلاف ۽ آزاد ميڊيا جي گنجائش نه هئڻ سبب وڏن بحرانن جي بروقت سڃاڻپ ممڪن نه رهندي آهي. چين ۾ 1959ع کان 1961ع تائين هڪ وڏو ڏڪار آيو. ان جي اهم سببن مان هڪ حڪومت جو اهو حڪم هو ته تيز صنعتي ۽ زرعي ترقي لاءِ "وڏي ٽپو” واري مهم تحت لوهه جون شيون ۽ اوزار ڳاري اسٽيل جي پيداوار وڌائي وڃي، ۽ چڙين ۽ ڪوئن کي ختم ڪري اناج بچايو وڃي. هارين حڪم تي عمل ڪيو، پر ان جا نتيجا ابتا نڪتا. زرعي نظام متاثر ٿيو، خوراڪ جي سخت کوٽ پيدا ٿي ۽ ملڪ ڏڪار جو شڪار بڻجي ويو، جنهن ۾ اندازي موجب ڏيڍ ڪروڙ کان چار ڪروڙ تائين ماڻهو فوت ٿيا.
جيڪڏهن ان وقت آزاد ميڊيا ۽ مضبوط سياسي مخالف ڌر موجود هجي ها ته ڏڪار جا ابتدائي آثار ظاهر ٿيندي ئي حڪومت کي خبردار ڪيو وڃي ها ۽ ايترو وڏو انساني الميو شايد پيش نه اچي ها. اهو به هڪ اهم حقيقت آهي ته اڄ تائين ڪنهن به مڪمل جمهوري ملڪ ۾ اهڙي نوعيت جو وڏو ڏڪار پيش نه آيو آهي. آمرانه حڪومتون ڪيترن ئي ڀيرا معاشي بحران کان ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ جنگ جو رستو اختيار ڪنديون آهن. اهڙي ئي صورتحال ۾، جڏهن سوويت يونين تي معاشي دٻاءُ وڌي رهيو هو، تڏهن 1979ع ۾ افغانستان ۾ فوجي مداخلت جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو انتهائي نقصانڪار ثابت ٿيو. نو سالن تائين جاري رهندڙ ان جنگ ۾ ڇهه لک کان وڌيڪ سوويت فوجين حصو ورتو، جن مان پندرهن هزار مارجي ويا، هزارين زخمي ٿيا ۽ ملڪ جي معيشت کي لڳ ڀڳ 35 ارب ڊالرن جو نقصان پهتو.
سوويت حڪومت جي آمدني جو وڏو حصو تيل ۽ گيس مان ايندو هو. ماضي ۾ تيل جي قيمت 142 ڊالر في بيرل تائين پهتل هئي، پر 1986ع ۾ اها گهٽجي صرف 24 ڊالر في بيرل رهجي وئي، جنهن سبب معيشت تي سخت دٻاءُ پيو. نتيجي ۾ سوويت حڪومت کي فيبروري 1989ع ۾ افغانستان مان پنهنجي فوج واپس ڪڍڻي پئي. مٿين مثالن جو مقصد صرف اڳوڻي سوويت يونين تي تنقيد ڪرڻ نه آهي، پر ان تاريخي حقيقت کي واضح ڪرڻ آهي ته آمريت، ڀلي ڪنهن به ملڪ وٽ بي مثال وسيلا، وڏي آبادي ۽ غيرمعمولي فوجي طاقت ڇو نه هجي، آخرڪار ان کي معاشي بحران، سماجي انتشار ۽ سياسي زوال ڏانهن وٺي وڃي ٿي. تاريخ جو صاف ۽ چٽو پيغام اهو ئي آهي ته آمريت، سڌي هجي يا اڻ سڌي، ان کان بچڻ ۾ ئي ملڪن ۽ قومن جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لڪيل آهي.