اسلام آباد( نجم سيٺي) فيصل واوڊا جڏهن ڳالهائيندو آهي ته اسان کي خبر پئجي ويندي آهي ته شعاعون ڪٿان کان اچي رهيون آهن يا کيس سپلائي، ڪٿان کان اچي رهي آهي. هن هڪ ڪيس کي بنياد بڻائيندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کان استعيفيٰ گهري آهي،ڊي ايڇ اي لاهور ۾ لڄالٽ ۽ ڦرلٽ جو شڪار پرڏيهي عورتون هن ملڪ مان روانو ٿي چڪيون آهن، پر جيڪي ان ڪيس ۾ گرفتار ٿيلن مان هڪ جو تعلق اسحاق ڊار سان جوڙيو پيو وڃي، رضا ڊار جي حرڪت تي هالينڊ جي سفارتخاني اسٽينڊ ورتو جنهن بعد پنجاب حڪومت حرڪت ۾ آئي،ان کان پوءِ ايس ايڇ او کي ڪٿان کان آرڊر آيو ته توهان فوري ميڊيڪل رپورٽ ڪرايو ،هو مئجسٽريٽ وٽ پهتو ته مئجسٽريٽ ناراض ٿي ويو، هن کيس چيو ته رات سوا ٽين وڳي ڪو وقت آهي اچڻ جو؟ هليا وڃو، سڀاڻي ڏسنداسين ڇا آهي. ايس ايڇ او واپس ويو ته کيس معطل ڪيو ويو ته ڇو توهان ويا، ڇو توهان ائين ڪيو وغيره وغيره،ڊي آءِ جي جج سان معذرت ڪئي سوال اهو آهي ته ان ايس ايڇ او تي ڪنهن پريشر وڌو ته وڃو هاڻي ئي ميڊيڪل ڪرايو،ٻيو ته مئجسٽريٽ سندس ڳالهه نه مڃي ته ٻئي ڏينهن کيس معطل ڇو ڪيو ويو؟ ان جو مطلب آهي ڪنهن هڪ پارٽي کيس چيو وڃي ڪريو، ڪنهن ٻي پارٽي چيو ته توهان ڇو ويا هئا ۽ کيس هٽايو، ٻئي پاسي متاثر ٻئي عورتون ملڪ کان ٻاهر موڪليون ويون، يا روانو ٿي ويون آهن. ان مان ته اهو ئي آهي ته جيڪڏهن مک فريادي دستياب ناهي ته پوءِ هي ڪيس ڪٿي به نه ويندو، سمجهو ته ائين ئي ڪيس ختم ٿي ويو ڪيس ۾ نامزد چار يا پنج جوابدار به ڇٽي ويندا ڇو ته ڪو شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندو. جن جي مٿان تشدد ٿيو اهي ئي دستياب ناهن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ٻيو ته اسحاق ڊار جيڪڏهن عهدي تي موجود آهي ته ڪنهن نه ڪنهن سطح تي ته اثر انداز ٿيڻ جو شڪ موجود آهي هي فائل دٻجي ويندي؟ ٻئي پاسي هڪ ٻي سازشي ٿيوري هلي رهي آهي. ته ناڻي وزارت جي ڪارڪردگي ايتري سٺي ناهي جيتري هجڻ گهرجي اسحاق ڊار ناڻي وزارت ۾ دلچسپي رکي ٿو، هو محمد اورنگزيب جي آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي طريقيڪار مان به مطمئن ناهي،اسحاق ڊار صاحب سمجهي ٿو ته جيڪڏهن هو ويٺل هجي ها ته آئي ايم ايف جي پروگرام جو عوام تي ايترو وڌيڪ بار نه پوي ها. اها ڳالهه هلي رهي آهي ته ڊار ناڻي وزارت وٺڻ چاهي ٿو۽ پرڏيهي وزارت ۾ محسن نقوي کي موڪلڻ چاهي ٿو،
لاهور( سيد عمران شفقت) غير ملڪي عورتن وارو ڪيس پاڪستان جي سياست تي ڪهڙا اثر وجهندو، اسحاق ڊار جي سيٽ بچي ٿي يا نه ٿي بچي؟ ڪجهه عرصو اڳ اسٽيبلشمينٽ پاران چونڊ صحافين کي بريفنگ ڏني وئي هئي،ان اجلاس ۾ هڪ نڪتي تي اسٽيبلشمينٽ جي هڪ اهم ترين شخصيت جيڪا بريفنگ ڏئي رهي هئي، ان جو جواب تمام چٽو هو؛ اهو گڏيل عرب امارات سان لاڳاپيل هو. پر پوءِ ان کي اسحاق ڊار سان جوڙيو وڃي ٿو. فيصل واوڊا جي ٽوئيٽ مان ٿي سگهي ٿو توهان کي ائين لڳي رهيو هجي، ۽ اهي ڳالهيون به هلي رهيون آهن ته جيئن ته محسن نقوي کي پرڏيهي وزير جو قلمدان تمام گهڻو پسند آهي، ان ڪري هاڻي هي قلمدان خالي ڪرائڻو آهي، تنهنڪري اسحاق ڊار جي خلاف هيءَ مهم هلي رهي آهي. هي ڪنهن جي وهم و گمان ۾ به نه هو ته هن ڪيس ۾ اسحاق ڊار جو ڏوهٽو شامل هوندو. ان متاثر عورت پنهنجي بيان ۾ رضا ڊار جو نالو ورتو آهي ۽ چيو آهي ته رضا ڊار اسان کي سنگاپور ۾ ٻڌائيندو هو ته هو پاڪستان جي هڪ اهم شخصيت جو پٽ آهي. پر هاڻي رضا ڊار جون تصويرون به ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن، هن ڪيس ۾ هڪ تمام وڏو ٽوئسٽ (موڙ) اهو آهي ته هي "باس” ڪير آهي؟ ڇا اها عورت ان باس کي سڃاڻي ٿي يا نه ٿي سڃاڻي؟ سڃاڻي پئي، پر هن نالو ڇو نه ورتو؟ هيءَ ڳنڍ به کلي رهي آهي، ڳنڍ کلي چڪي آهي؛ باس جي خبر پئجي چڪي آهي ته اهو باس ڪير هو. باس انهن عورتن کي کڻي مري، پنڊي، اسلام آباد ڦرندو رهيو. هاڻي هيءَ ڪهاڻي به هلي رهي آهي ته پنڊي ۾ جن ماڻهن جون تبديليون ٿيون آهن سي پي او ڪمشنر وغيره اهي محسن نقوي جا لڳايل هئا. محسن نقوي جيئن ته اسحاق ڊار جي سيٽ جي پٺيان پيل آهي، تنهنڪري مريم نواز جواب ڏنو آهي. شيون تمام گهڻيون منجهيل بڻجي ويون آهن، اهو باس ڪير آهي؟ باس جيڪو انهن عورتن کي کڻي گهمي رهيو هو، اهي عورتون باس سان گڏ پنڊي، اسلام آباد ۽ مري تائين ويون. انهن ايف آئي آر ۾ باس جو ذڪر ڪيو پر نالو ڇو نه ورتو؟ هيءَ فوٽيج سيف سٽي لاهور وارن وٽ آهي، ذريعن موجب فيصل ڪامران سيف سٽي جي ان فوٽيج کي هڪ طرح سان ڪنهن دراز ۾ رکي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن معاملو حد کان وڌيڪ اڳتي وڌي چڪو آهي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو فيصل ڪامران به گهيري ۾ اچي وڃي. هو به شاهدين کي خراب ڪرڻ ۽ ڪيس جي ميرٽ يا شاهدين کي اڳي پوئتي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ٿي سگهي ٿو فيصلو ايندڙ وقت ۾ ان ميٽنگ کان پوءِ ٿيندو. اقتدار جي سياست ۾ هي جمهوريت جا سودا صرف ٻڌڻ ٻڌائڻ لاءِ هوندا آهن. پڙهندڙن کي ٻڌائجي ٿو ته اهو باس علي ڊار آهي! علي ڊار جون سيف سٽي واريون تصويرون پڪڙيون ويون آهن، اهي فيصل ڪامران لڪائي ڇڏيون آهن، جڏهن ته مريم نواز اهو طئي ڪيو آهي ته کيس ايندڙ ڀيري وزيراعظم ٿيڻو آهي جيڪڏهن وزيراعظم ٿيڻو آهي ته پوءِ پنجاب جو ڇا ٿيندو؟ پنجاب لاءِ ظاهر آهي ته پوءِ حمزه شهباز آهي، پر حمزه شهباز مريم بي بي کي بلڪل اکين نٿو وڻي. تنهنڪري هنن علي ڊار کي، جيڪو نواز شريف جي ٻي نياڻي جو مڙس آهي، ان کي سياست ۾ لاٿو آهي.علي ڊار دبئي ۾ پراپرٽي ۽ ٻيا بزنس ڪندو هو. پوءِ اتي هن ڪرپٽو ڪرنسي جو ڪم شروع ڪيو. ڪرپٽو ڪرنسي ۾ ڪجهه خبرون هليون هيون ته پاڪستان جي هڪ تمام طاقتور شخصيت جي پٽ مبينه طور تي هڪ ئي رات ۾ خبر ناهي ڪيترا ارب روپيا ماڻهن جا ٻوڙي ڇڏيا، هي اهو ئي علي ڊار آهي، علي ڊار جو دبئي ۾ رهڻ ٿورو مشڪل ٿي ويو هو، اتي قانون سخت آهن ۽ اتي فراڊ ڪري توهان ائين رهي نٿا سگهو. تنهنڪري اتان کيس نيڪالي ملڻي ئي هئي. هو اتان پنهنجون ملڪيتون وغيره وڪڻي پاڪستان اچي ويو. پوءِ هتي اچي مريم بي بي ان لاءِ سياست جا ۽ ٻيا دروازا کوليا، اڳتي کيس وڏي وزير طور تيار ڪيو پئي ويو. اسحاق ڊار هميشه نواز شريف جي پوليٽيڪل لائن جي پيروي ڪئي آهي. هڪ بريفنگ ۾ اسحاق ڊار صحافين کي ٻڌايو ته يو اي اي پاڪستان سان هي ڪري رهيو آهي، هو ڪري رهيو آهي، فلان ڪري رهيو آهي؛ تمام گهڻو ڪجهه چيائين. ان تي به پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو ناراض ٿيا هئا ته ”يار، هن ته پوءِ پنهنجي ذاتي دشمني نڀائي نه، پاڪستان جو مفاد ته ڪٿي پري هليو ويو. جيڪڏهن يو اي اي ڪري به رهيو آهي هي سڀ ڪجهه، جيڪو هو ڪري رهيو هو، ته هڪ پرڏيهي وزير کي ڊپلوميسي جو مان رکڻ گهرجي ها، ان بريفنگ ۾ اسحاق ڊار علي ڊار جو انتقام ورتو هاڻي هڪ ميٽنگ متوقع آهي. اسٽيبلشمينٽ پاران ٿي سگهي ٿو نواز شريف جي سامهون هي سڄو ڪيس رکيو وڃي ۽ کانئس ئي پڇيو وڃي ته "هاڻي توهان اسان کي ٻڌايو سر ته اسان ڇا ڪريون؟” ته ٿي سگهي ٿو نواز شريف ئي چوي ته "ٺيڪ آهي، جيڪو توهان کي بهتر لڳي ٿو اهو ڪري وٺو.” ٿي سگهي ٿو معاملو هتي ڦاٿل هجي.هن وڏي ميٽنگ ۾ وزيراعظم به هوندو. ٻئي پاسي مئجسٽريٽ جي ڪمري ۾ ايس ايڇ او فرهاد کي گهڙڻ کان وٺي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ تائين، ايس پي ڪينٽ ۽ فيصل ڪامران مريم نواز کي راضي ڪرڻ لاءِ، تمام گهڻو ڪجهه ڪري رهيا آهن. ذريعن موجب مريم بي بي چيو ته ٻن ڪلاڪن ۾ مونکي پتو ڪري ڏيو، ٽريس ڪريو سڀ ڪجهه.” پر تيستائين مريم نواز کي صرف ايتري خبر هئي ته اسٽيبلشمينٽ، وفاقي گهرو وزارت، وفاق، ايجنسيون ڦڙتي ڏيکارين پيون،علي ڊار جي ان معاملي ۾ ملوث هئڻ واري خبر ته مريم نواز لاءِ به هڪ حيران ڪندڙ خبر هئي. پوءِ فيصل ڪامران جوابدار بچائڻ لاءِ سرگرم ٿئي ٿو 164 جو بيان هيءَ ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهي ته اها بازيابي پوليس ناهي ڪرائي، اهي پاڻ رڙيون ڪري گرفتار ٿيون؛ ۽ جن کي هو ڳولي رهيا هئا، پوءِ ماڻهن 15 تي ڪال ڪري پوليس کي گهرايو. ان ۾ پوءِ علي ڊار جون تصويرون ظاهر ٿيون
زيادتي ڪئي وئي،ايئرپورٽ کڻي ويندي گاڏي حادثي کانپوءِ اسان رڙيون ڪيون:متاثر عورت
لاهور (بيورو) لاهور ۾ پرڏيهي عورتن سان مبينا اغوا، تشدد ۽ جنسي زيادتي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي، متاثر پرڏيهي عورت اسٽرڊ گيبريلا رابنسن جو مئجسٽريٽ آڏو قلمبند ڪرايل بيان جو ڪجهه حصو منظرعام تي اچي ويو، بيان موجب 40 ورهين جي اسٽرڊ گيبريلا رابنسن اسپين جي رهواسڻ آهي ۽ هن چيو ته ساڻس پيش آيل واقعا ٻي متاثر عورت اسٽيفني جي بيان سان ملندڙ جلندڙ آهن، متاثر عورت موجب گهر ۾ رهائش دوران پهرين رات چار هٿياربند ماڻهو آيا، جن کيس ٻڌي ڇڏيو، هن الزام هنيو ته ڪارن ڪپڙن ۾ ملبوس هڪ شخص کيس تشدد جو نشانو بڻايو، چهري تي ڪيتريون ئي مُڪون هنيون ۽ جسم جي حساس حصن کي هٿ لاتو، بيان موجب رضا نالي شخص ڪمپيوٽر ۽ رقم بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن تي هن ٻڌايو ته ٻئي شيون سائي ٿيلهي ۾ موجود آهن بعد ۾ ٻي متاثر عورت اسٽيفني کي به واپس آندو ويو ۽ ٻنهي کان ڪمپيوٽر ۽ پاس ورڊ بابت سوال ڪيا ويا، مٿي تي پسٽل جو بٽ پڻ هنيو ويو، هڪ انگريزي ڳالهائيندڙ شخص ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن رقم نه ڏني وئي ته هو زنده واپس نه وڃي سگهنديون، بيان موجب بعد ۾ کيس ٻي ماڙ تي وٺي وڃي مبينا طور ڪپڙا لهرائي تشدد ڪيو ويو ۽ بار بار انڪار باوجود ساڻس جنسي زيادتي ڪئي وئي، گوڙ ڪرڻ تي جوابدار رڪجي ويو، کيس ٻيهر ڪپڙا پارايا ويا ۽ ساڳئي ڪمري ۾ واپس آندو ويو.
هڪ پرڏيهي عورت سان زيادتي جي تصديق
لاهور (بيورو) لاهور جي ڊفينس واري علائقي ۾ پرڏيهي عورتن جي مبينا اغوا ۽ اجتماعي جنسي زيادتي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي جتي پوليس کي مليل ميڊيڪل رپورٽ موجب هڪ متاثر عورت سان زيادتي ٿيڻ جي تصديق ٿي، پوليس ذريعن موجب گرفتار جوابدارن مان ٽن ڄڻن تي متاثر عورت سان جنسي زيادتي ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيو، جاچ دوران اهو به سامهون آيو آهي ته جوابدارن مبينا طور عورتن کان سندن ڊجيٽل والٽ ۾ 19 هزار آمريڪي ڊالر منتقل ڪرايا، گرفتار جوابدارن مان 3 جوابدارن عورت کي جنسي زيادتي جو نشانو بنايو، پوليس موجب جوابدارن ۽ عورتن وچ ۾ ڪرپٽو ڪرنسي ۾ چار کان پنج لک آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري پڻ ٿيل هئي ۽ جوابدار انهن رقم جي واپسي جو مطالبو ڪري رهيا هئا، جوابدارن ۽ متاثر عورتن جا ڊي اين اي نمونا فرانزڪ ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويا، جڏهن ته جوابدارن جا موبائل فون پڻ فرانزڪ جاچ لاءِ اماڻيا ويا آهن، ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن ذيشان رضا چيو ته لاهور فرانزڪ ليب ۽ ڊي اين اي رپورٽون اچڻ کانپوءِ جاچ کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو،گرفتار جوابدارن کي ڪنهن به قسم جو خاص پروٽوڪول نه پيو ڏنو وڃي، کين عام جوابدارن وانگر قيد ۾ رکيو ويو آهي ۽ هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ڪيس جي جاچ مڪمل ميرٽ تي ڪئي پئي وڃي.
رضا ڊار سان سنگاپور ۾ ٿيل ڪرپٽو ڪرنسي ايونٽ دوران ملاقات ٿي:اسٽيفني
لاهور (بيورو) لاهور ۾ پرڏيهي عورتن جي اغوا ۽ مبينا جنسي زيادتي واري ڪيس ۾ ٻي متاثر پرڏيهي عورت اسٽيفني ايڊريانا جو مئجسٽريٽ آڏو قلمبند ڪرايل بيان به سامهون اچي ويو، متاثر عورت پنهنجي بيان ۾ چيو ته منهنجو نالو اسٽيفني ايڊريانا آهي، رضا ڊار سان سنگاپور ۾ ٿيل ڪرپٽو ڪرنسي ايونٽ دوران ملاقات ٿي، جنهن تي اعتماد ڪندي گڏ ڪاروبار شروع ڪيو، هن دعويٰ ڪئي ته رضا ڊار پاڻ کي پاڪستان جي وزير علي ڊار جو پٽ ظاهر ڪندو هو ۽ سندس واٽس ايپ پروفائل تي هڪ اڳوڻي وزيراعظم سان گڏ تصوير به لڳل هئي، جنهن سبب هن مٿس ڀروسو ڪيو، اسٽيفني ايڊريانا موجب واقعي دوران موجود ماڻهو شيشي جا ٽڪرا ڏيکاري کيس ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا، جڏهن ته رضا ڊار سندس موبائل تان سمورن رابطن کي پئسن لاءِ پيغام موڪليا، پر ڪنهن به جواب نه ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته آخري ڏينهن رضا ڊار ٻڌايو ته کيس سموري رقم ملي وئي آهي ۽ هاڻي هو آزاد آهن بعد ۾ هن ٻنهي عورتن کي ڪار ۾ ويهاري گهر کان ٻاهر ڪڍيو، سندن پاسپورٽ واپس ڪيا ۽ کين ايئرپورٽ وٺي وڃڻ لڳو، بيان موجب رستي ۾ رضا ڊار ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهيو هو، جتان کيس ٻڌايو ويو ته باس جون هدايتون ڪجهه ٻيون آهن. ان دوران ڪار هڪ ٻي گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جو فائدو وٺندي اسان ڪار مان ٽپو ڏئي ڀڄي نڪتيون سين، ويجهو موجود ماڻهن ٽريفڪ پوليس کي گهرائي ورتو، جنهن کين گاڏي ۾ ويهاري ايئرپورٽ وٺي وڃڻ جو چيو، پر رستي ۾ گاڏي بيهاري ٻڌايو ويو ته اها خراب ٿي وئي، حقيقي پوليس پهچڻ کان پوءِ ئي کين پنهنجي جان محفوظ محسوس ٿي.
لاهور پوليس پرڏيهي عورتن جي بازيابي بابت ڪوڙو بيان ڇو ڏنو؟ فواد چوڌري
لاهور(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هاڻي اصل سوال اهو آهي ته لاهور پوليس پرڏيهي عورتن جي بازيابي بابت ڪوڙي ڪهاڻي ڇو بيان ڪئي؟هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هڪ نجي ٽيليويزن جي نشريات ۾ گاڏين جي ٽڪر کان پوءِ عورتن کي گاڏي مان لهندي ۽ هڪ مڪينڪ جي دڪان (فلٽر هائوس) ۾ پناهه وٺندي ڏيکاريو ويو آهي.فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن اهي منظر درست آهن ته پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته لاهور پوليس عورتن جي بازيابي بابت ڪوڙو موقف ڇو اختيار ڪيو؟صحافي احمد وڙائچ موجب، گاڏين جي ٽڪر کان پوءِ عورتن جي گاڏي مان لهڻ ۽ فلٽر هائوس ۾ پناهه وٺڻ واري وڊيو نجي ٽيليويزن تي نشر ڪئي وئي.ان کانسواءِ متاثر عورت مان هڪ عدالت ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته رستي تي ٽريفڪ حادثو پيش آيو، جنهن کان پوءِ رضا گاڏي بيهاري ته هوءَ ڊوڙي هيٺ لهي آئي. هن ٻڌايو ته پوليس کي فون ڪرڻ کان پوءِ هڪ پوليس ٽيم پهتي، جيڪا کين هوائي اڏي وٺي وڃي رهي هئي، پر رستي ۾ ٻي پوليس گاڏي آئي، جنهن جي اهلڪارن ٻڌايو ته هو گذريل ٻن ڏينهن کان هن ڪيس تي ڪم ڪري رهيا هئا، جنهن کان پوءِ سڀئي پوليس ٿاڻي ويا.ٻئي طرف لاهور جي دفاع واري علائقي ۾ پرڏيهي عورتن واري ڪيس ۾ هڪ نئون ۽ اهم موڙ سامهون آيو آهي، جنهن بعد هن حساس ڪيس بابت وڌيڪ سوال اڀري آيا آهن.صحافي حسن ايوب خان موجب، متاثر پرڏيهي عورتن ۽ مرڪزي جوابدار رضا ڊار وچ ۾ رڳو ڪاروباري نه، پر دوستاڻا لاڳاپا پڻ هئا، ۽ واقعي کان اڳ هو پاڪستان جي مختلف تفريحي هنڌن تي گڏ گهمندا رهيا هئا.سندس دعويٰ آهي ته اهي عورتون مبينا واقعي کان اڳ رضا ڊار سان گڏ مري ۽ نتھيا گلي سميت مختلف سياحتي ماڳن تي ويون، اسلام آباد جي هڪ پنج ستارن واري هوٽل ۾ ترسيون ۽ مارگلا جبلن جي سير دوران به رضا ڊار سندن ساڻ هو.حسن ايوب خان چيو ته وٽس انهن عورتن ۽ رضا ڊار جي گڏيل گهمڻ ڦرڻ جون تصويرون به موجود آهن ۽ هو ڪجهه ماڻهن کي اهي ڏيکاري به چڪو آهي، پر هڪ ذميوار صحافي هجڻ جي حيثيت ۾ هو انهن تصويرن جي مڪمل تصديق ٿيڻ کان اڳ انهن کي نشر يا شايع نه ڪندو. سندس موجب، ڊار خاندان جو موقف آهي ته رضا ڊار اغوا ڪندڙ يا ڏوهاري نه، پر پاڻ به انهيءَ واقعي جو متاثر ٿيو. خاندان جي دعويٰ آهي ته نامعلوم هٿياربندن حملي دوران عورتن سان گڏ رضا ڊار جا به هٿ ۽ پير ٻڌي کيس به زبردستي قيد ۾ رکيو هو.
لاهور واقعي سان پاڪستان جي ساک کي نقصان پهتو:سليم مانڊوي والا
اسلام آباد(بيورو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته عورتن ۽ پرڏيهي مهمانن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي.پنهنجي بيان ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته لاهور ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي، ڇو ته اهڙا واقعا پاڪستان جي عالمي ساک کي نقصان پهچائين ٿا.هن چيو ته عورتن ۽ پرڏيهي مهمانن جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ رياست جي بنيادي ذميواري آهي.سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت واقعي ۾ ملوث ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪندي کين سزا ڏيارڻ کي يقيني بڻائي.
ڊي ايڇ اي زيادتي ڪيس، اسحاق ڊار لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو
اسلام آباد(اسد علي طور)پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کان طاقتور سينيٽر فيصل واوڊا استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي، فيصل واوڊا جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اهي وڏيون سخت آهن، ان ۾ هو هڪ ته اسحاق ڊار کان استعيفيٰ گهري ٿو ۽ هو اهو به چوي ٿو ته "اهي ئي اهي جمهوري جنازا آهن جن 500 ماڻهن ملڪ تي ايلٽ ڪيپچر (Elite capture) تحت قبضو ڪيو آهي. جمهوريت جي نالي تي ڪجهه جمهوري جنازا ڪيترن ئي سالن کان ملڪ کي ته لٽي ئي رهيا هئا ۽ هاڻي عزتون به لٽي رهيا آهن. ۽ افسوس جي ڳالهه آهي انهن جمهوري جنازن جي اولاد در اولاد جي هٿان پاڪستان جي قسمت جا فيصلا آهن. هن اهو به چيو ته پاڪستاني قوم ڏسندي. ڪنهن سياسي پارٽي ، ان جا ليڊر هجن، اپوزيشن جا هجن يا حڪومت جا يا اتحادي، ڪنهن به هڪ جو مذمتي بيان سامهون ناهي آيو، ۽ هي نام نهاد عورتن جي حقن جي چيمپئنز جو حال آهي، بس خاموشي! ڇو ته انهن سڀني سياستدانن ۽ 500 ايلٽ ڪيپچر جي جمهوري جنازن جا مفاد هڪ آهن.”هاڻي اسٽيبلشمينٽ به چوي پئي ته انهن جي سياسي موت ٿي چڪي آهي، ته اسان انهن لاشن کي کڻي ڇو گهمون؟ انهن سياسي لاشن کي، هي ته اسان تي بار آهن هاڻي اسحاق ڊار جو مسئلو اهو آهي ته هن جا پراڻي اسٽيبلشمينٽ سان تعلقات خراب ناهن. اسحاق ڊار کي پهرين ته پرڏيهي وزارت ۾ غير مؤثر ڪيو ويو آهي، هاڻي اهو به وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڏسي رهيو آهي، جڏهن ته ناڻي وزارت ۾ به هو(اسحاق ڊار) ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مداخلت ڪري رهيو آهي، کيس طريقي طريقي سان سائيڊ لائن ڪيو پيو وڃيشير افضل مروت به اسٽيبلشمينٽ جو ئي ماڻهو آهي، اهو به چوي پيو ته اسحاق ڊار استعيفيٰ ڏئي.
پاڪستان جي ساک تي آڱريون کڄنديون:سوشل ميڊيا
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي هڪ صارف لکيو آهي ته هيءَ ڳالهه سئو سيڪڙو سچ آهي ته جڏهن غريب يا مڊل ڪلاس طبقي جو ڪو ماڻهو ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪري، ته "ملڪ جو اميج خراب ٿيڻ” يا "سلپ ٿيڻ” جو جواز بڻائي ائيرپورٽن تي سختيون ڪيون وينديون آهن، تذليل ڪئي ويندي آهي ۽ آف لوڊ ڪيو ويندو آهي. پر ٻئي طرف، جڏهن اشرافيه يا طاقتور خاندانن جا ٻار مبينه طور تي سنگين ترين تڪرارن يا ڏوهن ۾ ملوث ملن، ته سڄو نظام کين تحفظ ڏيڻ يا معاملي کي دٻائڻ ۾ لڳي ويندو آهي. هن چيو ته جڏهن متاثر ٿيل غير ملڪي عورتون پنهنجن ملڪن ۾ وڃي ان واقعي جا تفصيل ٻڌائينديون، ته يقينن پاڪستان جي وقار کي ڌڪ لڳندو. دنيا هي ناهي ڏسندي ته هي ڪنهن هڪ شخص جو ذاتي عمل هو، پر هو هي ڏسندي آهي ته رياست جي طاقتور ترين عهديدارن ان تي ڪهڙو ايڪشن ورتو. جيڪڏهن انصاف ٿيندي نظر نه اچي، ته پوري ملڪ تي آڱريون کڄنديون آهن.
پرڏيهي عورتن سان زيادتي ڪيس ۾ ”باس“ سوڌو وڌيڪ 5 جوابدار گرفتار
لاهور (بيورو) لاهور جي ڊفينس سي علائقي ۾ پرڏيهي عورتن جي مبينا اغوا ۽ جنسي زيادتي واري ڪيس ۾ پوليس وڌيڪ اهم اڳڀرائي ڪندي ”باس“ نالي شخص سميت وڌيڪ پنج جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ذريعن موجب گرفتار ٿيل پنجين جوابدار احمد رضا ولد مظهر حيات تي به ٻين جوابدارن سان گڏ پرڏيهي عورتن جي اغوا ۽ مبينا زيادتي واري ڪيس ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي، جنهن کان جاچ جاري آهي، پوليس موجب اڳ ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ محمد رضا ڊار، سڪندر عزيز خان، الحڪيم ڀٽي، حسن رضا ۽ ساجد علي شامل آهن، جيڪي پنجن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ آهن ۽ انهن کان پڻ جاچ جاري آهي، پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث وڌيڪ پنج ڄڻن کي به حراست ۾ ورتو ويو، جن ۾ ايف آءِ آر ۾ نامزد ’باس‘ نالي شخص پڻ شامل آهي.