ڪيس ۾ بئنڪ گارنٽي کان سواءِ اڳواٽ ادائيگي ڪيئن ٿي؟ عدالت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي صوبائي اينٽي ڪرپشن عدالت بي آر ٽي ييلو لائين منصوبي ۾ ساڍا 8 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي کي عدالتي رمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن اختيارين جوابدار کي رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيس ۾ هن وقت تائين ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي، اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کان 128 سوال پڇيا ويا آهن، عدالت سوال ڪيو ته ڇا لاڳاپيل دستاويزن جي جاچ ڪئي وئي ۽ ڪنسلٽنٽ سان رابطو ڪيو ويو؟ اينٽي ڪرپشن اختيارين ٻڌايو ته  ڪنسلٽنٽ سان اڃا تائين ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، عدالت ان تي حيرت ظاهر ڪندي پڇيو ته ساڍا 8 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن واري ڪيس ۾ بئنڪ گارنٽي کان سواءِ اڳواٽ ادائيگي ڪيئن ڪئي وئي، جوابدار ضمير عباسي عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته جاچ دوران ڪيل سوال ڪيس سان لاڳاپيل نه هئا، يلو لائين منصوبو جاري آهي ۽ ان ۾ هڪ رپئي جي به هيراڦيري يا ڪرپشن نه ٿي آهي، ورلڊ بئنڪ ڪڏهن به ڪرپشن بابت ڪا شڪايت نه ڪئي، جيڪڏهن ڪرپشن ئي نه ٿي آهي ته پوءِ شڪايت جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، جاچ ٽيم جي هڪ ميمبر عدالت کي ٻڌايو ته بئنڪ گارنٽي کانسواءِ غير محفوظ ادائيگي ڪئي وئي هئي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته ڇا 90 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ٿي سگهندي؟ اختيارين جواب ڏنو ته ڪوشش آهي ته مقرر مدي کان اڳ جاچ مڪمل ڪئي وڃي، ضمير عباسي وڌيڪ چيو ته مٿس بئنڪ گارنٽي کان سواءِ ادائيگي جو الزام لڳايو ويو پر حڪومت کي هڪ رپئي جو به نقصان ناهي ٿيو، ورلڊ بئنڪ جو مشن هر ٽن مهينن بعد منصوبي جو جائزو وٺندو هو ۽ سندس دور ۾ به ٽن مشنن دوري دوران ادائگين ۾ واڌ جي سفارش ڪئي هئي.

 

You might also like