ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) ڪنري ويجھو ڳوٺ محمد حيات آرائين گپنو ۾ ٻه سڳا ڀائر پراسرار نموني فوت ٿي ويا، فوتي ٻارن جي سڃاڻپ 10 ورهين جو علي حسن ۽ 12 ورهين جي محمد حسنين ولد آصف آرائين طور ٿي، فوتي ٻارن جي وارثن ٻڌايو ته رات جو گهر ۾ ماني کائڻ بعد سمهي پيا ۽ صبح جو اٿڻ سان ئي سندن طبيعت اوچتو بگڙي وئي، ٻنهي ٻارن کي ترت تعلقي اسپتال ڪنري منتقل ڪيو ويو جتي علي حسن فوت ٿي ويو، محمد حسنين کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هو به رستي ۾ دم ڏنائين، فوتين جي ناني اصغر آرائين جي طبيعت به خراب ٿي وئي ۽ کيس الٽيون اچڻ لڳيون، وارثن جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ته کاڌي ۾ ڪنهن زهريلي شيءِ جي موجودگي سبب ٻئي ٻار فوت ٿيا آهن.