ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز)بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ضلعي ڪيچ ۾ تربت سان واسطو رکندڙ تنظيم جي ميمبر سيد بي بي بلوچ جي گرفتاري جي مذمت ڪندي سندس فوري آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.بي واءِ سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سيد بي بي کي 2 جولاءِ جي رات ساڍي ٽين وڳي بغير وارنٽ جي حراست ۾ ورتو ويو.بيان ۾ الزام هنيو ويو آهي ته سيد بي بي گذريل هڪ سال کان هر هفتي دهشتگردي جاچ کاتي ۾ پيش ٿيندي رهي، پر سندن گهر تي ڇاپا هڻڻ، مبينا طور ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ سندن مائٽن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا جاري رهيا.بي واءِ سي موجب، گذريل ڏينهن جڏهن هوءَ تربت پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کان پوءِ دهشتگردي جاچ کاتي جي آفيس پهتي ته کيس عوامي امن امان برقرار رکڻ واري قانون تحت گرفتار ڪري هڪ مهيني لاءِ مرڪزي جيل تربت منتقل ڪيو ويو.بي واءِ سي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سيد بي بي جي جان، سلامتي يا صحت کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جي مڪمل ذميواري رياستي ادارن تي هوندي.