5 جولاءِ 1977: تاريخ جو هڪ سبق، جمهوريت جو سفر ۽ عوام جي طاقت

شرجيل انعام ميمڻ

5  جولاءِ 1977 پاڪستان جي تاريخ جو اهو ڏينهن آهي جيڪو رڳو هڪ تاريخ نه آهي، پر هڪ اهڙو اهم موڙ آهي جنهن ملڪ جي سياسي، آئيني ۽ جمهوري سفر تي گهرا اثر ڇڏيا. قومن جي تاريخ ۾ ڪجهه واقعا وقت گذرڻ باوجود پنهنجي اهميت برقرار رکندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي هر نسل کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن ته رياست، آئين، ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد ۽ توازن کي ڪيئن مضبوط بڻائي سگهجي ٿو.

5 جولاءِ 1977 به پاڪستان جي تاريخ جو اهڙو ئي هڪ فيصلو ڪندڙ مرحلو هو. ان وقت ملڪ هڪ پيچيده سياسي صورتحال مان گذري رهيو هو. حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ اختلاف ۽ ڪشيدگي موجود هئي، پر ان باوجود اها اميد باقي هئي ته سياسي بحران جو حل آئيني ۽ جمهوري ذريعن سان ڳولي لڌو ويندو. پر حالتن اهڙو رخ اختيار ڪيو جو جمهوري عمل منقطع ٿي ويو ۽ پاڪستان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿيو جنهن جا اثر ڪيترن سالن تائين قومي سياست، رياستي ادارن ۽ سماجي روين تي محسوس ڪيا ويا.

جمهوريت جي اصل طاقت اها آهي ته اها اختلافِ راءِ کي ٽڪراءِ جي بدران مڪالمه ۾ تبديل ڪرڻ جو رستو ڏئي ٿي. پارليامينٽ، آئين، سياسي ڳالهيون ۽ عوامي مينڊيٽ اهي ستون آهن جن تي هڪ مستحڪم جمهوري رياست بيٺل هوندي آهي. جڏهن به انهن ستونن ۾ ڪمزوري ايندي آهي ته ان جا اثر رڳو حڪومتن تائين محدود نه رهندا آهن پر سڄو سماج ان جي قيمت ادا ڪندو آهي.

5 جولاءِ 1977 تي ملڪ ۾ مارشل لاڳو ڪيو ويو. ان وقت اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته هي قدم عارضي نوعيت جو آهي ۽ ان جو مقصد حالتن کي معمول تي آڻ ۽ نوان چونڊون ڪرائڻ آهي، پر تاريخ ثابت ڪيو ته اهو عبوري دور ڊگهو ٿيندو ويو ۽ پاڪستان ڪيترن سالن تائين هڪ مختلف سياسي نظام تحت هلندو رهيو.

تاريخ جو مطالعو اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته ڪنهن به رياست جي اصل مضبوطي حڪومتن جي تبديلي ۾ نه پر آئين جي بالادستي، مضبوط ادارن ۽ عوام جي اعتماد ۾ هوندي آهي. جڏهن سڀئي ادارا پنهنجي آئيني دائري ۾ رهندي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندا آهن ته قومي استحڪام کي فروغ ملندو آهي، جڏهن ته سياسي عمل ۾ تعطل رياستي ارتقا کي سست ڪري ڇڏيندو آهي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي سياسي تاريخ جي انهن نمايان شخصيتن ۾ شمار ٿين ٿا جن سياست کي هڪ نئين طرف ڏني. هن عام ماڻهو کي قومي سياست جو حصو بڻايو ۽ مزدور، هاري، نوجوان ۽ وچولي طبقي کي سياسي عمل ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو احساس ڏياريو. سندس سياست جو بنيادي تصور اهو هو ته رياست جي حقيقي طاقت ان جا عوام آهن، ۽ عوام جي راءِ ئي قومي فيصلن جي بنياد هئڻ گهرجي.

شهيد ڀٽو جي دور ۾ پاڪستان کي 1973ع جو متفقا آئين مليو، جيڪو اڄ به ملڪ جي آئيني ڍانچي جو بنياد آهي. اهو آئين وفاق، جمهوريت، پارلياماني نظام ۽ بنيادي شهري حقن جي حوالي سان قومي اتفاقِ راءِ جي هڪ اهم علامت سمجهيو وڃي ٿو.

ساڳئي دور ۾ پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ لاءِ به اهم فيصلا ڪيا ويا. قومي دفاع جي حوالي سان جيڪا حڪمتِ عملي اختيار ڪئي وئي، ان ۾ ايٽمي پروگرام جي بنياد رکڻ جو فيصلو به شامل هو، جنهن کي بعد ۾ پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۾ هڪ تاريخي سنگِ ميل قرار ڏنو ويو.

5  جولاءِ 1977 کان پوءِ هڪ چونڊيل وزيرِ اعظم کان هڪ قيدي تائين جو سفر پاڪستان جي سياسي تاريخ جي سڀ کان المناڪ بابن ۾ شمار ٿئي ٿو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف مقدمو، سندن سزا ۽ بعد ۾ ڦاسي اهڙا واقعا آهن جن تي اڄ به مورخ، قانون جا ماهر ۽ سياسي مبصر مختلف زاوين کان بحث ڪندا آهن.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي خودنوشت "دخترِ مشرق” ۾ 5 جولاءِ 1977 کي پنهنجي زندگي ئي نه پر پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو هڪ فيصلو ڪندڙ سانحو قرار ڏنو آهي. سندن ويجهو هن ڏينهن رڳو هڪ چونڊيل حڪومت جو خاتمو نه ٿيو پر ملڪ جي جمهوري سفر کي به سخت ڌڪ رسيو. هوءَ هن ڳالهه تي يقين رکندي هئي ته سياسي اختلافن جو واحد پائيدار حل عوامي مينڊيٽ، آئين جي بالادستي ۽ جمهوري طريقا ڪار ۾ مضمر آهي.

محترمه بينظير ڀٽو جي سڄي سياسي زندگي جمهوريت جي بحالي، آئيني بالادستي ۽ عوام جي حقِ حڪمراني لاءِ جدوجهد سان عبارت آهي. هن قيد و بند، جلاوطني، سياسي دٻاءُ ۽ ذاتي صدمي باوجود پنهنجي سياسي جدوجهد ڇڏي نه. سندن موقف هميشه اهو رهيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام مضبوط جمهوري ادارن، آزاداڻي چونڊن ۽ عوام جي ووٽ جي احترام سان وابسته آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياسي تاريخ جمهوريت، عوامي نمائندگي ۽ آئيني جدوجهد سان عبارت آهي. قيام کان ئي هن جماعت مزدورن، هارين، نوجوانن، عورتن ۽ سماج جي محروم طبقن جي مسئلن کي قومي سياسي ايجنڊا جو حصو بڻايو. ان ڪري وقت گذرڻ سان پيپلز پارٽي رڳو هڪ سياسي جماعت نه پر عوامي سياست جي هڪ اهم علامت طور به ڏٺي وڃڻ لڳي.

5  جولاءِ پيپلز پارٽي لاءِ رڳو هڪ تاريخي واقعي جي ياد نه آهي پر اهو ان عزم جي تجديد جو ڏينهن پڻ آهي ته جمهوري قدر، آئيني نظام ۽ عوامي مينڊيٽ جو تحفظ هر دور ۾ قومي ترجيح رهڻ گهرجي.

اڄ جو پيغام:

5 جولاءِ جو تاريخي واقعو اسان کي اهو احساس ڏياري ٿو ته جمهوريت رڳو هڪ سياسي نظام نه پر هڪ مسلسل قومي عمل آهي. ان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سياسي جماعتن، رياستي ادارن، عدليه، پارليامينٽ، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ سڀ کان وڌيڪ عوام کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

اختلافِ راءِ کي ٽڪراءِ جي بدران مڪالمه ۾ تبديل ڪرڻ، قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ، جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ عوام جي ووٽ کي قومي فيصلن جي بنياد تسليم ڪرڻ ئي هڪ مضبوط، پرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان جي ضمانت آهي.

5 جولاءِ جو پيغام اهو آهي ته جمهوريت حڪومت ٺاهڻ جو طريقو نه پر هڪ قومي عهد آهي – اهڙو عهد جيڪو رياست کي آئين سان، ادارن کي قانون سان ۽ حڪومت کي عوام جي اعتماد سان ڳنڍي ٿو. جڏهن اهي ٽئي ستون مضبوط هجن ته رياست به مستحڪم ٿيندي آهي، جمهوريت به مضبوط ٿيندي آهي ۽ عوام جو مستقبل به محفوظ هوندو آهي.

 

You might also like