اسلام آباد(بيورو)پ پ ايم اين اي مهرين ڀٽو چيو آهي ته هي بجيٽ صوبن کي مڪمل طور مفلوج ڪرڻ واري بجيٽ آهي،هي عجيب بجيٽ آهي ته وفاق صوبن کان پئسا وٺي پنهنجا لگزري خرچ پورا ڪرڻ چاهي ٿو،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته اسان وفاق جا خرچ گهٽائي وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ واڌارو ڪري سگهون ٿا،پي ايس ڊي پي گذريل سال وانگر هن سال به هڪ هزار ارب رپين تي مشتمل آهي،هن چيو ته توهان صوبن کي حق نٿا ڏئي سگهو پوءِ اهو ڪيئن سوچيو ٿا ته اقتدار هيٺين سطح تي منتقل ڪيو وڃي،توهان صوبن کي مالي حق نه پيا ڏيو،اقتدار گهٽي محلي تائين منتقل نٿو ٿي سگهي