عوام ۾ وڏي ڪاوڙ آهي، بنا پروٽوڪول جي وزير وڃي ته ڏيکارين:خواجا اظهار

اسلام آباد(بيورو)ايم ڪيو ايم ايم اين اي خواجا اظهار الحسن  چيوآهي ته بجيٽ کان اڳ آءِ ايم ايف جون سفارشون اڳ ئي موجود هيون، ۽ جڏهن انهن کي ڏٺو ته حيرت ٿي ته لڳ ڀڳ سڄي ٽيڪس، سيلز ٽيڪس، ايڪسائز ڊيوٽي، ڪسٽم ڊيوٽي، پيٽروليم ليوي، گيس، قرضن جي واپسي ۽ دفاعي بجيٽ به انهن ۾ شامل هئي،اسان 25 ڀيرا آءِ ايم ايف پروگرام ۾ ويا آهيون،25 ڀيرا ئي پ پ ۽ مسلم ليگ نواز اقتدار ۾ آهن،هن چيو ته اسان جي حڪمرانن ڪڏهن سوچيو  آهي ته ڊالر 285 رپين جو ڇو ٿي ويو آهي؟بنگلاديش ۽ سريلنڪا سان ڪڏهن پنهنجي ڀيٽ ڪئي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ بجيٽ ٺاهڻ  جي محنت جو مقصد ڇا آهي؟هن طنزيه انداز ۾ چيو ته جنهن به اداري جي نالي سان “قومي” لڳايو وڃي ٿو، ان اداري جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي، جهڙوڪ قومي ايئرلائن، قومي اسٽيل مل وغيره.هن چيو ته عام ماڻهو هاڻي بجيٽ کان بيزار ٿي چڪو آهي، جڏهن ته اڳ ماڻهو بجيٽ کي ڌيان سان ٻڌندا هئا، هاڻي عوام جو حڪومت تان اعتماد گهٽجي ويو آهي،هن چيو ته عوام شديد بيزار آهي،اسان جو پروٽوڪول،اسان جا ڪپڙا،اسان جون لگزري گاڏيون ڏسي عوام ۾ نفرت آهي،اسان ليڊر بڻجي گهمي رهيا آهيون،50-50 گاڏين جي پروٽوڪول ۾ گهمي رهيا آهيون،سئو سئو خوشامدي گڏ ڪري سياستدان سمجهن ٿا ته وڏو ڪامياب ليڊر آهيون،موٽرسائيڪل تي ڪڏهن گهمي ڏسو ته ڪيتري عزت افزائي ٿئي ٿي انهن جي عوام ۾؟ توهان بنا پروٽوڪول جي ڪڏهن بس ۾ ويهو ته پاسي ۾ ويٺل سيٽ به ويهڻ لاءِ نه ڏيندو،هن چيو ته اسان سڀ ليڊر ٻاهرين ملڪ ويندا آهيون،توهان آمريڪا،يورپ يا عرب ملڪن ۾ چمچن ۽ پروٽوڪول جي وڃو ٿا،خدا جو قسم توهان سان ڪو به هٿ ملائڻ نٿو اچي،توهان سان ڪو تصوير ڇڪرائڻ به نٿو اچي،هن چيو ته پرانهن ئي ملڪن ۾ ڪو رانديگر،ڪو گلوڪار ڪا سيليبرٽي هلي وڃي توهان ڏسو ته اتي انهن جو ڪهڙو شاندار استقبال ٿئي ٿو،اتان جا مهذب معاشرا ڄاڻين ٿا ته توهان حڪمران بڻجي ڪو احسان نه پيا ڪريو،توهان وزير بڻجي ڪو احسان نه پيا ڪريو،توهان پنهنجي ملڪ جا خادم آهيو،توهان کي خدمت لاءِ رکيو ويو آهي،هن آءِ ايم ايف جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ۾ واضح طور تي پاڪستان جي گورننس ۽ ڪرپشن تي سخت سوال اٿاريا ويا آهن.اسان آءِ ايم ايف کان قرض ته وٺي ڇڏيون ٿا پراهي چون ٿا ته ڪرپشن ختم ڪريو،حڪمراني ٺيڪ ڪريو،ان تي ڌيان ناهي،هڪ طرف ننڍن ماڻهن کي معمولي ڏوهن تي سزا ملي ٿي، جڏهن ته اربين کربين رپين جي ڪرپشن ڪندڙ بيگناهه قرار ڏنا وڃن ٿا، ڪرپشن جي بادشاهن کي صدارتي ايوارڊ ملي رهيا آهن.هن چيو ته ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ وفاق ۽ صوبن جي ذميوارين ۾ وڏو فرق آيو آهي، ڪجهه معاملن ۾ صوبن کي اختيار مليا آهن، پر ان سان گڏ انتظامي ۽ مالي مسئلا به وڌيا آهن، هتي سڀني صوبن جا نمائندا رڙيون پيا ڪن،پ پ جي ايم اين ايز جو پٽڪو ته ڏسڻ وٽان آهي،اهي تقريرون پيا ڪن ته ٻارن جي اسڪولن ۾ پاڻي ناهي،اسپتالن ۾ گوريون ناهن،ڊاڪٽر ناهن،اهي ته توهان ارڙهين ترميم جي خلاف ڳالهائي رهيا آهيو نه؟هن چيو ته اهو طئي ٿي ويو آهي ته ارڙهين ترميم صوبن کي ڪجهه ناهي ڏنو،پوءِ ان کي رول بيڪ ڪريو،جڏهن سڀ جو سڀ وفاق کي ئي ڪرڻو آهي،هن چيو ته سنڌ وارا گئس رائلٽي ۽ ڪي اليڪٽرڪ کان 90 ارب رپيا وٺي به پٽڪو ڪري رهيا آهن ته گئس ناهي بجلي ناهي،هن چيو ته 2008ع ۾ منهنجي سنڌ جي بجيٽ 265 ارب رپيا هئي،اڄ منهنجي صوبي جي بجيٽ اين ايف سي ۽ ارڙهين ترميم کانپوءِ 4 هزار ارب رپيا ٿي ويو آهي،منهنجي حڪمرانن جو هتي روئڻ پٽڪو ئي ختم نه پيو ٿئي،هن چيو ته منهنجي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته صوبائي خودمختياري کانپوءِ هاڻي ڇا کپي؟ارڙهين ترميم کانپوءِ ته صوبا رياست بڻجي چڪا آهن،اسان کي هڪ هڪ ارب رپين جي جيڪا بجيٽ ملي اها به وڏي وزير اين او سي ڪينسل ڪري ڇڏي،آخرڪار وفاق جي حيثيت ۽ اهميت ڇا آهي؟هن آئين ۾ احتساب آهي يا نه؟هن چيو ته هتي سڀ زميندار ويٺل آهن پر اسان جي زراعت خساري ۾ آهي،ٽماٽا،چانور،ڪڻڪ ٻاهريان اچي رهي آهي،جنهن وٽ چار شگرملون هيون هاڻي 16 شگر ملن جو مالڪ آهي،جاگيردار چون ٿا ته هاري اسان جو 50 سيڪڙو جو پارٽنر آهي جيڪڏهن اهو ڀائيوار آهي ته توهان سان گڏ ڊي ايڇ اي ۾ ان جو بنگلو ڇو ناهي؟هي هاري هڪ لک ڊالر کڻي آفريقا شڪار تي ڇو نٿو وڃي؟سنڌ ۾ غريبن تي قبضو آهي،وزير امير کان امير ٿي رهيا آهن،سنڌي غريب ويتر غريب ٿي رهيا آهن،هن چيو ته تعليم لاءِ 46 ارب رپيا رکيا اٿئو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ رکيل 800 ارب رپيا سياسي رشوت آهن،ان سان ووٽر کي پهرين کان خريد ڪيو وڃي ٿو،پوءِ ٻڌايو هن ملڪ ۾ ڊاڪٽر قدير پيدا ٿيندا يا فقير پيدا ٿيندا؟اهي 800 ارب رپيا انهن عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ لڳايو،اتي گهرو صنعتون لڳايو،هن چيو ته هن ايوان ۾ نوجوانن جي نمائندگي 60 سالن جو پوڙهو ڪري رهيو آهي،هاري جي نمائندگي جاگيردار ڪري رهيو آهي،ننڍين صنعتن جي نمائندگي وڏو صنعتڪار ڪري رهيو آهي،نوجوان کي اڄ تائين ايم ڪيو ايم سميت ڪنهن به پارٽي نمائندگي ناهي ڏني،هن ايوان ۾ مڊل ڪلاس جي نمائندگي ئي ناهي،بلڪه پاڪستان مان مڊل ڪلاس ئي هاڻي ختم ٿي ويو آهي،نوجوانن کي هن ايوان ۾ ويهاريو ته وڏا وڏا بت ڪري پوندا،

 

You might also like