ميثاق جمهوريت کان پوءِ هاڻي ميثاق سياست ڏانهن وڌڻو پوندو

مظهر عباس

عام طور تي ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ آئين ئي بنيادي قومي معاهدو هوندو آهي، ۽ ان جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن ٻي "ميثاق جمهوريت” جي ضرورت نه هئڻ گهرجي. پر بدقسمتي سان اسان 1973ع جي متفقه آئين سان گذريل پنجاهه سالن دوران جيڪو ورتاءُ ڪيو آهي، ۽ اڃا به ان کي جمهوري نظام مان هائبرڊ نظام ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، تنهن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف پاران اپوزيشن کي "ميثاق جمهوريت” لاءِ ڳالهين جي دعوت پهرين نظر ۾ گهڻي سنجيده محسوس نٿي ٿئي. تنهن هوندي به هن دعوت جو آڌرڀاءُ ٿيڻ گهرجي، پر ان لاءِ خود وزيراعظم ۽ سندن اتحادي ڌرين کي به وسيع دل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت جي باني سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ اهڙو ڪو معاهدو يا ميثاق ممڪن ناهي. ساڳئي وقت پي ٽي آءِ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي به پنهنجي رويي ۾ لچڪ پيدا ڪرڻي پوندي.

اڄ پاڪستان جو نالو دنيا ۾ هڪ بهترين ٽياڪڙي طور ورتو پيو وڃي، خاص طور تي ٻن ملڪن جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ ۽ پوءِ امن معاهدي ڏانهن تاريخي اڳڀرائي ڪرڻ جي حوالي سان. جيڪڏهن اسان ٻن ملڪن جي وچ ۾ معاهدو ڪرائي سگهون ٿا ته پوءِ پنهنجي ماڻهن جي وچ ۾ ڪنهن "ميثاق” تي اتفاق ڇو نٿا ڪري سگهون؟ وزيراعظم کي گهرجي ته هو شروعات ڪن ۽ ڳالهين جو عمل شروع ڪن. جيڪڏهن اپوزيشن پنهنجي اڳواڻ سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪرڻ چاهي ٿي ته ان لاءِ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. جيڪڏهن سياسي قيدين جي آزادي ممڪن آهي ته حڪومت کي ان سلسلي ۾ به اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي. اهڙن قدمن سان حڪومتون ڪمزور نه پر وڌيڪ مضبوط ٿينديون آهن.

اسان جي ملڪي سياست تيزيءَ سان ڪمزور ٿيندي پئي وڃي، جنهن جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي. وفاقي سياسي جماعتن کي آهستي آهستي صوبائي حدن تائين محدود ڪيو ويو. مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي جا مثال اسان جي سامهون موجود آهن. هاڻي ساڳيو رويو پي ٽي آءِ سان به اختيار ڪيو پيو وڃي. جڏهن کاٻي ڌر جي وڏي جماعت نيشنل عوامي پارٽي تي پابندي لڳائي وئي ته اها وري قومي سطح جي جماعت بڻجي نه سگهي، ۽ ان سان لاڳاپيل بلوچ ۽ پشتون سياستدان قومي سياست کان پري ٿيندا ويا. اڄ عوامي نيشنل پارٽي گهڻو ڪري پشتونن جي جماعت بڻجي رهي وئي آهي، جڏهن ته بلوچ سياستدانن جون جماعتون به قومي بدران وڌيڪ صوبائي رنگ اختيار ڪندي نظر اچن ٿيون.

جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) کي پنجاب، پيپلز پارٽي کي سنڌ، پي ٽي آءِ کي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي قومپرست سياست تائين محدود ڪيو ويندو ته ان کان وڏو سياسي بحران ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ۽ جيڪڏهن اسان هن بحران کي ڏسي به نٿا سگهون ته ان کان وڏي بدقسمتي ڪهڙي هوندي؟ تنهن ڪري ڪنهن به "ميثاق جمهوريت” کان اڳ اسان کي "ميثاق سياست” ڏانهن وڌڻو پوندو.

آزاد ڪشمير جي موجوده صورتحال ۽ بلوچستان جا حالات انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن ۽ اهي هڪ قومي سياسي سوچ جا تقاضا ڪن ٿا. ٻنهي جا مسئلا الڳ آهن، پر ٻنهي جي اهميت پنهنجي جاءِ تي تمام گهڻي آهي. تاريخ ثابت ڪيو آهي ته پابنديون مسئلن کي حل نه پر وڌيڪ پيچيده بڻائينديون آهن.

سنڌ ۽ پنجاب جا معاملا مختلف نوعيت جا آهن، پر هڪ ڳالهه بلڪل واضح آهي ته اسان جي ملڪ ۾ شفاف چونڊون نه ٿيڻ سبب گهڻا مسئلا پيدا ٿين ٿا. چونڊن ۾ ڌانڌلي، نتيجن کي تبديل ڪرڻ ۽ اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي نه ڪرڻ جي هڪ ڊگهي تاريخ موجود آهي. اڄ به ملڪ دراصل انهيءَ بحران ۾ ڦاٿل آهي. جيڪڏهن اسان کي قومي سياست ڏانهن موٽڻو آهي ته ڪجهه بنيادي سياسي اصولن کي قبول ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ نه رڳو هڪ ميثاق جي ضرورت آهي، پر ماضيءَ مان سبق سکندي عوامي فيصلي کي قبول ڪرڻ جي همت به پيدا ڪرڻي پوندي.

گذريل پنجاهه سالن دوران پاڪستان ۾ ٽن اهم تاريخي دستاويزن تي صحيحون ٿيون، جيڪي ملڪ کي قومي سياست ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون:  1973ع جو آئين،  2006ع جو ميثاق جمهوريت ۽ 18هين آئيني ترميم. انهن مان گهٽ ۾ گهٽ 1973ع جو آئين ۽ 18هين آئيني ترميم اهڙا دستاويز آهن، جيڪي ملڪ جي تقريباً سمورين چونڊيل سياسي جماعتن جي اتفاق سان سامهون آيا. جيڪڏهن انهن کي متنازع بڻايو ويندو ته لازمي طور قومي سياسي بحران پيدا ٿيندو.

حقيقت ۾ ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ آئين کان وڏو ميثاق جمهوريت ٻيو ڪوبه نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن اسان صرف 1973ع جي آئين تي ئي عملي طور عمل ڪريون، ته ڪيترن ئي بحرانن مان نڪري سگهون ٿا. پر جيڪڏهن ڪجهه سياسي قوتون به ڪنهن آمر وانگر آئين کي رڳو ڪاغذ جا چند ورق سمجهن ۽ اعليٰ عدليه هر غير آئيني حڪومت کي آئيني تحفظ ڏيندي رهي، ته پوءِ آئين جي روح باقي نه رهندي. 1973ع جي آئين سان به گهڻو ڪري اهڙو ئي سلوڪ ڪيو ويو آهي.

2006ع  جو ميثاق جمهوريت ان ڪري ضروري بڻيو، ڇاڪاڻ ته هڪ آمر نه رڳو آئين کي معطل ڪيو، پر اعليٰ عدليه کيس آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو اختيار به ڏئي ڇڏيو. نتيجي طور 2002ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي نواز شريف ۽ پيپلز پارٽي جي بينظير ڀٽو کي چونڊن کان ٻاهر ڪيو ويو. ان وقت ٻنهي اڳواڻن اهو اعتراف ڪيو ته هو هڪ ٻئي خلاف طاقتور حلقن جي هٿان استعمال ٿيندا رهيا.

بينظير ڀٽو جي المناڪ شهادت کان پوءِ ميثاق جمهوريت جي شروعات سٺي نموني ٿي، جڏهن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي گڏجي اتحادي حڪومت ٺاهي. پر اهو سياسي "هني مون” جلد ختم ٿي ويو. بهرحال، ان جو هڪ مثبت نتيجو اهو نڪتو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو اقتدار جي پرامن منتقلي پنجن سالن کان پوءِ ممڪن ٿي. افسوس جو آئين کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ بدران ڪمزور ڪيو ويو. جيڪڏهن ميثاق جمهوريت کي آئيني تحفظ ملي وڃي ها ته اڄ اهي ئي جماعتون شايد هائبرڊ نظام جو حصو نه هجن ها. جيڪو ڪالهه نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو سان ٿيو، ساڳيو اڄ عمران خان سان ٿي رهيو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا ان تي خوشي ملهائجي يا تاريخ مان سبق سکيو وڃي؟ جيڪڏهن 1985ع ۾ نواز شريف کي پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ آندو ويو ۽ 2018ع ۾ عمران خان کي مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ آندو ويو ته نقصان آخرڪار سياست جو ئي ٿيو. سڀ ڌريون هڪ ٻئي خلاف استعمال ٿينديون رهيون ۽ نتيجي ۾ قومي سياست آهستي آهستي صوبائي سياست ۾ تبديل ٿيندي وئي.

اڄ جيڪڏهن ملڪ کي وفاق سياسي بحران مان ڪڍڻو آهي ته انهن ٽنهي وڏين سياسي حقيقتن کي هڪ ميز تي ويهڻو پوندو. هاڻي صورتحال اها آهي ته عوامي مينڊيٽ عمران خان وٽ آهي ۽ حڪومت شهباز شريف وٽ. شايد نئين "ميثاق جمهوريت” جي شروعات نون ۽ شفاف چونڊن کان ئي ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like