ڇا اسان به لاهور کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪريون؟:شازيا مري

اسلام آباد(بيورو)پ پ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته ڇا اسان به لاهور کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪريون؟ هو چون ٿا ته ڪراچي ۾ مسئلا آهن ته ان کي وفاق حوالي ڪيو وڃي، پر شهرن ۾ مسئلا هوندا آهن.هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مون لاهور ۾ هڪ 9 ورهين جي معصوم نياڻي سان ٿيل واقعو ڏٺو، جنهن کي هڪ فورس طرفان ماريو ويو. اها نياڻي آسٽريليا مان موڪلن لاءِ پنهنجي ملڪ آئي هئي.قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي  0 هن چيو ته پنهنجي ادارن کي درست ڪرڻو پوندو، ۽ اهڙين سنگين غلطين جو ازالو ڪرڻو پوندو.سوشل ميڊيا تي هر وقت منفي سوچ وڌي ٿي، جڏهن ته ملڪن جي تعمير نااميدي تي نه، پر اميد، حوصلي ۽ پنهنجي ماڻهن تي اعتماد سان ٿيندي آهي.هن چيو ته بلوچستان جي وسيلن مان مقامي ماڻهن کي به حق ملڻ گهرجي، هن چيو ته اسان جدوجهد ڪري هتي پهتا آهيون،ايتري آساني سان صوبن کان وسيلا نٿا وٺي سگهو،مضبوط صوبا ئي مضبوط وفاق جي علامت آهن،هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تي بلاول ڀٽو اسٽينڊ ورتو،سوشل ميڊيا تي وڏن انفلوئنسرز وڊيوز رکي وڏيون ڳالهيون ڪيون،بلاول سڀني کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو،بلاول ڀٽو جي صوبائي خودمختياري تي اسٽينڊ وٺڻ واري ڳالهه جي وڊيو کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو،هن چيو ته صوبن دفاع ۽ سيڪيورٽي جي مد ۾ وفاق سان سهڪار ڪيو،هن چيو ته عوام کي عذاب ۾ وجهي آءِ ايم ايف کي اڳيان ڪري ڇڏيوٿا،جيڪو شخص 8 هزار 483 رپيا ڪمائيندو اهو غريب آهي،اهو ڪهڙو منطق آهي،توهان 10 هزار ڏئي ماڻهن کي چئو ته ان مان رڳو مهيني جو چلهو ٻاري سگهو؟پنهنجي پنهنجي تڪن ۾وڃي ڏسو ته عوام ڪيئن پيو زندگي گذاري،هن چيو ته بي آءِ ايس پي تي چٿر نه ڪئي وڃي،پيٽروليم ليوي وڌائڻ واري معاملي تي به ڪو احتساب نظر نه پيو اچي.

 

You might also like