عالمي سياست جي تاريخ هميشه طاقت، مفادن، اثر رسوخ ۽ حڪمت عملي جي هڪ ڊگهي ۽ پيچيده جدوجهد رهي آهي جنهن ۾ هر ملڪ پنهنجي بقا، سلامتي ۽ قومي مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مختلف حڪمت عمليون اختيار ڪندو رهيو آهي ڪڏهن جنگ ذريعي ڪڏهن سفارتڪاري ذريعي ۽ ڪڏهن اقتصادي دٻاءَ ذريعي دنيا جا وڏا ملڪ پنهنجي اثر کي برقرار رکڻ لاءِ هر دور ۾ نوان طريقا اختيار ڪندا رهيا آهن اهڙي عالمي نظام ۾ ڪنهن به ملڪ لاءِ اهو انتهائي ڏکيو هوندو آهي ته هو ٻن وڏين ۽ مخالف طاقتورن ڌرين جي وچ ۾ اعتماد جو پل بڻجي سگهي خاص طور تي جڏهن اهي ڌريون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هڪ ٻئي جي مخالف هجن ۽ انهن جي وچ ۾ شڪ ۽ بي اعتمادي جون گهريون جڙون موجود هجن اهڙي صورتحال ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ صرف سفارتي مهارت نه پر هڪ انتهائي حساس حڪمت عملي جو نتيجو هوندو آهي جنهن ۾ توازن اعتماد ۽ غير جانبداري بنيادي اهميت رکن ٿا اڄ جي عالمي حالتن ۾ پاڪستان جو امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ڪردار هڪ اهم سفارتي پيش رفت طور سامهون آيو آهي جنهن کي نه صرف خطي جي سياست ۾ پر عالمي سطح تي به وڏي اهميت سان ڏٺو پيو وڃي هي ڪردار پاڪستان جي خارجي پاليسي ۾ هڪ نئين سوچ ۽ نئين رخ جي نشاندهي ڪري ٿو جنهن ۾ ملڪ هاڻي صرف ردعمل واري سفارتڪاري تائين محدود نه رهيو آهي پر فعال ۽ اثرائتي ثالثي واري پاليسي ڏانهن وڌي رهيو آهي تازن بين الاقوامي رپورٽن ۽ تجزين ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته پاڪستان کي امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ ۽ ڳالهين جي فضا پيدا ڪرڻ ۾ هڪ اهم پل جي حيثيت حاصل ٿي آهي هي ڳالهه خاص طور تي ان وقت وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ٿي جڏهن وچ اوڀر ۽ عالمي سطح تي سياسي ڇڪتاڻ پنهنجي عروج تي آهي ۽ مختلف طاقتور ملڪ هڪ ٻئي سان اعتماد جي بحران مان گذري رهيا آهن اهڙي ماحول ۾ ڪنهن ٽئين ملڪ جو ڪردار جيڪو ٻنهي ڌرين سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي انتهائي اهم بڻجي وڃي ٿو
پاڪستان جي جاگرافي حيثيت به ان کي هڪ منفرد مقام ڏئي ٿي اهو ملڪ ڏکڻ ايشيا وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي سنگم تي موجود آهي جنهن ڪري اهو مختلف سياسي ۽ اقتصادي رستن جو اهم مرڪز بڻجي ٿو اهڙي جاگرافي اهميت ڪنهن به ملڪ کي عالمي سفارتڪاري ۾ خاص مقام ڏئي ٿي ڇو ته اهو مختلف خطن ۽ طاقتورن ملڪن جي وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تڪرار ڪا نئين ڳالهه ناهي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي نظرياتي ۽ اقتصادي اختلاف گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان جاري آهن ڪڏهن ايٽمي مسئلو ڪڏهن اقتصادي پابنديون ۽ ڪڏهن علائقائي اثر رسوخ جي جنگ هن ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائيندي رهي آهي اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به ٽئين ملڪ جي ثالثي انتهائي نازڪ ۽ حساس عمل هوندو آهي ڇو ته هڪ ننڍڙي غلطي به پوري خطي کي وڌيڪ بحران ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي پاڪستان جي لاءِ هي موقعو صرف سفارتي ڪاميابي نه پر هڪ وڏي ذميواري به آهي ڇو ته ثالثي جو عمل صرف بيانن ۽ ملاقاتن تائين محدود نه هوندو آهي پر ان ۾ مسلسل اعتماد پيدا ڪرڻ صبر ۽ متوازن حڪمت عملي جي ضرورت هوندي آهي پاڪستان جي ڪوششن کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي ۽ مختلف ميڊيا ادارن ان کي خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي هڪ اهم بين الاقوامي نشرياتي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته هي قدم نه صرف خطي ۾ امن لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو پر عالمي سفارتڪاري ۾ به هڪ نئون معيار قائم ڪري سگهي ٿو
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته پاڪستان جي هي ڪاميابي ڀارت لاءِ هڪ اهم سفارتي اشارو آهي جيڪو ان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي تي ٻيهر غور ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو وائيٽ هائوس جي ترجمان طرفان پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف پڻ هن ڳالهه کي وڌيڪ اهم بڻائي ٿي جڏهن هڪ عالمي طاقت ڪنهن ملڪ جي ٽياڪڙي کي مؤثر قرار ڏئي ٿي ته اهو ان ملڪ لاءِ سفارتي طور وڏي ڪاميابي سمجهي ويندي آهي اهڙو اظهار پاڪستان جي عالمي ساک کي مضبوط ڪري ٿو ۽ ان جي سفارتي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪري ٿو ٻئي پاسي ايران ۾ پاڪستاني سفير جو اهو بيان ته ايران ٻين ملڪن تي اعتماد نه ٿو ڪري ۽ پاڪستان کي ئي هڪ قابل اعتماد وچولي ملڪ طور ڏسي ٿو صورتحال کي وڌيڪ واضح ڪري ٿو هي اعتماد ڪنهن به ثالثي عمل جي ڪاميابي لاءِ بنيادي عنصر آهي ڇو ته بغير اعتماد جي ڪنهن به ڳالهه ٻولهه جو عمل اڳتي نٿو وڌي سگهي
هاڻي جيڪڏهن هن صورتحال کي وسيع تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته پاڪستان جو هي ڪردار صرف هڪ سفارتي قدم نه پر هڪ نئين عالمي رجحان جي شروعات ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ وچولي ۽ ترقي پذير ملڪ به عالمي امن ۽ توازن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا اهو رجحان عالمي سياست ۾ طاقت جي روايتي تصور کي به تبديل ڪري سگهي ٿو جتي صرف وڏيون طاقتون ئي فيصلا ڪندڙ نه هجن پر هن سڄي عمل سان گڏ ڪيترائي چئلينج به جڙيل آهن سڀ کان وڏو چئلينج پاڪستان جي لاءِ اهو آهي ته ڇا هو هن ڪردار کي مستقل طور تي جاري رکي سگهي ٿو يا نه ڇو ته عالمي سفارتڪاري ۾ هڪ ڪامياب قدم ڪافي نه هوندو آهي پر مسلسل اعتماد ۽ مستقل مزاجي ضروري هوندي آهي پاڪستان جي اندروني صورتحال به ان جي خارجي سفارتي ڪردار تي سڌو اثر وجهي ٿي جيڪڏهن ملڪ اندر سياسي عدم استحڪام معاشي دٻاءُ يا انتظامي ڪمزوري موجود هجي ته اهڙي حالت ۾ عالمي سطح تي مضبوط ڪردار ادا ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي تنهنڪري پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي اندروني نظام کي به مستحڪم ڪري خطو اڳ ئي ڪيترن ئي بحرانن مان گذري رهيو آهي توانائي جو بحران معاشي دٻاءُ سياسي ڇڪتاڻ ۽ سيڪيورٽي جا مسئلا هن خطي کي وڌيڪ حساس بڻائي رهيا آهن اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به سفارتي ڪوشش کي انتهائي احتياط ۽ ذميواري سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت هوندي آهي
ڀارت جو نالو به هن سڄي صورتحال ۾ بار بار اچي رهيو آهي بين الاقوامي ميڊيا جي تجزين موجب پاڪستان جي هي ڪاميابي ڀارت لاءِ هڪ نئون چئلينج آهي ڇو ته ان سان پاڪستان جي عالمي حيثيت ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ خطي ۾ ان جو اثر رسوخ وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مقابلي جي روايت پراڻي آهي پر هاڻي هي مقابلو صرف سرحدي يا فوجي نه رهيو آهي پر سفارتي ۽ عالمي اثر رسوخ تائين وڌي چڪو آهي پاڪستان جي ثالثي واري ڪردار سان هي مقابلو وڌيڪ سفارتي رخ اختيار ڪري رهيو آهي ميڊيا جو ڪردار به هن سڄي عمل ۾ انتهائي اهم آهي ڇو ته عالمي راءِ سازي ميڊيا ذريعي ئي ٺهندي آهي جڏهن ڪنهن ملڪ جي ڪوششن کي مثبت انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو ته ان جو اثر عالمي سطح تي واضح طور تي نظر اچي ٿو جيڪڏهن پاڪستان هن موقع کي صحيح حڪمت عملي سان استعمال ڪري ٿو ته اهو نه صرف خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو پر عالمي سفارتي نظام ۾ به هڪ اهم ۽ بااعتماد ملڪ طور سامهون اچي سگهي ٿو
اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان جو امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٽياڪڙي وارو ڪردار هڪ نئون سفارتي باب آهي جيڪو جيڪڏهن مستقل مزاجي بصيرت ۽ توازن سان اڳتي وڌايو ويو ته پاڪستان عالمي سياست ۾ هڪ اهم مقام حاصل ڪري سگهي ٿو هي سڄي صورتحال ڀارت سميت ٻين ملڪن لاءِ به هڪ واضح پيغام آهي ته جديد عالمي سياست ۾ اثر رسوخ صرف طاقت سان نه پر اعتماد توازن ۽ هوشيار سفارتي حڪمت عملي سان حاصل ڪيو ويندو آهي..