آمريڪا ۽ ايران جي جنگ دوران تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي بي قابو ٿي وئي آهي۔ اڄ پاڪستان کي آبنائي هرمز بند ٿيڻ سبب پيدا ٿيل تيل جي کوٽ ۽ معاشي ڌڪ مان سبق حاصل ڪندي توانائي بابت هڪ ڊگهي مدي واري پاليسي ٺاهڻي پوندي ۽ هنگامي بنيادن تي شمسي ۽ هوائي توانائي ڏانهن منتقلي کي يقيني بڻائڻو پوندو۔ دي اڪانومسٽ پنهنجي تجزئي ۾ جن ملڪن کي هن جنگ کان وڌيڪ متاثر قرار ڏنو آهي، انهن ۾ پاڪستان سر فهرست آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان پنهنجي GDP جو لڳ ڀڳ چار سيڪڙو تيل ۽ گيس تي خرچ ڪري ٿو۔ ياد رهي ته پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو پيٽروليم شين جو استعمال ٽرانسپورٽ شعبي ۾ ٿئي ٿو، ڇو ته هتي گاڏين کان علاوه لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ موٽر سائيڪلون به موجود آهن۔
حڪومت 2019ع ۾ جيڪا نئين انرجي گاڏين جي پاليسي ٺاهي هئي، ان جو مرڪزي هدف اهو هو ته 30 سيڪڙو گاڏين کي اليڪٽرڪ توانائي تي منتقل ڪيو وڃي، پر ان حوالي سان نه رڳو تمام گهٽ اڳڀرائي ٿي، پر استعمال ٿيل پيٽرول گاڏين جي درآمد جي اجازت ڏئي حڪومت پنهنجي ئي پاليسي کي ڪمزور ڪيو۔ هاڻ توانائي بحران جو تقاضو آهي ته 2030ع تائين گهٽ ۾ گهٽ 60 سيڪڙو گاڏين کي اليڪٽرڪ توانائي تي منتقل ڪيو وڃي ۽ ايندڙ ٽن سالن اندر پنجن وڏن شهرن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ بسون مڪمل طور تي برقي توانائي تي آنديون وڃن۔ وڏي پيماني تي اليڪٽرڪ گاڏين کي عملي بڻائڻ لاءِ چارجنگ اسٽيشنن جا هدف به ٽيڻا وڌائڻا پوندا۔
واضح رهي ته 2018ع ۾ پاڪستان هڪ گيگا واٽ کان به گهٽ سولر پينل درآمد ڪندو هو، جڏهن ته 2026ع جي شروعات تائين اهو انگ 50 گيگا واٽ تائين پهچي ويو، ۽ اهو سڀ ڪجهه عوام پنهنجي ڪوششن سان ڪيو، جنهن ۾ رياست جو ڪو خاص ڪردار نه هو۔ ان منتقلي سبب 2022ع کان 2024ع تائين تيل ۽ گيس جي درآمد ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي آئي ۽ لڳ ڀڳ 8 کان 12 ارب ڊالرن جي بچت ٿي۔ پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته حڪومت جو رويو هن حوالي سان ٿڌو رهيو آهي۔ جيڪڏهن ساڳي رفتار برقرار رهي ها ته پنجن سالن ۾ نصب ٿيل صلاحيت 33 گيگا واٽ کان وڌي 60 گيگا واٽ تائين پهچي سگهي ٿي، پر حڪومت گرڊ جي نااهلي کي بچائڻ لاءِ وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪري سولر جي طلب گهٽائي ڇڏي، جنهن سبب عوام به مايوس ٿيو۔
تنهنڪري ضروري آهي ته بيٽرين جي درآمد سان گڏ ليٿيم آئن سسٽم تي GST مڪمل طور ختم ڪيو وڃي، بيٽري تنصيبات لاءِ سيڙپڪاري ۾ سهولتون وڌايون وڃن ۽ رياست طرفان رعايتي قرض ڏئي سولر ۽ بيٽرين ڏانهن منتقلي جي همٿ افزائي ڪئي وڃي۔ تيل جي ٽرانسپورٽ ۾ هڪ اهم مسئلو فريٽ هينڊلنگ جو به آهي، ڇو ته ٽرڪن ذريعي تيل جي منتقلي قيمتن تي اثرانداز ٿيندي رهي ٿي۔ هڪ وقت پاڪستان ريلوي جي فريٽ هينڊلنگ 73 سيڪڙو هئي، جيڪا هاڻي گهٽجي صرف 2 کان 3 سيڪڙو رهجي وئي آهي۔ اهو ريلوي جي ناڪامي نه، پر قومي لاجسٽڪ پاليسي جي ناڪامي آهي، جنهن سبب تيل جي ترسيل مڪمل طور ٽرڪن تي دارومدار رکي ٿي، جڏهن ته پاڪستان جا وڏا شهر ريلوي لاءِ موزون آهن۔
انهيءَ حوالي سان ML-1 ريلوي اپگريڊ منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پلاننگ ڪميشن موجب اهو GDP ۾ 2 کان 3 سيڪڙو اضافو ڪري سگهي ٿو ۽ فريٽ صلاحيت 34 ملين ٽن سالياني تائين وڌائي سگهي ٿو۔ توانائي بحران جي حل لاءِ پاڪستان پنهنجي جغرافيائي حيثيت مان به مڪمل فائدو نه ورتو آهي۔ ايران-پاڪستان گيس پائپ لائن منصوبو، جيڪو 1994ع ۾ شروع ٿيو، ايران پنهنجي حصي جو ڪم مڪمل به ڪيو، پر آمريڪي دٻاءَ سبب پاڪستان ان کي اڳتي وڌائي نه سگهيو۔ جيڪڏهن اهو منصوبو مڪمل ٿئي ها ته ملڪ کي ايندھن جي کوٽ نه ٿئي ها، گردشي قرض گهٽجن ها ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ به گهٽتائي اچي ها۔ گوادر بندرگاهه جي گنجائش وڌائي جيڪڏهن ان کي عالمي سطح جو محفوظ واپاري مرڪز بڻايو وڃي ته چين لاءِ اهو اهم واپاري رستو بڻجي سگهي ٿو۔ چين هرمز ۽ ريڊ سي بدران گوادر ذريعي پنهنجي واپار کي وچ ايشيا تائين پهچائي سگهي ٿو، جنهن سان آمريڪا ۽ ڀارت جي مداخلت کانسواءِ واپار ممڪن ٿيندو۔ ماهرن موجب هي بندرگاهه پاڪستان لاءِ 60 ارب ڊالرن جي معيشت پيدا ڪري سگهي ٿو۔
جيڪڏهن هن جنگ کان پوءِ ايران تي پابنديون نرم ٿين ٿيون ته پاڪستان نه رڳو گيس پائپ لائن مڪمل ڪري سگهي ٿو، پر گوادر ذريعي وچ ايشيا کي محفوظ واپاري رستو پڻ ڏئي سگهي ٿو۔ ان لاءِ بلوچستان جا مسئلا سياسي طور حل ڪرڻ ضروري آهي، جيئن اتان جا ماڻهو پنهنجي وسيلن ۽ گوادر جي فائدن مان مڪمل طور مستفيد ٿي سگهن۔