امن معاهدي بابت انديشا اڃا به موجود آهن

سيد مجاھد علي

ايران طرفان آبنائي هرمز کولڻ جي اعلان کان پوءِ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن معاهدي ۽ مستقل جنگبندي جا امڪان روشن ٿي ويا هيا. تنهن هوندي به آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مزاج ۽ ايراني قيادت جي وچ ۾ فيصلا سازي ۾ هم آهنگي نه هجڻ سبب آخري مرحلي تائين ڪو به حتمي دعويٰ ڪرڻ ممڪن ناهي۔

ايران ۽ آمريڪا ٻئي جنگ کان ٿڪجي پيا آهن ۽ ڪنهن به ريت جنگ ختم ڪري عزت ڀري معاهدي تائين پهچڻ چاهين ٿا. البت ڊونلڊ ٽرمپ وانگر ايراني اڳواڻن جي خواهش به اها ئي آهي ته امن معاهدي جو متن اهڙي نموني لکيو وڃي جو ٻي ڌر شڪست کاڌل نظر اچي. حالانڪه امن هڪ ٻئي کي مڪمل احترام ڏيندي به حاصل ڪري سگهجي ٿو، بلڪه اهو طريقو وڌيڪ شائسته ۽ مهذب هجي ها. پر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجن لڳاتار ۽ اشتعال انگيز بيانن ذريعي معاملي کي ان حد تائين وٺي آيو آهي جو جنگ مان نڪرڻ جي سخت خواهش باوجود به هو ان کي پنهنجي فتح جو دستاويز بڻائڻ تي اصرار ڪري رهيو آهي. گذريل ٻن ڏينهن دوران سندس بيانن ۽ انٽرويوز جو جائزو وٺجي ته اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي ته معاهدي طرف وڌندي به هو پاڻ کي برتر پوزيشن ۾ ثابت ڪرڻ کان باز نٿو اچي۔

جڏهن ته هن جنگ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته رڳو تباهي مچائڻ يا هٿيارن جي بي دريغ استعمال سان ڪنهن به جنگ جا حتمي مقصد حاصل نٿا ٿي سگهن، بلڪه ان لاءِ سموري صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ اهو ڏسڻ ضروري آهي ته زميني حالتون ڪهڙيون رهيون ۽ جنگ کان اڳ ۽ پوءِ ڌرين جي اسٽرٽيجڪ پوزيشن ڪهڙي سطح تي آهي. بغير ڪنهن وڌاءُ جي جائزو وٺجي ته ان حوالي سان ايران بيشڪ فائدي ۾ رهيو آهي، جيتوڻيڪ کيس آمريڪا ۽ اسرائيل جي شديد بمباري سبب وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي. هزارين ماڻهن جي موت کان علاوه ڪيترائي اهم اڳواڻ مارجي ويا ۽ ملڪ جو صنعتي ۽ فوجي ڍانچو سخت متاثر ٿيو. بهرحال اهو نتيجو اڳ ئي معلوم هو ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي حملو ڪندو ته ايران کي ڳرو نقصان ٿيندو۔ تنهن هوندي به ڏسي سگهجي ٿو ته آمريڪا هن جنگ جيڪي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي هئي، اهي پورا نه ٿي سگهيا. هو تهران ۾ ملا رجيم جو خاتمو چاهيندو هو، پر هاڻي ساڳي حڪومت سان ڳالهين کان پوءِ پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪرڻ لاءِ بي چين آهي. تهران ۾ حڪومتي ڍانچي ۾ ڪيترائي اهم سياسي ۽ فوجي اڳواڻ مارجي ويا، پر انهن جي جاءِ وٺندڙ وڌيڪ سخت گير ثابت ٿيا. پاسداران انقلاب جي قيادت هر قسم جي نقصان باوجود جنگ جاري رکڻ تي قائم رهي.

بهرحال پاڪستان جي شبانه روز محنت ۽ دانشمند سفارتڪاري سبب ايراني اڳواڻن کي جنگبندي تي راضي ڪيو ويو ۽ هاڻي حتمي امن معاهدي جي راه هموار ٿي رهي آهي۔ ان جي ابتڙ آمريڪي نقطه نظر کان ڏسجي ته هو ايران جي ايٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ جي خواهش تي پابنديون مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي، پر اهو اهڙو مقصد هو جيڪو جنگ ۽ تباهي کان سواءِ به حاصل ڪري سگهجي پيو. 28 فيبروري تي ايران تي حملي کان اڳ عمان ۾ ٿيندڙ ڳالهين دوران ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام تقريباً گهٽائڻ تي تيار هو، پر اسرائيل جي اثر هيٺ اچي ٽرمپ فوجي طاقت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو افسوسناڪ هو. ان سان ايران کي آبنائي هرمز بند ڪري ان کي معاشي ۽ ٽيڪٽيڪل هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن سان سندس اعتماد ۾ وڏو اضافو ٿيو. هاڻي آمريڪا ان آبي رستي کي کولڻ تي خوشي ظاهر ڪري رهيو آهي، جڏهن ته جنگ کان اڳ اهو رستو کليل ئي هو. آمريڪا کي مستقبل ۾ اهو سبق ياد رکڻو پوندو ته غلط فيصلن سبب هن ايران جي هٿ ۾ هڪ غير معمولي هٿيار ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪو عالمي معيشت لاءِ هميشه خطري جي گهنٽي بڻجي سگهي ٿو۔

ايران عرب ملڪن ۾ آمريڪي اثاثن کي نشانو بڻائڻ جي نالي تي آمريڪي حملن جو جواب عرب ملڪن جي تنصيبات ۽ معيشت کي نقصان پهچائي ڏنو. هن جنگ کان اڳ ايران کي پنهنجي هن طاقت جي مڪمل اندازي به نه هئي. ٻي طرف عرب ملڪ، جيڪي ڏهاڪن کان آمريڪا جي ڇانوَ هيٺ رهيا ۽ اربين ڊالر هٿيارن تي خرچ ڪيا، هاڻي سمجهي ويا آهن ته مشڪل وقت ۾ آمريڪا مڪمل تحفظ فراهم نه ڪري سگهندو. مستقبل ۾ اهو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي ته ڪيترائي عرب ملڪ آمريڪا بدران ڪو متبادل دفاعي نظام اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن۔

پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدي ۽ هن بحران دوران پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن باوجود اسلام آباد پنهنجي دفاعي معاهدي کي متاثر ٿيڻ نه ڏنو. اهڙي طرح اهو دفاعي معاهدو عرب ملڪن لاءِ متبادل دفاعي منصوبو بڻجي سگهي ٿو. پاڪستان اڳ ئي سعودي عرب ۽ ترڪي سان گڏ اهڙي اتحاد تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ مسلمان ملڪ هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهن. البت اهڙي نظام کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ وقت درڪار هوندو. بهرحال اهو واضح آهي ته هن جنگ کان پوءِ آمريڪا لاءِ وچ اوڀر ۾ پنهنجو فوجي اثر برقرار رکڻ آسان نه رهندو۔

صدر ٽرمپ پنهنجي پهرين دور ۾ ابراهيم اڪارڊ نالي معاهدو متعارف ڪرايو، جنهن ذريعي عرب ملڪن کي اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ همٿايو ويو. ڪيترن عرب ملڪن اهو معاهدو قبول ڪيو هو. ٽرمپ پنهنجي ٻئي دور ۾ سعودي عرب سميت ٻين ملڪن کي به اسرائيل جي ويجهو آڻڻ چاهيندو هو. پر اسرائيل سان گڏ هن تباهه ڪن جنگ کان پوءِ عرب ملڪن لاءِ اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي ته آمريڪا اصل ۾ اسرائيل ذريعي علائقي تي ڪنٽرول قائم ڪرڻ چاهيندو هو. ايراني مزاحمت سبب ابراهيم اڪارڊ جو مستقبل غير يقيني بڻجي ويو آهي. هاڻي اسرائيلي اڳواڻن جا وڏا منصوبا عملي جامو پهرائڻ آسان نه هوندا. هن جنگ کان پوءِ اسرائيل جي پوزيشن به ڪمزور ٿي وئي آهي، معاشي دٻاءُ وڌندو، سفارتي اڪيلائي ۾ اضافو ٿيندو ۽ سندس توسيع پسندانه عزمن خلاف وڌيڪ سخت عالمي ردعمل سامهون ايندو۔

آبنائي هرمز کولڻ کان اڳ آمريڪي صدر لبنان تي اسرائيلي حملا بند ڪرائڻ جو واعدو ڪيو، جنهن کان پوءِ تهران طرفان آبنائي هرمز کولڻ جو اعلان ڪيو ويو. تهران جي دوري دوران فيلڊ مارشل عاصم منير ايراني اڳواڻن کي هن معاملي تي راضي ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايران جي سياسي ۽ فوجي قيادت جي وچ ۾ اختلاف ۽ مواصلاتي مسئلا به اهم رڪاوٽ هئا، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ هن ٽن ڏينهن تائين ڪوششون ڪيون ۽ کين امن ڏانهن وڌڻ تي آماده ڪيو۔انهيءَ سبب صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستاني اڳواڻن جي تعريف ڪئي ۽ سوشل ميڊيا تي پيغام ۾ پاڪستان، ان جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جو شڪريو ادا ڪيو. پاڪستان سخت محنت ۽ حڪمت عملي سان سفارتي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. اميد ڪئي پئي وڃي ته ايندڙ هفتي جي شروعات ۾ اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ حتمي امن معاهدي لاءِ ڳالهيون ٿينديون۔ اهڙي معاهدي تي صحيحون ٿيڻ کان اڳ ڪو به حتمي نتيجو ڪڍڻ غير ذميواراڻو هوندو، پر جيڪڏهن اهو معاهدو ٿي وڃي ٿو ته دنيا جا ملڪ پاڪستان جا شڪرگذار هوندا، ڇو ته عالمي معيشت جي استحڪام لاءِ ايران جنگ جو خاتمو نهايت ضروري هو. پاڪستان محدود وسيلن باوجود اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، جيڪو گڏيل قومن سميت دنيا جا وڏا ادارا به ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.