فرسوده سرداري نظام ۽ نياڻين جو ڪوس

غلام حسين لغاري

خبر ناهي ته سنڌ مان ڪارو ڪاري نياڻين کي حراسمينٽ هيٺ آڻڻ مورثي زمينن تي قبضا ڪرڻ ڪرائڻ وارو وڏيرڪو جرڳن وارو فرسوده نظام ڪڏهن پڄاڻي تي پهچندو جنهن تحت  سنڌ جون نياڻيون ۽ ڳڀرو جوان ڪارو ڪاري الزام تحت ڪٺا وڃن ٿا يا وري مورثي زمينن تي قبضا ڪري بيوسن جا گهر ڊاٿا وڃن ٿا جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ جون جرڳن تي بندش ۽ زمينن جا قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ واضح هدايتون ۽ سخت سزا ڏيڻ وارا قانون موجود آهن پوءِ به هن قسم جا ڏوهه جاري و ساري آهن ۽ سنڌ جا سردار  وڏيرا سزا ۽ جزا کان آجا ۽ محفوظ آهن۔ اهوئي سبب آهي جو ڀارت مان لڏي آيل مهاجر جڏهن تڏهن کين وڻين سنڌ جي وڏيرن سردارن نوابن ۽ جاگيردارن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهن ٿا۔

تازو ميرپورخاص جي ناري فهميده لغاري جو اڃا ڪفن ئي ميرو نه ٿيو هو ته مٿان وري خيرپورميرس جي ٽنڊو مستي جي ٻٽو چانڊيو ڳوٺ جي هڪ نياڻي خالده عرف روبينه چانڊيو  کي ڪاري قرار ڏئي انجو ڪوس ڪيو ويوآهي جنهن جو ڏوهه صرف اهو هو جو هن پسند جو پرڻو ڪيو هو۔نياڻي کي هٿ ڪري مقامي وڏيري وٽ پيش ڪيو ويو جنهن بنا ڪنهن دير جي جرڳو گهرائي کيس مارڻ جا احڪامات جاري ڪيا جنهن تي بنا ڪنهن دير جي کيس ڳوٺ جي ماڻهن جي هڪ هجوم آڏو گوليون هڻي قتل ڪيو ويو۔نياڻي اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪوڪون پنهنجي بيگناهي جا ثبوت پيش ڪندي رهي  پر سندس ڪنهن به نه ٻڌي سون ڳوٺاڻن جي موجودگي ۾ کيس گوليون هڻي وڏيري کي خوش ڪيو ويو۔قتل ته پنهنجي جاء تي پر نياڻي جي لاش جي کليل نموني تذليل ڪندي کيس بنا ڪفن بنا جنازي نماز کڏو کوٽي ان ۾ جانورن جيان دفن ڪيو ويو  نتيجي ۾ جانورن قبر کوٽي لاش کي کائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سان هر ڏسندڙ هر ٻڌندڙ به آهون ڀرڻ لڳو۔

قتل ٿي ويل نياڻي خالده روبينه جي امڙ جو قران مجيد تي هٿ رکي ڏنل هڪ بيان سامهون آيو آهي ته واقعي واري وقت پوليس به ڀرپاسي موجود هئي جنهن سندس نياڻي جو لاش پوسٽ مارٽم جي بهاني کڻي وڃي ويجهي قبرستان ۾ دفنايو ايتري ته بي حسي چئجي جو نياڻي جو آخري ديدار به امڙ  ابي کي ڪرائڻ ضروري نه سمجهو ويو۔اڃا بي حسي يا قانون جي ڀڃڪڙي چئجي جو  نياڻي به  ماري وڃي ۽  گهر به هنن جا ڊاٿا ويا  جيڪو غير انساني سلوڪ چئجي.چيو وڃي ٿو ته  رات جو لڳ ڀڳ ساڍي ٽين وڳي جو وقت هو پوليس جي پارٽي واقع واري هنڌ تي پهتل به هئي جنهن ڪنهن به قسم جي ڪا مداخلت نه ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ جوابدارن ناري کي قتل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽  رات جي اونداهي جو فائدو وٺي ڀڳا هليا ويا. ايس ايس پي خيرپور ڪئپثن امير مسعود مگسي جي ڪوششن سان ڪجهه مک قاتل ۽ واقع ۾ ملوث جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن جن مان مک جوابدار  پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي ۔ايس ايس پي صاحب بذات خود نياڻي جي بٺي تي پهچي گل رکيا سلامي ڏني ۽ دعا مغفرت گهري جيڪو سندس مثبت قدم چئجي۔پوليس جو چوڻ آهي ته فوتڻ ناري کي سيني ۾ گوليون لڳڻ سبب موت واقع ٿيو ۽ جاءِ واردات تان هڪ پسٽل هٿ آيو آهي پر وڏي ڳالهه تعجب واري اها چئجي ته اها سڏ پنڌ تي موجود هوندي به نياڻي کي وحشين کان بچائي نه سگهي۔قتل ٿي ويل نياڻي جي عمر 19 سال هئي۔هن واقعي وحشياڻي واقع بعد پ پ پ جا ڪجهه اڳواڻ جن ۾ سيد نفيسه شاهه نواب وساڻ ۽ ٻيا شامل هئا صحافين جي موجودگي ۾ سوڳوارن وٽ پهتا واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي هليا ويا پر سرداري نظام جي ظالماڻه واقعي کي کليل نموني نه ننديو جيڪو به انصاف جي راهه ۾ ناانصافي چئجي۔

شمائله چانڊيو اهي خبرون به منظر عام تي آهن ته هالا لڳ ڳوٺ نبي بخش چانڊيو ۾ به 14 سالا هڪ نياڻي شمائله چاڻڊيو جو به ڪاري هجڻ جي الزام هيٺ کيس قتل ڪيو ويو آهي جنهن جو ڏوهه صرف ايترو هو جو هن ننڍي عمر هجڻ سبب پنهنجي سئوٽ سان شادي کان انڪار ڪيو هو۔ميرپور خاص جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي آپگهات کانپوءِ ڪارو ڪاري الزام هيٺ ٻن نياڻين هالا واسي شمائله چانڊيو ۽ خيرپور واسڻ خالده روبينه چانڊيو جي وحشياڻه خونن جي واقعن پوري سنڌ کي سراپا احتجاج بڻائي ڇڏيو آهي ملڪي سطح تي هنن خونن جي پرزور مذمت ٿي رهي آهي۔هي واقعا ظاهر ڪن ٿا ته سنڌ سردارن وڏيرن پيرن ميرن جاگيرادارن جو وحشياڻه ڳڙهه بڻجي چڪي آهي جڏهن چاهين جنهن کي چاهين پنهنجي ناپاڪ عزائم جو نشانو بڻائين۔

بهرحال ميرپورخاص جي فهميده لغاري هالا واسڻ شمائله چانڊيو ۽ خيرپورواسڻ خالده روبينه جا هڪٻئي پويان ٿيل خون سنڌ سرڪار ۽ پ پ پ قيادت لاءِ چئلنج بڻيل آهن ته اهي هن سڄي منظر نامي کي ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت ٿا وٺن ۽ عدالتون ڪهڙو فيصلو ٿيون ڏين ڪهڙو انصاف ٿيون ڏين۔بهرحال سنڌ بيوس پورهيتن ۽ شاگرد نياڻين جي رهڻ جهڙي ناهي رهي۔ڪڏهن ڪارو ڪاري ته ڪڏهن مذهبي رنگ ڪڏهن  مذهب مٽائڻ جو سبب ته ڪڏهن وري حراسمينٽ وسيلي يا وري زمينن تي قبضا ۽ قبيلائي جهيڙا ڪرائي سنڌ جي ماڻهن ۽ نياڻين کي عتاب هيٺ آڻي سندن خون وهائي سنڌ جو امن امان تباهه ڪيو پيو وڃي۔سنڌ جا وڪيل پنهنجي مفاد ۽ شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ريليون ته ڪڍن ٿا پر هنن جو مفت ڪيس وڙهڻ کان لاچار آهن جنهن لاءِ وڪيلن کي سنڌ واسين لاءِ هڪ اهڙي ڪائونسل جوڙڻ گهرجي جيڪي مظلوم  ڪيس وڙهڻ جي وسعت نٿا رکن تن جي مفت مدد ڪئي ۽ سندن ڪيس وڙهن۔هن قسم جي واقعن کي معمولي نه سمجهڻ گهرجي نياڻين جي عظمت جو احترام ڪرڻ گهرجي.سنڌ واسي  هن واقعي کي سرداري نظام جو تسلسل سمجهن ٿا ۽ انصاف ڏياريندڙ عدالتن کي ياد ڏيارينداسين ته سنڌ ۾ ٿيندڙ سرداري جرڳن جو نوٽيس وٺي سنڌ کي بيگناهن جي رت سان وهندڙ درياهن کي بند رکيو وڃي.سنڌ ۾ هن قسم جا ماضي ۾ هزارين واقعا ٿي گذريا آهن پر هن وقت تائين ڪنهن کي به انصاف ملي ناهي سگهيو. خيرپور واقعو سنڌ ۾ دل ڏهڪائيندڙ پهريون واقعو آهي جنهن ۾ هڪ نياڻي کي نه صرف قتل ڪيو ويو پر انجي لاش جي بي حرمتي به ڪئي وئي.

سنڌ واسي خيرپور واسڻ ناري خالده روبينه هالا واسڻ شمائله چانڊيو ۽ ميرپورخاص جي فهميده لغاري جي وحشياڻه خون جي مذمت ڪن ٿا ۽ سوڳوار امڙ ابي سان سندن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن۔اعلي عدالتن کي غير قانوني ٿيندڙ جرڳن ۽ بيگناهه ٿيندڙ قتلن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي۔ڪنهن انسان جو خون ڪرڻ لاش اغوا ڪرڻ وري انکي بنا ڪفن بنا جناز نماز پڙهائڻ جي کڏ کوٽي پورڻ وارو عمل غير انساني غير اسلام آهي۔فوتڻ جي والده جي بيان مان لڳي ٿو ته مقامي پوليس به جرڳو ڪندڙ ۽ سزا ٻڌائيندڙ وڏيرن جي هن معاملي ۾ سهولتڪار رهي آهي۔چيف جسٽس سنڌ کي هن معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف جا در کولي ڇڏي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.