خوشبوءِ جهڙو شاعر: مقصود گل

انيلا ’نيل‘ ميراڻي

سنڌ جي ادبي جھانَ ڪيترا ئي اهڙا تخليقڪار پيدا ڪيا آھن، جن پنھنجي تخليقي وجدان سان سماج تي گھرا اثر ڇڏيا آھن. پر انھن مان ڪي شخصيتون اهڙيون به آهن، جيڪي پنھنجي فني ۽ فڪري وسعت سان گڏوگڏ پنھنجي ذات جي اخلاقي بلنديءَ سبب نه رڳو هڪ دؤر، پر ڪيترن ئي نسلن جي رهنمائي ڪنديون آهن. اهڙين ئي گڻائتين شخصيتن مان هڪ نالو سنڌ جي سجيلي شاعرَ مقصود گل جو به آهي، جيڪو نه رڳو هڪ حساس شاعر، پر هڪ ماھر چترڪار، باصلاحيت صحافي، محقق، مترجم ۽ ٻارن جو بيحد سچو ساٿي به هو. سندن لکڻيون اڄ به نسلن جي ذھنن کي روشن ۽ معطر ڪري رهيون آهن.

قاضي مقصود حيات، جيڪو پنھنجي ادبي نالي ’مقصود گل‘ سان مشھور آهي، 15 اپريل 1950ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي معروف علمي ۽ ادبي شھر رتيديري ۾ جنم ورتو. سندس والد، قاضي عبدالحيّ ”قائل“، پاڻ به هڪ وڏو شاعر، استاد، مصوّر ۽ صحافي هو. لفظن ساڻ رچنائون رچي اُڌمن جي اپٽار جو ڪم وٺڻ ۽ احساسن جي سونھن جي اظھار واري هن ماحول، مقصود گل جي شخصيت تي ٻالڪپڻ کان ئي گَھِرو ۽ دائمي اثر ڇڏيو. عملي طور تي سندن زندگي ادب جي ھنج ۾ گذري، جتي هن لفظن جي لطافت ۽ احساسن جي شدت کي ويجهڙائيءَ سان محسوس ڪيو.

قاضي صاحب ابتدائي ۽ ثانوي تعليم رتيديري ۾ حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان بي اي ۽ ايم اي جون سَندون حاصل ڪيون. والد صاحب جي ابتدائي رھنمائيءَ کانپوءِ سندس سخن جي کيتر ۾ استاد ۽ رهنما ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ هو، جنھن سندس ذهني ۽ ادبي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مقصود گل صرف ڪتابي علم جو قائل نه هو، پر زندگيءَ جي حقيقي تجربن، مشاهدن ۽ صحبت کي وڏي اھميت ڏيندو هو.

مقصود گل صاحب سنڌي شاعريءَ جي لڳ ڀڳ هر همعصرصنف تي طبع آزمائي ڪئي. پوءِ اهو غزل هجي، نظم هجي، وائي، دوهو، بيت، رباعي، ترائيل، پنجڪڙو هجي يا حمد ۽ نعت، هن لڳ ڀڳ هر صنف لکي، پر سندس شھرت خاص طور تي غزل سان ٿي. ٻارن لاءِ سرجيل شاعري ۽ نثر سندس سڃاڻپ جو ٻيو مضبوط حوالو هو. سندس شاعريءَ ۾ انسانيت جي انس، عشق، محبت، فراق سان گڏوگڏ سماجي مصيبتن جي جابجا عڪاسي ملي ٿي. هو فطرت جو شيدائي آهي ۽ سندس مشاهداتي اک معاشري جي خامين کي نھايت نفيس انداز ۾ پيش ڪري ٿي.

جيئن:

هن چيو مذهب هجي ۽ مون چيو انسانيت

سمجهه جو ڦيرو هيو ٻيو ته ڪو جهڳڙو نه هو

سندن شاعريءَ جو ڪتاب ”اکڙيون نيل ڪنول“ ۾ شامل هڪ رباعيءَ جو نمونو ڏسو، جيڪو اڻ برابريءَ تي ٻڌل معاشري تي نھايت چُڀندڙ طنز آهي:

افلاس ۾ مسڪين مري ٿو هر دم

چُپ چاپ غمن منجهه ڳري ٿو هر دم

زردار جو هر وار سدا هيج ۾ آ

هر عيش گري جو به ڪري ٿو هر دم

هڪ ٻئِي رباعيءَ ۾ هو لکي ٿو ته سماج ڪيترو بي حس ٿي چڪو آهي:

سڀ چَھِرا لٿلَ سُور ستايل ماڻهو

ڏک، ڏاڍ، ڏمر، ڏِيلَ، ڏُکايل ماڻهو

زندهه ٿا گهمن لاش حياتيءَ هوندي

ڪَتبا ٿا لڳن منھن ته ڪنبايل ماڻهو

سندن گيڙوءَ رنگ غزل مان ڪجهه سٽون ڏسو:

وري مؤج مقتل ڏي ايندي ڏسان ٿو

مان مَوسم کي ميندي مليندي ڏسان ٿو

وري سِرَ ڏيڻ جُون ٻُجهن ٿيون صدائون،

بلاول وري بانگَ ڏيندي ڏسان ٿو

وري شام گيڙوءَ رتو ويس پاتو

شفق کي وري شوخ ٿيندي ڏسان ٿو

وري ڀونءِ کي گُل گُلابي کپن ٿا

وري سنڌڙيءَ کي سَڏيندي ڏسان ٿو

سندس ڪلام صرف جذبن کي نٿو ڇُھي، پر پڙهندڙ جي عقل ۽ فڪر کي به جاڳائي ٿو. سندس شھرت جو هڪ وڏو سبب سندن سادو، وڻندڙ ۽ روان انداز آهي، جيڪو پڙھندڙن سان سڌو سنئون ڳالهائي ٿو:

سُڏڪي سُڏڪي سُڏڪو ٿي پيس

اوسيئڙي ۾ الڪو ٿي پيس

سنڌڙيءَ جي لئه سوچي سوچي،

”گلَ“! مان سنڌ جو نقشو ٿي پيس

جيتوڻيڪ مقصود گل هڪ وڏو شاعر هو، پر سندن سڀ کان وڏي خدمت ٻارن جي ادب جي ميدان ۾ آهي. هن ٻارن لاءِ اهڙو حسين ۽ منظم جھان جوڙيو، جنھن ۾ ھن اخلاق، محبت، علم، وطن دوستيءَ ۽ سماجي ذميواريءَ جي پيغام جا رنگ ڀريا. سندس مشھور ڪتاب ”ڪرڻا ڪرڻا“ (ٻارن لاءِ شاعري) ۽ ”هٺيلي هرڻي“ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون) اڄ به ٻارن ۾ جَهجها مقبول آهن. سندس ٻاراڻي شاعريءَ ۾ نه رڳو موسيقيت ۽ ٻارن جي ڏانءَ وارو ردم آهي، پر ان ۾ پيغام جي لحاظ کان نئين نسل جي تعمير جو سنيھو به آهي. سندس اھڙن پيغامن ٻارن جي ذهنن ۾ سوچ جا ڏيئا ٻاريا.  1980ع واري ڏهاڪي ۾، جڏهن اخبارن ۾ ٻارن لاءِ خاص صفحا شايع ٿيندا هئا، تڏهن سندن ڪالم مزيدار هفتيوار ڪالم ”ٽِمون شرارتي“ ٻارن جي زندگيءَ جو حصو بڻجي ويو. هن ڪالم جي خاص ڳالهه اها هئي ته مقصود گل پاڻ ان لاءِ اسڪيچ ۽ ڪارٽون به ٺاهيندو هو، جيڪو لفظ ۽ تصوير جو نرالو ميلاپ هو. هڪ ٻار وانگر سوچڻ ۽ سمجهڻ سندس خاص خوبي هئي.

مقصود گل صرف تخليقڪار ئي نه، پر هڪ سٺو محقق ۽ مترجم پڻ هو. سندن ترجمن ۾ ڪرشن چندر جي ڪھاڻين جو مجموعو ”زندگيءَ ڏي موٽ“ (شايع: 1985ع) ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جو اردو ترجمو ”اي آهُو چشم ڪدهر“ (شايع: 2010ع) شامل آهن. خاص ڳالهه اها آهي ته هن حضرت سچل سرمست جي فارسي مثنوين جو منظوم اردو ترجمو ”عشق سمندر“ جي نالي سان ڪيو، جيڪو 2013ع ۾ شايع ٿيو ، جيڪو سندس وسيع مطالعي ۽ لسانياتي مھارت جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. گڏوگڏ هن ”رتوديرو ــ مختصر تاريخ“ جھڙي ڪتاب سان پنھنجي اباڻي شھر جي تاريخ کي به قلمبند ڪيو. صحافيءَ جي حيثيت ۾ هن جا ڪالمَ ۽ مضمون پڻ انتھائي مقبول ٿيا، جتي هن سماجي ۽ سياسي مسئلن تي دليريءَ سان لکيا. مقصود گل جا ڇپيل ڪتابَ سنڌي ادب جو هڪ عظيم ورثو آهن.

مقصود گل شخصي طور تي نھايت نرم دل، محبت ڪندڙ، مھربان ۽ ٻاجهاري شخصيت جو مالڪ انسان هو. سندس شاگرد ۽ ساٿي سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهن. مقصود گل انھن سمورن ساھتي توڙي ذاتي ساٿين کي 14 فيبروري 2015ع تي هميشه ھميشه لاءِ ڇڏي، 65 ورهن جي ڄمار ۾، هي فاني جھان ڇڏيو. هو جسماني طور تي ته سنڌ کان وڇڙيو، پر حقيقت اها آهي ته تخليقڪارَ سدائين امر رھندا آھن. مقصود گل به پنھنجي پويان بيشمار نظمَ، ڪھاڻيون، ڪتابَ ڇڏي، نسلن لاءِ سوچڻ ۽ سمجهڻ جو سليقو ڇڏيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هن سھڻي شاعرَ، سنڌي شاعريءَ تي جيڪو چاشنيءَ وارو رنگ چاڙھيو، اهو ته سندن ڪمال آھي ئي، پر هن ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ جيڪو ڪم ڪيو، اهو سنڌي ادب ۾ يادگار رھندو. اڄ سندس انھن ئي مثالي خدمتن جي ڪري سندس 76هين جنم ڏينھن جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.