‎بيمار اديب محمد علي پٺاڻ جي سار لهو

ڄام صنم سنڌي

‎ موت رڳو جسم کي ناھي ايندو ڪڏھن ڪڏھن احساس، جذبا، سوچون، دل، دماغ، وصفون، خصلتون، تخليقون، ڏات ۽ ڏانءُ به مري ويندا آهن، اهو موت جسماني موت کان وڌيڪ اذيتناڪ هوندو آهي ۽ اُن موت ۾ سڀ کان وڏي حيرت ۽ انفراديت جي ڳالهه اھا آهي ته اھو موت منفي ماڻهن کي سفاڪيت ڏانهن ۽ مثبت انسان کي اڪيلائي ۽ اداسي ڏانهن ڌڪي ويندو آهي، جتي سڀ کان گهڻي تڪليف روح کي ڀوڳڻي پوندي آهي، اهڙي موت کي وقت کان اڳ وڇڙي وڃڻ چئبو آهي۔ جڏهن ماڻهو ماڻهن جي وچ ۾ هوندي به اڪيلو، اجنبي، اداس، اٻاڻڪو ۽ اڌورو محسوس ڪندو ۽ رشتن کي ناتن، واسطن ۽ وابستگين باوجود شديد اوپرائپ جي احساس ۾ مبتلا رهندو آهي ڇو ته اهو موت کيس قدرت نه پر ماڻهن وٽان سندن تلخ روين، بيحسي، بي احساسي، اڻسڃاپ، بيقدري، نفرت، نظراندازي، سخت دلي، مخلص جذبن جي کوٽ، مطلب پرستي ۽ انسانيت جي اڻهوند سبب واقع ٿيندو آهي.

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اھڙا موت هر دور ۾ ٿيندا رهيا آهن، پر هن ترقي يافته، تيز ترين ڊجيٽل دور ۾ اھڙن وڇوڙن جو انگ تمام گهڻو وڌي ويو آهي. جيڪو انسانيت لاءِ الميي، ترقي، تھذيب ۽ تعليم جي نالي تي تنزلي جو اھڙو ڪارو ٺپو آھي جنھن ماڻھن ۽ ماڻھپي جي وچ ۾ آيل بحر الڪاحل جيڏي وٿي کي واضح ڪري معاشري ۾ گھمندڙ انھن زندہ لاشن کي وائکو ڪيو آھي جيڪي وقت کان اڳ ماريل مقتولن جا سفاڪ قاتل آھن نفيس جذبا، حساس سوچون ۽ نرم دل انسان اھڙن قاتلن جو شڪار ٿي زنده  ھوندي به دنيا تياڳي ڇڏيندا يا وري چالاڪن اڳيان ديوانا سڏجڻ لڳندا آھن. سقراط جو زھر پيئڻ ھجي يا علامه آءِ آءِ قاضي جو دل برداشته ٿيڻ، ماڻڪ جي خودڪشي ھجي يا ورجينياوولف جو آپگھات، ارنيسٽ جي آتما ھتيا ھجي يا تنوير عباسي جون دکدائڪ وصيتون اھي سڀ حساس دل انسانن وھيل اھي وارتائون آھن جيڪي ھر ماڻھوءَ کان روز اھو ئي سوال ڪنديون ٿيون رھن ته تو ۾ ڪيتري انسانيت آھي؟ تو وٽ ماڻھپو آھي يا نه؟ ۽ جواب جي صورت ۾ اڄ به اسان وٽ محمد علي پٺاڻ جھڙو اديب، شاعر، ليکڪ، مقرر، ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ڀٽائي جو عاشق ڪتابن جو خالق، ٻين جي درد تي روئي ڏيڻ وارو سٻاجھڙو انسان، ھر ڪنھن کي عزت ڏيڻ، بھترين مشورا ڏيڻ ۽ سڀني اديبن کي اتساھڻ وارو بيماري جي حالت ۾ فقط محبت، آٿت، ساٿ، سار ۽ قومي موٽ جو منتظر آھي پر نه روِش بدلي، نه رويا بدليا فقط چھرا، عھدا ۽ دور مٽيا آھن ادبي تنظيمون، ھجن يا ثقافتي ادارا اھي سدائين پنھنجا نوازي ۽ چمچا گيري جي چؤنڪڙي مچائيندڙن لاءِ ھنگامي طور حرڪت ۾ اچي ويندا آھن سندن نظر ۾ اديب فقط اھي آھن جيڪي سندن عينڪ جي ھيٺان ھجن سندن چشمن جا شيشا رڳو سندن واھ واھ ۽ چاپلوسي ڪندڙن کي ئي ڏسي سگھندا آھن. سندن معيار تي پورو نه لھندڙ ڏات ڌڻين جو نالو ڏيھه ۾ ته ڇا پر وٽي تي به ڏسي نه سگھندا آھن. لوڪ جي لڄ کان ڪنھن ھڪ اديب جي سار جو احسان جيڪڏھن ڀلجي ڪري وٺندا آھن ته اھو به جلال چانڊئي جي چپڙي کڻي ان تي ڳائيندا وتندا آھن اھڙن کي محمد علي پٺاڻ جي ادب ۾ آندل نواڻ، سندس سؤ لفظن واريون ڪھاڻيون، سندس شعرن ۾ بيان ڪيل درد ڪٿائون، سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون، ڪوششون، ڪاوشون ۽ ادب کي ارپيل سڄي حياتي ڀلي نظر نه اچي پر وقت، تاريخ ۽ ڌرتي ڪڏھن به ڪنھن سان ناانصافي ناھي ڪندي نه وري ڪنھن جي بي قدري برداشت ڪندي آھي محمد علي پٺاڻ ڪيڏو وڏو اديب آھي انجو قد ڪاٺ ڪي صراف ئي سمجھي سگھن ٿا

مونکي پڪ آھي ته اھڙن انتھائي حساس اديبن کي تاريخ اھو مان ۽ مڃتا ضرور ڏيندي جنھن جا ھُو حقدار آھن پر ھر اهو اديب، شاعر ۽ تخليقڪار جيڪو انسانت ۽ ماڻھپي سان مالامال ھجي ان تي به فرض آھي ادا محمد علي پٺاڻ جي محنتن ۽ محبتن جي موٽ ڏيندي سندس سار لھي مزاج پرسي ڪندي کيس اھو احساس ڏياري ته جنھن محمد علي ادب کي سڄي عمر ارپي اھو اڪيلو ناھي سندس ساٿي سخنور، تخليقڪار ۽ قوم لاءِ لکيل تحريرن کي پڙھندڙ سندس پوئيواري ڪرڻ کان ڪڏھن به وسان ڪونه گھٽائيندا ۽ کيس وقت کان اڳ وڇڙڻ ڪونه ڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.