سنڌ جي تاريخ ۾ ڪي اهڙا ڪردار آهن، جيڪي پاڻ ته هن ڌرتيءَ جا نه هئا، پر پوءِ به پنهنجي رت، پنهنجي علم ۽ پنهنجي زندگي سنڌ جي مٽيءَ لاءِ وقف ڪري ويا۔ ناني گوپال مجمدار اهڙو ئي هڪ نالو آهي، جنهن کي صرف آرڪيالاجسٽ چوڻ سندس عظمت سان ناانصافي ٿيندي۔ هو دراصل سنڌ، کيرٿر، ملير ۽ ڪوهستان جو اهو عاشق هو، جنهن ڪلڪتي جي علمي دنيا مان نڪري، سنڌ جي بنجر جبلن ۾ انساني تهذيب جا وساريل باب ڳولي لڌا۔ اڄ جيڪڏهن اسين کيرٿر، گڏاپ، ملير ۽ سنڌ ڪوهستان کي صرف ويران جابلو علائقا نه، پر انساني تاريخ جا زنده باب سمجههون ٿا، ته ان جو سڀ کان وڏو ڪريڊٽ ناني گوپال مجمدار کي وڃي ٿو۔
پهرين ڊسمبر 1897ع تي جيسور جي هڪ پڙهيل لکيل برهمڻ خاندان ۾ جنم وٺندڙ هي نوجوان ننڍپڻ کان ئي علم، تاريخ ۽ قديم ثقافتن ڏانهن مائل هو۔ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪندي هن نه صرف قديم هندستاني تاريخ ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو، پر پنهنجي غيرمعمولي ذهانت سبب گولڊ ميڊل به حاصل ڪيو۔ ان دور ۾ جڏهن گهڻا پڙهيل ماڻهو وڏن شهرن، نوڪرين ۽ آرامده زندگيءَ جا خواهشمند هوندا هئا، تڏهن مجمدار جي دل ڪتابن کان وڌيڪ مٽيءَ سان ڳنڍيل هئي۔ هو پٿرن، قديم نشانين، قبرن ۽ وساريل آبادين ۾ انساني تهذيب جي ڪهاڻي پڙهڻ چاهيندو هو۔ برطانوي دور جي آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ جڏهن کيس سنڌ موڪليو ويو، تڏهن شايد ڪنهن کي به اندازو نه هو ته هي نوجوان محقق سنڌ جي تاريخ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيندو۔ ان وقت تائين موهن جو دڙو دريافت ٿي چڪو هو، ۽ دنيا سمجههندي هئي ته سنڌ جي تاريخ رڳو وڏن شهرن تائين محدود آهي، پر ناني گوپال مجمدار جو ذهن ان کان گهڻو اڳتي ڏسندو هو۔ هو چوندو هو ته ڪو به عظيم شهر اوچتو پيدا نٿو ٿي سگهي، ان جي پٺيان هزارين سالن جي جابلو، ڳوٺاڻين ۽ چرواهن واري تهذيب ضرور هوندي۔ ان ئي سوال جي ڳولا کيس کيرٿر جي جبلن، ملير جي ندين، گڏاپ جي پيچرن ۽ دادو جي ڪوھستان تائين وٺي آيو۔
1927ع کان 1938ع تائين هن جيڪي سفر ڪيا، اهي صرف تحقيقاتي مُهمون نه هيون، پر علم جي عشق جون ڪهاڻيون هيون۔ هو اٺن تي سوار ٿي ڏينهن جا ڏينهن بنجر علائقن ۾ سفر ڪندو رهيو۔ نه ڪا پڪو رستو، نه بجلي، نه پاڻي، نه حفاظت۔ کيرٿر ان وقت ڌاڙيلن، خطرناڪ جابلو پيچرن ۽ اڻڄاتل خوفن جو علائقو هو، پر مجمدار لاءِ اهي جبل ڪنهن لائبريري کان گهٽ نه هئا۔ هن نيئن گاج، نيئن باران، نيئن ٿڌو، ملير ندي ۽ کيرٿر جي ڪيترن ئي جابلو لڪن تي سوين ماڳ ڳولي لڌا۔ هن دنيا کي ٻڌايو ته سنڌ جي تهذيب صرف درياءِ سنڌ جي ڪنارن تي نه، پر جبلن ۽ موسمي ندين جي دامن ۾ به پلجي هئي۔
هن جي سڀ کان وڏي دريافت آمري هئي، جتي هن ثابت ڪيو ته موهن جو دڙو کان به اڳ سنڌ ۾ هڪ ترقي يافته تهذيب موجود هئي۔ اڄ دنيا جنهن کي “آمري ڪلچر” سڏي ٿي، اهو دراصل مجمدار جي ئي تحقيق جو نتيجو آهي۔ ان کان سواءِ هن چانهون جو دڙو جهڙو صنعتي شهر، گبر بند، پٿر جا قلعا، قديم قبرستان، جابلو بستيون ۽ پاڻي جمع ڪرڻ جا هزارين سال پراڻا نظام دريافت ڪيا۔ هن ثابت ڪيو ته کيرٿر ۽ ملير صرف خشڪ علائقا نه هئا، پر هتي رهندڙ انسان انتهائي ترقي يافته ماحولياتي ڄاڻ رکندا هئا۔
مجمدار پنهنجي ڪتاب “Explorations in Sindh” ۾ ملير ۽ گڏاپ جي باري ۾ جيڪي مشاهدا لکيا، اهي اڄ پڙهڻ سان لڳي ٿو ڄڻ هو مستقبل کي ڏسي رهيو هجي۔ هن انهن علائقن کي هڪ “Cultural Corridor” چيو هو، اهڙو رستو، جتان قديم انسان، واپار، ثقافت ۽ تهذيب بلوچستان کان سنڌ جي ميدانن تائين ايندي ويندي هئي۔ اڄ اهي ئي علائقا ريئل اسٽيٽ منصوبن، پهاڙن جي ڪٽائي، بحريا ٽائون، بجري مافيا، ايڪسپريس ويز ۽ قبضي جي ور چڙهيل آهن۔ جن جبلن تي مجمدار قديم انسان جا نشان ڳوليا هئا، اتي اڄ بارود سان ڌماڪا ٿي رهيا آهن۔ جن ندين کي هن تهذيب جون رڳون چيو هو، اهي اڄ سڪائي ۽ بند ڪيون پيون وڃن۔ ۽ شايد ان ڪري اڄ ناني گوپال مجمدار کي صرف هڪ بنگالي آرڪيالاجسٽ نه، پر ”سنڌ ڪوهستان جو عظيم فرزند“ سڏڻ بلڪل غلط نه ٿيندو۔ ڇو ته ڪي ماڻهو رت جي رشتي سان نه، پر پنهنجي قربانيءَ سان ڪنهن ڌرتيءَ جا ٿي ويندا آهن۔ مجمدار به انهن مان هڪ هو۔ هو ڪلڪتي مان نڪتو، پر پنهنجي زندگيءَ جو آخري ساهه کيرٿر جي مٽيءَ ۾ کنيو۔
11 نومبر 1938ع تي جڏهن هو نيئن باران ڀرسان روهيل جي ڪنڊ تي پنهنجي خيمي ۾ دريافت ٿيل مٽيءَ جي ٿانون ۽ پٿر جي اوزارن کي ترتيب ڏئي رهيو هو، تڏهن ڌاڙيلن حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو۔ ڌاڙيلن سمجههيو ته هي ماڻهو خزانو ڳولڻ آيو آهي، پر حقيقت ۾ مجمدار لاءِ اصل خزانو سنڌ جي تاريخ هئي۔ سندس هٿن ۾ سون نه، پر مٽيءَ جا ٽڪرا، پٿر جا اوزار ۽ تاريخ جا نقشا هئا۔ هو انهن کي بچائيندي مارجي ويو۔ ان ڪري ناني گوپال مجمدار صرف هڪ مقتول محقق نه، پر ”شهيدِ ڪوهستان“ آهي۔
اڄ جڏهن ملير جون نديون بند ٿي رهيون آهن، گڏاپ جا جبل وڪرو ٿي رهيا آهن، کيرٿر جا چراگاهه ختم ٿي رهيا آهن، ۽ مقامي انڊيجيئنس ڪميونٽيز پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي بي دخل ٿي رهيون آهن، تڏهن مجمدار جي تحقيق اسان لاءِ صرف تاريخ ناهي رهي، پر هڪ خبرداري بڻجي چڪي آهي۔ هن اسان کي ٻڌايو هو ته جبل، نديون، چراگاهه ۽ مقامي ماڻهو گڏجي تهذيب ٺاهيندا آهن۔ جڏهن اهي ختم ٿين ٿا، تڏهن صرف ماحول نه، پر تاريخ به مري ويندي آهي۔ سنڌ کي اڄ ناني گوپال مجمدار کي ٻيهر پڙهڻ جي ضرورت آهي۔ ڇو ته هن اسان کي اهو سيکاريو هو ته تاريخ صرف بادشاهن جي محلن ۾ ناهي هوندي، پر ملير جي ندين، گڏاپ جي پهاڙن، ۽ کيرٿر جي خاموش جابلو پيچرن ۾ به ساهه کڻندي آهي۔ ۽ جيڪو سماج پنهنجي انهن پيچرن کي وساري ڇڏيندو، اهو پنهنجي مستقبل جو رستو به وڃائي ويهندو۔
شاھد رضا جو مان دل جي گهراين سان ٿورائتو آھيان، جنهن “شهيدِ ڪوهستان” ناني گوپال مجمدار بابت انتهائي اهم ۽ تحقيقي مضمون لکيو۔ منهنجي خواهش هئي ته سندس تحقيق کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪريان، پر محسوس ڪيم ته رڳو ترجمو ڪافي ناهي، بلڪه اڄ جي سنڌ لاءِ ناني گوپال مجمدار ۽ کيرٿر ڪوهستان جي اهميت کي نئين سر بيان ڪرڻ ضروري آهي۔
اسان جي قومي ۽ سياسي بحثن ۾ سنڌ جي ڪوهستان، کيرٿر رينج، ملير ۽ گڏاپ کي اها اهميت نٿي ڏني وڃي، جنهن جا اهي حقدار آهن۔ اڪثر چيو ويندو آهي ته ”ڪراچي سنڌ آهي“ ۽ اها حقيقت آهي، پر ان کان به وڏي حقيقت اها آهي ته ڪراچيءَ جو وجود، ان جي ماحولياتي بقا، ان جي تاريخي پاڙون ۽ ان جي تهذيبي سڃاڻپ کيرٿر ڪوهستان، ملير جي ندين، گڏاپ جي جبلن ۽ انهن علائقن ۾ رهندڙ انڊيجيئنس ڪميونٽيز سان جڙيل آهن۔ جيستائين اسين ڪراچيءَ کي رڳو سامونڊي شهر سمجهي، ان جي پٺيان بيٺل کيرٿر ڪوهستان کي نظرانداز ڪندا رهنداسين، تيستائين سنڌ جو قومي بيانيو اڻپورو رهندو۔ ڇو ته ڪراچي رڳو بندرگاهه يا ڪنڪريٽ جي عمارتن جو نالو ناهي؛ ڪراچيءَ جو روح ملير جي پاڻيءَ، کيرٿر جي جبلن، چراگاهن، جابلو پيچرن ۽ انهن ماڻهن ۾ وسندو آهي، جيڪي صدين کان هن ڌرتيءَ جا اصل وارث رهيا آهن۔
ناني گوپال مجمدار اهو پهريون ماڻهو هو، جنهن دنيا کي ٻڌايو ته کيرٿر، ملير ۽ سنڌ ڪوهستان ڪو ويران علائقو نه، پر انساني تهذيب جو زنده تسلسل آهن۔ هن پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي انهن جبلن جي تاريخ محفوظ ڪئي۔ اڄ جڏهن اهي ئي جبل ريئل اسٽيٽ، قبضي، پهاڙن جي ڪٽائي، ماحولياتي تباهي ۽ سياسي بيحسيءَ جو شڪار آهن، تڏهن مجمدار جي تحقيق اسان لاءِ رڳو تاريخي حوالو ناهي، پر مزاحمت جو هڪ اخلاقي سڏ آهي۔
جيستائين اسين کيرٿر ڪوهستان کي پنهنجي قومي شعور جو حصو نه بڻائينداسين، ملير ۽ گڏاپ جي تاريخي ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ آواز نه اٿارينداسين، ۽ انهن علائقن ۾ رهندڙ مقامي ماڻهن جي حقن کي سنڌ جي قومي سوال سان نه جوڙينداسين، تيستائين اسان جي تاريخ، سياست ۽ قومي سڃاڻپ نامڪمل رهندي۔ هڪ ڀيرو ٻيهر شاھد رضا جو ٿورائتو آھيان، جنهن هن اهم موضوع تي قلم کنيو، ۽ شهيدِ ڪوهستان ناني گوپال مجمدار کي سرخ سلام ـ جنهن پنهنجي رت سان سنڌ جي جبلن، ندين ۽ تاريخ کي امر ڪري ڇڏيو۔