وقت گذرڻ سان گڏ ڪيترن ئي مذهبي ۽ سماجي قدرن وانگر عيدالاضحيٰ جو اصل مقصد به ڪجهه حد تائين رسم ۽ ڏيکاءَ جي ور چڙهي ويو آهي، جڏهن ته ان ڏڻ جو حقيقي پيغام انسان جي اندر موجود لالچ، خود غرضي، نفرت ۽ تڪبر کي قربان ڪرڻ آهي۔
اسلامي تاريخ ٻڌائي ٿي ته حضرت ابراهيم عليه السلام خواب ۾ الله تعاليٰ جي طرفان پنهنجي پياري فرزند حضرت اسماعيل عليه السلام کي قربان ڪرڻ جو حڪم ڏٺو۔ اهو هڪ انتهائي وڏو امتحان هو، ڇو ته هڪ پيءُ لاءِ پنهنجي اڪيلي فرزند کي پنهنجي هٿن سان قربان ڪرڻ آسان ڳالهه نه هئي۔ پر حضرت ابراهيم عليه السلام بنا ڪنهن هٻڪ جي الله جي حڪم آڏو سر جهڪائي ڇڏيو، جڏهن ته حضرت اسماعيل عليه السلام پڻ رضا ۽ صبر سان ان حڪم کي قبول ڪيو۔ قرآن پاڪ ۾ ان واقعي کي الله تعاليٰ طرفان انسانيت لاءِ وڏي آزمائش قرار ڏنو ويو آهي۔ جڏهن ٻنهي پيءُ ۽ پٽ الله جي حڪم جي مڪمل تابعداري جو مظاهرو ڪيو ته الله تعاليٰ حضرت اسماعيل عليه السلام جي جاءِ تي دُنبون موڪليو ۽ اها قرباني قبول فرمائي۔ ان واقعي کان پوءِ قرباني جي اها روايت قيامت تائين مسلمانن لاءِ سنت ابراهيمي طور قائم ٿي وئي۔
عيدالاضحيٰ جو اصل فلسفو اهو آهي ته انسان پنهنجي خواهشن، انا، حرص ۽ دنياوي مفادن کي پاسي رکي قربان ڪرڻ سکي۔ قرباني رڳو جانور ذبح ڪرڻ جو نالو ناهي، پر اهو انسان جي اندر موجود منفي جذبن کي ختم ڪرڻ جو عملي اظهار آهي۔ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هزارين يا لکين رپين جا جانور قربان ڪري، پر سندس دل ۾ غريبن لاءِ رحم، انسانيت لاءِ درد ۽ سماج لاءِ ذميواري جو احساس نه هجي ته اهڙي قرباني پنهنجي اصل روح کان خالي ٿي وڃي ٿي۔ قرآن پاڪ واضح ڪري ٿو ته الله تعاليٰ وٽ نه قربانيءَ جو گوشت پهچي ٿو ۽ نه رت، پر الله وٽ انسانن جي نيت، تقويٰ ۽ اخلاص پهچي ٿو۔
بدقسمتي سان اڄ اسان جي معاشري ۾ قرباني جو روح گهڻو ڪري مقابلي، نمائش ۽ شان و شوڪت جي ڊوڙ ۾ گم ٿيندو پيو وڃي۔ مهانگا جانور خريد ڪرڻ، انهن جي قيمتن جا چرچا ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجي قربانيءَ جي نمائش ڪرڻ کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته قرباني جي اصل مقصد تي گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو۔ ڪيترائي ماڻهو قربانيءَ کي رڳو هڪ رسمي عمل سمجهي ادا ڪن ٿا، پر پنهنجي پاڙي جي غريب، يتيمن، مسڪينن ۽ ضرورتمندن جي احساسن کان بي خبر رهن ٿا۔ اهڙي صورتحال ۾ ضروري آهي ته عيدالاضحيٰ جي اصل پيغام کي ٻيهر اجاگر ڪيو وڃي ته جيئن معاشرو قربانيءَ جي حقيقي روح کي سمجهي سگهي۔
عيدالاضحيٰ جو هڪ وڏو سماجي مقصد معاشري ۾ ڀائيچاري، برابري ۽ گڏيل خوشين کي هٿي ڏيڻ پڻ آهي۔ قربانيءَ جي گوشت کي غريبن، مٽن مائٽن ۽ پاڙيسرين ۾ ورهائڻ جو مقصد اهو آهي ته سماج جو ڪو به فرد عيد جي خوشين کان محروم نه رهي۔ اسلام انسانيت، مساوات ۽ اجتماعي ڀلائي جو مذهب آهي۔ جيڪڏهن هڪ پاسي امير ماڻهو وڏيون دعوتون ڪن ۽ ٻئي پاسي غريبن جي گهرن ۾ چلهو نه ٻري ته اها اسلامي تعليمات جي ابتڙ صورتحال هوندي۔ قرباني جو عمل انسان کي سيکاري ٿو ته خوشيون صرف پنهنجي لاءِ نه پر ٻين سان ورهائڻ ۾ ئي اصل خوشي آهي۔
اڄ ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سبب عيدالاضحيٰ غريب طبقي لاءِ به وڏو امتحان بڻجي وئي آهي۔ جانورن جون وڌندڙ قيمتون، چارن جا اگهه، ٽرانسپورٽ خرچ ۽ ٻين شين جي مهانگائي عام ماڻهن لاءِ قرباني ڪرڻ کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي۔ ڪيترائي ماڻهو صرف سماجي دٻاءَ يا ماڻهن جي طعنن کان بچڻ لاءِ قرض کڻي قرباني ڪن ٿا، جيڪا اسلامي تعليمات جي روح سان هم آهنگ ناهي۔ قرباني صرف صاحب استطاعت ماڻهن تي فرض ڪئي وئي آهي۔ ان ڪري معاشري ۾ اهڙي سوچ کي هٿي وٺرائڻ گهرجي جنهن سان ماڻهو رياڪاري ۽ مقابلي بدران سادگي ۽ اخلاص کي ترجيح ڏين۔
عيدالاضحيٰ جو ٻيو اهم پهلو جانورن سان حسن سلوڪ پڻ آهي۔ اسلام جانورن تي ظلم، تشدد يا بي رحمي جي اجازت نٿو ڏئي۔ قربانيءَ جي جانورن کي بهتر خوراڪ، پاڻي ۽ آرام مهيا ڪرڻ، انهن کي خوف يا اذيت کان بچائڻ ۽ شرعي طريقي سان قرباني ڪرڻ اسلامي تعليمات جو حصو آهي۔ افسوس جو ڪيترن هنڌن تي جانورن سان غير انساني رويو ڏٺو وڃي ٿو، جيڪو اسلام جي رحمت واري فلسفي جي ابتڙ آهي۔ نبي ڪريم ﷺ جانورن سان رحم ۽ شفقت جي تعليم ڏني آهي، تنهن ڪري قربانيءَ جي عمل دوران به انهن اصولن جو خيال رکڻ لازمي آهي۔
عيدالاضحيٰ اسان کي اهو به سيکاري ٿي ته قومون صرف نعريبازي سان نه پر قرباني، اتحاد ۽ اجتماعي ذميواري سان ترقي ڪن ٿيون۔ جيڪڏهن هر فرد پنهنجي ذاتي مفادن بدران قومي ۽ اجتماعي مفادن کي ترجيح ڏئي ته ملڪ مان ڪيترائي بحران ختم ٿي سگهن ٿا۔ اڄ پاڪستان سميت ڪيترائي اسلامي ملڪ معاشي بحران، سياسي انتشار، بدعنواني ۽ سماجي بيچيني جو شڪار آهن۔ اهڙي وقت ۾ عيدالاضحيٰ جو پيغام اسان کي ياد ڏياري ٿو ته بنا قربانيءَ جي ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي۔ حڪمرانن کي به عوامي ڀلائي، انصاف ۽ ايمانداري لاءِ ذاتي ۽ سياسي مفادن جي قرباني ڏيڻي پوندي، جڏهن ته عوام کي به قانون جي پاسداري، محنت ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو۔
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عيدالاضحيٰ کي صرف روايتي مذهبي رسم طور نه پر هڪ مڪمل فڪري، اخلاقي ۽ سماجي پيغام طور سمجهيو وڃي۔ مسجدن، مدرسن، تعليمي ادارن ۽ ميڊيا کي گهرجي ته هو قربانيءَ جي اصل فلسفي ۽ مقصد کي اجاگر ڪن ته جيئن نوجوان نسل اسلام جي انهن اعليٰ قدرن کان واقف ٿي سگهي۔ جيڪڏهن عيدالاضحيٰ جي پيغام تي صحيح معنيٰ ۾ عمل ڪيو وڃي ته معاشري مان نفرت، خود غرضي، حسد ۽ طبقاتي فرق گهٽجي سگهن ٿا ۽ هڪ اهڙو سماج وجود ۾ اچي سگهي ٿو، جتي انسانيت، محبت، برابري ۽ ڀائيچارو هجي۔
عيدالاضحيٰ دراصل انسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته الله جي رضا، انسانيت جي ڀلائي ۽ سچائيءَ جي راهه ۾ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ ئي اصل ڪاميابي آهي۔ قرباني جو اهو جذبو جيڪڏهن فرد، سماج ۽ رياست جي سطح تي پيدا ٿي وڃي ته نه رڳو اسلامي معاشرا پر سڄي دنيا امن، انصاف ۽ ڀائيچاري جو گهوارو بڻجي سگهي ٿي۔