سونھاري سنڌ هن وقت بد امني، لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ، تعليم جي تباهي، قبيلائي جهيڙن ۽ خراب حڪمرانيءَ سبب ڳچ مسئلن جي ور چڙهيل آهي. سنڌ ۾ گذريل 18 سالن کان لاڳيتو پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي.پر مسئلا ختم ٿيڻ بجاءِ اٽلندو ’’مرض بڑھتا گیا جوں جوں دوا کی‘‘چواڻي وڌندا پيا وڃن. ائين پيو لڳي ڄڻ ته صوبي جي عوام کي پٿر جي زماني ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. حڪومتي ڏاڍ ۽ ڀوتارڪي نظام سنڌ جي عوام کي سالن کان باندي بڻائي رکيو آهي. سنڌ وسيلن سان مالا مال صوبو هئڻ باوجود حڪومتي نا اهلي، ڪرپشن ۽ سمورا اختيار پاڻ وٽ رکڻ سبب هڪ پاسي صوبي جو عوام غربت ۽ مفلسيءَ جو شڪار ۽ تعليم ۽ صحت جي بنيادي سهولتن کان محروم آهي ته ٻي پاسي
سڄي سنڌ تباھي توڙي کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهي آهي. انفرا اسٽرڪچر تباهه آهي. تعليم کان محرومي ۽ صنعتن جي بندش سبب نوجوانن کي هٿ وٺي منشيات جو عادي بڻايو ۽ ڏوهن جي دنيا ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي.اصولي طور تي صوبي جي قدرتي وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو ئي هئڻ گهرجي. پر آئين جي ابتڙ سنڌ جي عوام کي بجلي، گيس، پيٽرول ۽ ڪوئلي تي پنهنجي حق کان محروم رکيو ويو آهي.
جڏهن ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ ۽ زمينن تي غيرقانوني قبضي سان اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي ٿاڦيل قيادت عوام کي بغاوت ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو معاملو به روز بروز وڌندو پيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته سڀ کان پهرين کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو معاملو حل ڪري رياست حقيقي طور تي ماءُ وارو حق ادا ڪري. ائين ئي ٿر جي ڪوئلي منجهان ٺهندڙ بجلي ۽ سنڌ مان نڪرندڙ گيس جي ذريعي ٻين صوبن ۾ ته روشنيون ڪيون ۽ صنعتون هلايون پيون وڃن، جڏهن ته سنڌ اندر بجلي ۽ گيس جي بدترين لوڊ شيڊنگ ڪري ويتر عوام جي ڦٽڻ تي لوڻ ٻرڪيو پيو وڃي. ان سموري صورتحال تي مفاهمت جي سياست ڪندڙ پيپلز پارٽي جو ڪردار ڇڙو مجرماڻو ئي ناهي، پر ھو ان ۾ سهولتڪار بڻي بيٺي آهي. جنهن ڏينهن سنڌ جو عوام سجاڳ ٿيو ۽ پنهنجي حقن جي مالڪي لاءِ ميدان تي نڪتو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ان ٿاڦيل قيادت کي پناهه لاءِ به ڪا جاءِ نه ملي سگهندي. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو هي قول ياد رکڻ گهرجي ته "ڪفر ۽ شرڪ جو نظام ته هلي سگهي ٿو، پر ظلم جو نظام ڪڏهن به هلي نٿو سگهي.” عدل ۽ انصاف بنا ڪو به ملڪ ۽ معاشرو ترقي ڪري نٿو سگهي. ان سلسلي ۾ مشرقي پاڪستان واري سانحي مان سبق وٺڻ گهرجي.
الله تعالي سنڌ کي 26 بهترين قسم جي معدنيات ۽ وسيلن سان نوازيو آهي. پاڪستان مان نڪرندڙ گيس جو 70 سيڪڙو سنڌ مان نڪري ٿو. پاڪستان ۾ جمع ٿيندڙ روينيو جو گهڻو حصو تقريبن 65 سيڪڙو سنڌ جمع ڪري ٿي. تيل جي 50 سيڪڙو پيداوار به سنڌ مان ٿئي ٿي. ملٽي نيشنل ڪمپنين جو سڀ کان گهڻو حصو ۽ گهڻو بينڪنگ سسٽم به سنڌ ۾ آهي. آء ٽي جو 50 سيڪڙو بزنس ۽ 3 هزار ڪمپنيون سنڌ جون آهن. ڪوئلي جو دنيا جو ستون نمبر وڏو ذخيرو به سنڌ ۾ آهي. جنهن مان ايندڙ 3 سئو سالن تائين توانائي جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن ٿيون. 171 ارب ڊالرز جي انرجي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ونڊ پاور جو مرڪز جهمپير به سنڌ ۾ آهي. ڪارونجهر ۾ گرينائيٽ جا قيمتي جبل به سنڌ منجهه آهن. انهن سڀني شين جي باوجود ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ کي ڀت سان لڳايو وڃي.صوبي ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي گند جو ڍير بڻجي چڪو آهي. عوام بجلي، پاڻي ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولت کان، جڏهن ته باقي سنڌ موٽر وي کان محروم آهي. حالانڪه سموري دنيا ۾ هي اصول آهي ته پورٽ ۽ ساحلي شهرن کي موٽر وي سان ڳنڍيو ويندو آهي.سنڌ کي محروم ڪري پنجاب ۽ ڪي پي ۾ موٽروي ٺاھيا ويا آهن. اھڙي طرح سنڌ جي 44 سيڪڙو آبادي اڄ به ڪاٺين تي کاڌو پچائي ٿي. شهرن جي وڏي آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي. 59 سيڪڙو آبادي اهڙي آهي جن وٽ رهڻ لاءِ پڪا گهر ناهن. سنڌ جي 45 سيڪڙو آبادي غربت واري لڪير کان به هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. يونيسيف جي رپورٽ موجب روزانو 7 لک ٻار پيٽ بکئي سمهن ٿا. 78 لک ٻار تعليم کان محروم آهن. 5 سالن تائين عمر جي ٻارن جو خوراڪ جي گهٽتائي سبب قد نه پيو وڌي، خواندگي 1 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي، 69 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي جي سهولت ناهي، 45 سيڪڙو اسڪولن ۾ واش رومز جي سهولت ناهي، مطلب ته سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. سنڌ ۾ امن ۽ امان جو تمام وڏو مسئلو آهي. سنڌ پوليس طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق گزريل ڪجھ مھينن دوران 1332 ماڻهو قتل ٿيا آهن، 2981
حملا خود سنڌ پوليس مٿان ٿيا آهن. 1056 ماڻهن کي پوليس مقابلن ۾ ماريو ويو آهي. سنڌ ۾ ڪراچي کي ڇڏي ڪابه صنعت ناهي. سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪيو ويو آهي. نوجوانن کان تعليم کسي پئي وڃي. روزگار نه پيو ڏنو وڃي، انهن ئي سببن جي ڪري فرسٽريشن جنم وٺي ٿي ۽ نوجوان منشيات جا عادي ٿيندا پيا وڃن. اهڙي صورتحال ۾ جماعت اسلامي عوامي مسئلن جي حل ۽ عوامي بيداريءَ ڪاڻ جلد سنڌ جي وڏن شهرن ۾ احتجاجي ڌرڻن جي شروعات ڪندي، سنڌ سنوارڻ ۽ پاڪستان کي خوشحال بڻائڻ لاءِ ڪوششون وٺندي. جماعت اسلامي الخدمت تحت بنو قابل پروگرام ذريعي 13 لک نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي رجسٽر ڪري چڪي آهي. جن کي فري لانسنگ ڪورسز جي سکيا ڏئي آن لائين ڪمائڻ جي قابل بڻايو ويندو. حيدرآباد ۾ 40 هزار نوجوانن انٽري ٽيسٽ ڏني، جنهن کانپوءِ اڳلي مرحلي ۾ نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ بنو قابل انٽري ٽيسٽ منعقد ڪري نوجوانن کي هنرمند بڻائي سنڌ کي ترقي ۽ خوشحالي جي طرف وٺي وينداسين.
اسان سمجهون ٿا ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، ۽ چوپايا جانور ڏيڻ سان بهتري نه ايندي. بلڪ بهتري حڪومتي گڊ گورننس، ڪرپشن جي خاتمي ۽ عدل ۽ انصاف تي مبني اسلامي نظام جي قيام سان ئي ايندي. ان ذريعي ئي غربت جو خاتمو، سنڌ جي ترقي ۽ عوام جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.سنڌ ۾ گذريل 18 سالن کان لاڳيتو پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي، پر ڪرپشن، جيالا نوازي ۽ ناقص ڪارڪردگي سبب عوام ۽ سنڌ جا حالات بد کان بدتر ٿيندا پيا وڃن. مان چيليج سان چوان ٿو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ هڪڙي به يو سي يا تعلقو ماڊل طور تي پيش نٿي ڪري سگهي، جتي صاف پاڻي سميت عوام کي بنيادي سهولتون ميسر هجن. سنڌ جو ٻيو وڏو شهر حيدرآباد ۽ ٽيون وڏو سکر دريا ڪناري آباد هئڻ باوجود نه صرف پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن، بلڪ اسٽريٽ ڪرائيمز سميت کوڙ سارن مسئلن جو شڪار آهن. جماعت اسلامي سنڌ جي وحدت تي يقين رکي ٿي.
اسان جي سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر محمد فاروق سنڌ جي تقسيم جي خلاف ووٽ ڏنو. پر حڪمران آخر ڪيستائين قراردادن ذريعي پنهنجين ناڪامين، ڪرپشن ۽ عوام جي محرومين کي لڪائيندا رهندا. ان ڪري با اختيار ۽ با وسائل مڪاني نظام، ڪرپشن جو خاتمو، ۽ هر سطح تي عدل ۽ انصاف تي ٻڌل ڪوششن وسيلي ئي محرومين ۽ غير آئيني مطالبن جو انت آڻي سگهجي ٿو، ۽ پوءِ 18 ترميم رول بيڪ، ۽ ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ يا نئين صوبي جي مطالبي جو ڪو جواز نه رهندو. ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي ٽائون چيئرمينن محدود وسيلن ۽ محدود اختيارن باوجود وڌي چڙهي ڪم ڪيو آهي. سنڌ ۾ بلدياتي نمائندن جي گهڻائي پيپلز پارٽي سان تعلق رکي ٿي، هاڻي ته وقت به وڃي پورو ٿيڻ وارو آهي پوءِ به هوءَ بلدياتي نمائندن کي اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته جيئن هو ڪرپشن جا رڪارڊ پاڻ ٽوڙي سگهي، جيڪو عوام ۽ سنڌ صوبي سان ظلم آهي. جماعت اسلامي، سنڌ ۾ حقيقي تبديلي ۽ عوامي مسائل جي حل جي لاءِ جلد "بدلايو نظام کي، سنواريو سنڌ کي” جي عنوان تحت تحريڪ شروع ڪندي. وڏن وڏن شهرن ۾ ڌرڻن ۽ احتجاجي مظاهرن ذريعي حڪومتي نا اهلي کي ظاهر ڪبو ۽ سنڌ جي حقن ۽ عوام جي ٻرندڙ مسئلن کي اجاگر ڪيو ويندو. عوام کي گهرجي ته ظلم جي نظام جي خاتمي ۽ عدل واري نظام جي قيام لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي.