سنڌ سميت پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتن ۽ عدالت ذريعي شادي ڪندڙ جوڙن جا قتل هاڻي رڳو الڳ الڳ واقعا ناهن رهيا، پر هڪ اهڙي سماجي بيماري جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن، جتي محبت، پسند ۽ عورت جي پنهنجي زندگي بابت فيصلي کي اڃا به ”جرم“ سمجهيو وڃي ٿو۔
هر ڏينهن ڪا نه ڪا خبر سامهون اچي ٿي ته ڪنهن ڇوڪريءَ کي “غيرت” جي نالي تي قتل ڪيو ويو، ڪنهن نوجوان جوڙي کي پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪرڻ جي سزا موت جي صورت ۾ ملي، يا ڪنهن عورت کي پنهنجي پسند جي زندگي چونڊڻ تي جلد يا دير پر هميشه لاءِ خاموش ڪيو ويو۔ ھتي سوال اهو آهي ته ڇا اهي قتل صرف خاندان ڪندا آهن؟ يا انهن جي پويان هڪ اهڙو خاموش نظام به موجود آهي، جيڪو سڌي يا اڻ سڌي طرح انهن قتلن کي ممڪن بڻائي ٿو؟ تازو ڪراچيءَ ۾ پيش آيل هڪ ڏکوئيندڙ واقعو هن سڄي الميي جو ھڪ ننڍڙو مثال آھي۔ هڪ نوجوان جوڙو، جنهن پنھنجي مرضيءَ سان شادي ڪئي ۽ ان جي قيمت کين پنهنجي ئي زندگي ڏئي ادا ڪرڻي پئي۔ رپورٽن موجب ڇوڪريءَ جي ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ ۽ سندس مڙس ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيو۔ قتل جو چوڻ هو ته خاندان ڇوڪريءَ جي شادي اڳ ئي ساڍا ٽي لک رپين عيوض طئي ڪري چڪو هو، پر ڇوڪريءَ پنهنجي پسند جي شادي ڪري ڇڏي۔ جڏهن ٻي ڌر پاران رقم واپس ڪرڻ جو دٻاءُ وڌيو، تڏهن هن پنهنجي ڀيڻ ۽ سندس مڙس ٻنهي جون زندگيون ختم ڪري ڇڏيون۔
هي واقعو صرف ”غيرت“ جي نالي تي قتل جو واقعو ناهي، پر عورت کي هڪ آزاد انسان بدران ”واپار جي شيءِ“ سمجهڻ واري ذهنيت جو کليل اظهار آهي۔ هتي هڪ ڇوڪريءَ جي زندگي، سندس مرضي ۽ سندس مستقبل کي پئسن سان ڳنڍيو ويو ڄڻ ته سندس وجود ڪنهن انسان جو نه، پر هڪ سودي جو حصو هجي۔
هي سوال انتهائي دردناڪ آھي ته ڇا اڄ به اسان جي سماج ۾ ڪيترين ئي عورتن جي زندگين جي قيمت پئسي ۽ برادري يا خاندان جي ڪوڙي عزت سان طئي ڪئي وڃي ٿي؟ ڇا عورت انسان نه پر يا خاندان جي ملڪيت آھي؟
سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا تائين به عورت جي شادي گهڻو ڪري خاندانن، برادرين ۽ مالي مفادن سان ڳنڍيل آهي۔ ڪيترين ڇوڪرين جون شاديون قرض لاهڻ، زميني يا خوني تڪرار ختم ڪرڻ يا مالي ڏي وٺ جي بنياد تي طئي ڪيون وڃن ٿيون۔ جڏهن ڪا عورت پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪري ٿي، خاص طور ذات، قبيلي يا خاندان جي مرضيءَ خلاف، ته ان کي صرف ذاتي فيصلو نه، پر ”خانداني بغاوت“ سمجهيو وڃي ٿو۔ سماجيات دان Pierre Bourdieu مطابق سماج ۾ ڪجهه ظلم اهڙا هوندا آهن جيڪي ايترا عام بڻجي وڃن ٿا، جو ماڻهو انهن کي ظلم سمجهڻ ئي ڇڏي ڏين ٿا۔ عورتن جي مرضيءَ خلاف فيصلا، ۽ “غيرت” جي نالي تي قتل، اسان جي سماج ۾ ڪيترن هنڌن تي اهڙي ئي خاموش قبوليت حاصل ڪري چڪا آهن۔ پر ھتي ھڪ اھم سوال اھو ٿو اٿي ته رياست، قانون ۽ ادارا تحفظ ڏيڻ لاءِ آھن يا مجرمن جي سهولتڪاري ڪرڻ لاءِ ؟ جيڪڏهن هڪ بالغ عورت ۽ مرد عدالت ذريعي شادي ڪن ٿا، جيڪڏهن مذھب ۽ آئين ٻئي کين پنهنجي زندگيءَ بابت فيصلو ڪرڻ جو حق ڏين ٿا، ته پوءِ اهي محفوظ ڇو ناهن؟ ڪيترن انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ صحافين وقت بوقت اهو سوال اٿاريو آهي ته اهڙن ئي ڪيسن ۾ پوليس ۽ مقامي ادارا يا ته خاموش تماشائي بڻجي بيھن ٿا ۽ ڪن حالتن ۾ ڳجهي سهولتڪاري پڻ ڪن ٿا۔ ڪيترين ئي ڇوڪرين جيڪي تحفظ لاءِ ٿاڻن يا دارالامانن تائين پهتيون، انهن کي سنجيده تحفظ ڏيڻ بدران ”گهر وارن سان ٺاهه“ جا مشورا ڏنا وڃن ٿا۔ اھڙن ڪيترن ئي واقعن ۾ الزام لڳندا رهيا آهن ته: عدالت مان نڪرندڙ جوڙن جي معلومات لِيڪ ڪئي وڃي ٿي۔ خاندانن کي متاثر ماڻهن جي جڳهه بابت ڄاڻ ملي وڃي ٿي۔ پوليس اهڙن معاملن کي ”گهر جو مسئلو“ سمجهي غير سنجيده رويو اختيار ڪري ٿي ۽ سڀ کان خطرناڪ الزام اهي آهن، جتي چيو وڃي ٿو ته ڪجهه بااثر ماڻهو يا اهلڪار اهڙن معاملن ۾ مالي فائدو پڻ وٺن ٿا۔ ڪڏهن معلومات جي بدلي ته ڪڏهن ”معاملو حل ڪرائڻ“ جي نالي تي۔
يقيناً هر اهلڪار اهڙو ناهي ۽ ڪيترائي ايماندار آفيسر پنهنجو فرض نڀائن ٿا پر جڏهن اهڙا قتل بار بار ٿين ٿا، جڏهن عدالتن تائين پهتل جوڙا به محفوظ ناهن رهي سگهندا، ته پوءِ مسئلو صرف فردن جو نه، پر سڄي نظام جي ناڪاميءَ جو بڻجي وڃي ٿو۔
اھا به ھڪ حقيقت آھي ته هي قتل صرف قاتل جا هٿ ناهن ڪندا، پر انهن جي پويان سماج جي خاموش منظوري به بيٺل هوندي آهي۔ جڏهن ماڻهو چون ٿا: ”ڇوڪريءَ کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها“ ، ”خاندان جي عزت به ڪا شيءِ هوندي آهي“ يا ”پنهنجي مرضيءَ سان شاديءَ جو انجام اهو ئي ٿيندو“ ته اهي اڻ سڌي طرح انهيءَ تشدد کي جائز بڻائي رهيا هوندا آهن۔ فلسفي Michel Foucault جو خيال هو ته طاقت صرف حڪومتن يا ادارن ۾ نه هوندي آهي، پر سماج جي سوچن، ڳالهين ۽ رواجن ۾ به موجود هوندي آهي۔ عورتن تي ڪنٽرول به اسان جي سماج ۾ اهڙي ئي طاقت جو حصو آهي۔
ضرورت صرف قانون ٺاهڻ جي ناهي، پر قانون تي ايمانداريءَ سان عمل ڪرائڻ جي آهي۔ ڪندڙ جوڙن لاءِ حقيقي تحفظ، witness protection systems، دارالامانن ۽ ٿاڻن جي نگراني، اهڙن ڪيسن ۾ ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ۽ سڀ کان اهم، عورت جي مرضيءَ کي هڪ بنيادي انساني حق طور قبول ڪرڻ آھي۔ جيستائين سماج عورت کي پنهنجي زندگيءَ بابت فيصلو ڪرڻ جو مڪمل حق نه ڏيندو، تيستائين اهڙا قتل ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رهندا۔
سڀ کان وڏو الميو اهو ناهي ته عورتون ۽ نوجوان جوڙا قتل ٿي رهيا آهن اصل الميو اهو آهي ته ڪيترائي ڀيرا انهن کي مارڻ وارا هٿ اڪيلا ناهن هوندا پرانهن جي پويان سماج جي خاموشي، خوفزده قانون، ڪمزور ادارا ۽ طاقتور روايتون به بيٺل هونديون آهن۔ جڏهن محبت ۽ پنھنجي مرضيءَ جو جيون ساٿي چونڊڻ کي جرم، عورت کي ملڪيت، ۽ قانون کي خاموشي ۾ تبديل ڪيو وڃي، تڏهن قتل صرف انسانن جا ناهن ٿيندا، پر سماج جي ضمير جا به ٿيندا آهن۔