عيد صرف عيد نماز پڙهڻ جو نالو نه آهي ، عيد کان ته وڏو ڏينھن جمعي جو آھي، ھر سال ٻه عيدون ان ڪري رکيون ويون آهن۔ جيئن ھر غريب جي مدد ٿي سگهي ، ھر غريب مسڪين کي سٺا ڪپڙا ڪو وس وارو خريد ڪري وٺي ڏي، ھر غريب جي گهر ۾ سٺو کاڌو پچي ۽ غريبن مسڪينن جا ٻارڙا به سٺو کاڌو کائين ، پر افسوس ته اسان جي ملڪ ۾ رڳو رسمي عيد ملھائي ويندي آهي ، اسان وٽ ماڻھو پنھنجي لاءِ نوان نوان وڳا تيار ڪري ، سٺا کاڌا کائين ٿا ، ڀلاري ڏھاڙي نوان ڪپڙا پائي غريبن مسڪينن جي اڳيان وڏائي ڪري ھلڻ سان غريبن مسڪينن جي دل آزاري ڪندا آهن۔ اڄ ڪلهھ جي دؤر ۾ اسان جي معاشري اندر قرباني جا جانور به رسمي ذبح ٿا ڪن۔ جيئن شُھرت ملي واھ واھ ٿئي، فلاڻي پنجن لکن جو جانور قربان ڪيو آهي ، فلاڻو وڏو سخي آهي ، يار فلاڻي ته پنجن لکن جو جانور ته قربان ڪري ڇڏيو ، پر ڪنھن غريب مسڪين پاڙيسري کي گوشت نصيب ٿيو ، بلڪل نه
آخر گوشت ڪاڏي ويو ، فلاڻي بنگلي واري يار دوست کي گھر ويٺي 5 ڪلو دوست پھچائي آيو، فلاڻي آفيسر کي 5 ڪلو گوشت گھر ويٺي ڏئي آيو ، باقي جيڪو بچيو سو ھڻ فرج ۾ اَٺ ڏينھن تائين کائيندا رهنداسين ، دوستن کي فون ڪري دعوت ڏيندو ، اچو يار منھنجي اوطاق تي توهان کي گوشت کارايان ، غريب ويچارا جانور ذبح ڪرڻ کان وٺي آخري ٻوٽي ٺھڻ تائين ٿھيليون جھلي مِٽيءَ تي ويٺا ھوندا انھن کي دڙڪا به ڏنا ويندا ، ڌڪا به ڏنا ويندا ، پوءِ به غريب مسڪين ويچارا ويٺا ھوندا ، ڪيئن وڃن ڀلا جنھن جا معصوم ٻچڙا بک تي ھجن انھن ٻچڙن کي عيد جا نوان ڪپڙا ۽ سينڊل ته ڪو نه مليا پر افسوس ته اڄ ڀلاري ڏھاڙي ڪو گوشتڙو به نه ملي معصوم ٻارڙا ويچارا آس لڳائي ويٺا ھوندا ته بابا گوشت وٺڻ ويو آهي ، اڄ گوشت کائينداسين ، انھن ٻچڙن کي ڪھڙي خبر ته انھن جي بابا کي گوشت ڪو نه مليو ، جيڪڏهن مليو ته رڳو ڌڪا ٿاٻا دڙڪا مليا ، بابا ويچارو خالي گھر ڪيئن موٽي وڃي ، ٻچڙن جي سوالن جو ڪھڙو جواب ڏيندو ڇا چوندو ايمان وارن انسانيت جي ٺيڪيدارن گوشت ڪو نه ڏنو اُھو غريب ويچارو رلندو رلندو ڪنھن ٻي جڳھه تي ويندوجتي ان کي جانور ذبح ڪندي نظر آيو، وري اتي ويھي رھندو، اتي به وري ساڳيو ڪم ٿيندو دڙڪا ملندا ڌڪا ٿاٻا ملندا ، آخر ۾ 2 ھڏيون ھڪ ٻوٽي ملندي، اُھا به طعنن مهڻن سان 2 ھڏيون ھڪ ٻوٽي سان ڇا ڀاڄي پچندي، وري ويچارو پوڙھو پيءُ ڪنھن ٻئي پاسي ويندو ، ڇا عيد ائين ٿيندي آهي، قرباني ائين ٿيندي آهي، افسوس۔ ۔ ۔ منھنجي مديني واري سائين صلي الله عليه وسلم جن جي حديث جو مفھوم آهي ته جھڙو پاڻ پائين اھڙو پنھنجي ڀائرن کي پاراءِ ڀائر ڪھڙا سڳي پيءُ جا پٽ ڀائر نه پر پنھنجي پاڙيسري غريبن مسڪينن جي نالي چيو ويو آهي ، غريب مسڪين پاڙيسرين جي لاءِ ايترو حڪم ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن گھر ۾ سٺي ڀاڄي ٺاھيو ته ان جو رس وڌيڪ ڪري پاڙيسرين کي ٻوڙ جي وٽي ڏجي جيڪڏھن ائين نٿا ڪري سگهو ته پوءِ اھڙي طرح ڀاڄي ٺاھيو جيئن ان جي خوشبو گھر کان ٻاهر نه وڃِي، متان خوشبو گھر کان ٻاهر وڃڻ ڪري ڪنھن غريب مسڪين جي دل آزاري ٿئي ، مھرباني ڪري خدارا غريبن مسڪينن جي مدد ڪيو انھن جي به عيد ڪرايو، عيد جو ڀلارو ڏينھن ھڪ ٻئي جي دلين ۾ خوشي ۽ محبت جو پيغام آڻي ٿي۔ هر سال جيئن ئي عيد اچي ٿي ته ماڻهو نوان ڪپڙا پائين ٿا، مٺايون ٺاهين ٿا ۽ هڪ ٻئي سان ملي خوشيون ونڊين ٿا۔ عيد جو اصل مقصد محبت، ڀائيچاري ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ آهي۔ اسان جي سماج ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي غريب هجڻ سبب عيد جون خوشيون مڪمل نموني نه ٿا ملهائي سگهن۔ ان ڪري اسلام اسان کي سيکاري ٿو ته غريبن، يتيمَن ۽ ضرورت مند ماڻهن جو خيال رکجي۔ زڪوات ۽ فطرانو ڏيڻ سان غريب ماڻهو به عيد جون خوشيون ملهائي سگهن ٿا۔ عيد جي ڏينهن ماڻهو صبح سوير اٿي غسل ڪن ٿا، نوان ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيد جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ عيدگاھ وڃن ٿا۔ نماز کان پوءِ ماڻهو هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي عيد جون مبارڪون ڏين ٿا۔ ٻار خاص طور تي عيد جو بي صبري سان انتظار ڪندا آهن، ڇو ته انهن کي عيدي ملندي آهي ۽ هو خوشيون ملهائيندا آهن۔ عيد اسان کي محبت، اتحاد ۽ قرباني جو سبق ڏئي ٿي۔ جيڪڏهن اسان سڀ هڪ ٻئي سان محبت سان پيش اچون ۽ غريبن جي مدد ڪريون ته سماج ۾ خوشحالي ۽ امن پيدا ٿيندو۔ تنهن ڪري عيد صرف خوشيءَ جو ڏينهن نه، پر انسانيت ۽ ڀائيچاري جو پيغام پڻ آهي۔