عيدالاضحيٰ جي فضيلت ۽ اسان لاءِ سبق

شاهد راڄپر

جڏهن انسان جي محبت، فرمانبرداري ۽ ايثار جي آزمائش ٿيندي آهي ته ان کي قرباني چيو ويندو آهي، اسلام ۾ هر عبادت جا ٻه روپ هوندا آهن هڪ ظاهري ٻيو باطني۔ قرباني جو ظاهري روپ جانور ذبح ڪرڻ آهي، پر ان جو باطني روپ دل کي ذبح ڪرڻ آهي، الله قرآن پاڪ ۾ صاف چوي ٿو ته ‘نه انهن جانورن جو گوشت مون وٽ پهچي ٿو ۽ نه رت، پر اوهان جي دل جو تقوى مون وٽ پهچي ٿو’ مطلب صاف آهي ته اصل قرباني پنهنجي انا، ضد، لالچ ۽ حرص ۽ حوس ختم ڪري الله جي حڪم اڳيان ڪنڌ نوائڻ ئي قرباني آهي،

حضرت ابراهيم عليه السلام جي زندگي انهيءَحقيقت جي سڀ کان وڏي نشاني آهي ته هن سڄي عمر اولاد جي لاءِ دعائون گهريون ۽ کيس پوڙهائپ ۾ الله پاڪ حضرت اسحاق عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جهڙا نيڪ پٽ ڏنا، هڪ رات حضرت ابراهيم عليه السلام کي خواب ۾ رباني حڪم ٿيو ته پنهنجي محبوب پٽ کي منهنجي راھ ۾ قربان ڪر، ڏٺو وڃي ته اهو حڪم يا امتحان رڳو حضرت ابراهيم جو نه هو پر اهو ڪل ڪائنات ۽ انسان ذات لاءِ مثال بڻجڻو هو، ۔ حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي پٽ اسماعيل عليه السلام کي سڏڪيو ۽ کانئس پڇيو ته ٻڌاءِ ته الله جي حڪم کان پوءِ اوهان جي راءِ ڇا آهي! جنهن تي حضرت اسماعيل عليه السلام تي جواب تاريخ ۾ سونن اکرن سان لکيل آهي ته پاڻ چيائون ته بابا جيڪو الله پاڪ توهان کي جو حڪم ڪيو آهي اهو پورو ڪريو، الله چاهي ٿو ته مون کي قربان ڪر ۽ مان رب جي رضا تي راضي آهيان، ۽ مون کي صبر ڪندڙن مان لڀندئو، اهڙي حڪم کان پوءِ نه پيءُ هٻڪيو نه ئي ڪا پٽ رڙ ڪئي ۽ ٻئي رب جي رضا جي منزل تي راهه وٺي روانا ٿي ويا، جڏهن چاقو هليو ته الله جي قدرت سان پٽ هٽائجي ويو ۽ هڪ دنبو قربان ٿي ويو جنهن مان سبق ملي ٿو ته الله پنهنجي پيارن کان ڏکئي کان ڏکيا امتحان وٺندو آهي ۽ پنهنجي پيارن کي بچائيندو به پاڻ آهي جڏهن ته ايمان جي حقيقت ئي اها آهي جيڪو انسان پنهنجي سڀ کان پياري شيءِ به الله جي راھ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي اهو ئي نيڪ ۽ صالح بندو آهي ۽ اهوئي الله کي سڀ کان ويجهو آهي.

هن عظيم قرباني جي واقعي مان اسان لاءِ ڪيترائي سبق آهن، اسان جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي بيماري “مان” آهي، منهنجي مرضي، منهنجو مفاد، منهنجي عزت، حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام انهيءَ“مان” کي ذبح ڪيو ۽ اسان کي به گهرجي ته اڄ اسان به پنهنجي انا، حسد ۽ ضد کي ذبح ڪيون ڏٺو وڃي ته بنا قربانيءَ جي ڪا به وڏي ڪاميابي نٿي ملي علم حاصل ڪرڻ لاءِ آرام قربان ڪرڻو پوي ٿو، رشتا بچائڻ لاءِ انا قربان ڪرڻي پوندي، قوم ٺاهڻ لاءِ حڪمرانن کي پنهنجي آسائش قربان ڪرڻي پوندي، جيڪا قوم قرباني ڏيڻ وساري ويهي ٿي اها ذليل ۽ خوار ٿي وڃي ٿي، ٽيون عيد الاضحيٰ مان اهو به سبق ملي ٿو ته اولاد جي تربيت ڪيئن ڪجي، حضرت اسماعيل عليه السلام جو جواب اتفاق نه هو بلڪه اهو سالن جي تربيت جو نتيجو هو، اڄ اسان جا ٻار موبائل، ماديت ۽ فضول مشغلن جي قربانگاهن تي قربان ٿي رهيا آهن ڇو ته اسان پاڻ حضرت ابراهيم عليه السلام جا پيروڪار نه رهيا آهيون.

قرباني جي هن قصي جو سڀ کان وڏو سبق حڪمرانن ۽ طاقتورن جي لاءِ آهي ڇاڪاڻ ته هڪ عام ماڻهو جي غلطي هڪ گهر تباه ڪري ٿي پر حڪمران جي غلطي سڄي قوم کي تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي پهچائي ڇڏي ٿي، حڪمرانن کي سمجههڻ گهرجي ته اقتدار امانت آهي اقتدار ڪا وراثت ناهي، حضرت ابراهيم بادشاهت جي آڇ رد ڪري ڇڏي هئي، پر اڄ جا حڪمران ڪرسي کي مقصد سمجههي ويٺا آهن انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته ڪرسي جو حساب قيامت ۾ ڏيڻو آهي حڪمرانن کي گهرجي ته عوام جي آسائش کي پنهنجي آسائش کان مٿي سمجههن حضرت اسماعيل عليه السلام پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هو، پر اڄ اسان جو وزير، ايم پي اي ۽ بيوروڪريٽ ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمري مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، جيڪڏهن حڪمران پنهنجي عياشي، پروٽوڪول ۽ بجيٽ جي لوٽ مار کي قربان نه ڪندا ته قوم ۽ ملڪ ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهندا، عدليا کي انصاف تي ڪوبه سمجههوتو نه ڪرڻ گهرجي، حضرت ابراهيم عليه السلام لاءِ الله جو حڪم پٽ کان به وڏو هو اهڙي طرح حڪمرانن لاءِ به قانون ۽ حق پنهنجي مٽن مائٽن، دوستن کان مٿي هجڻ گهرجي پر الٽو هتي حڪمران پنهنجي پارٽي ورڪرن کان قربانيون وٺي وٺي انهن جي عمر ۽ ورڪرن جي ٻچن جو مستقبل ئي قربان ڪري ٿا ڇڏين ته ٻئي عوام کي خوشحالي ڪٿان ڏيندا، جتي قانون ٻن معيارن جو هجي اتي قومون تباه ٿينديون ۽ ملڪ ختم ٿي ويندا جڏهن قوم ئي نه هوندي ته حڪمراني ڇاتي ڪندا، حڪمرانن کي سچ ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي همت پيدا ڪرڻي گهرجي پر اڄ جي حڪمرانن جي چوڌاري خوشامدي آهن جيڪي هر غلط فيصلي کي صحيح ثابت ڪن ٿا،

سوال اهو به آهي ته اسان آخر ڪاڏي وڃي رهيا آهيون، سچ ته اهو آهي ته اسان عيد کي رسم بڻائي ڇڏيو آهي، جانور جي قيمت، گوشت جي ورهاست ۽ سيلفيءَ ۾ مصروف آهيون، پر ان قربانيءَ جو روح مري ويو آهي، اسان جي نوجوانن وٽ ڪو وڏيرن جي چاپلوسي کان سواءِ ڪو مقصد نه آهي، اسان جي تعليمي نظام مان سوچڻ جي صلاحيت ختم ٿيندي پئي وڃي، اسان جي معاشري ۾ ڪوڙ، رشوت خوري ۽ حق تلفي معمول بڻجي ويا آهن، مسجد ۾ الله اڪبر چئون ٿا ۽ بازار ۾ ماپ ۾ کوٽ تور ۾ چوري ڪريون ٿا، جيڪڏهن هي سلسلو آئين هلندو رهيو ته اسان هڪ اهڙي قوم بڻجي وينداسين جنهن وٽ تاريخ ته هوندي پر مستقبل نه هوندو، قربانيءَ جو پيغام اهو آهي ته رستو مٽايو، انا، لالچ ۽ بي ايماني کي ذبح ڪريو، نه ته اهي اوهان کي ذبح ڪري ڇڏينديون۔

موجوده صورتحال ۾ اسان کي قيادتِ ابراهيمي جي ضرورت آهي، اهڙي قيادت جيڪا پنهنجي مقبوليت لاءِ نه پر حق جي پيروي لاءِ هجي، جيڪا فيصلا ووٽ بئنڪ ڏسي نه پر ضمير ڏسي ڪري، اسان کي ضرورت حڪومتِ خادمانه جي آهي مالڪانه جي نه، حڪومت خادم هجي، پوليس عوام جي محافظ هجي، بيوروڪريسي عوام جي خدمتگار هجي، نه مالڪ، انهيءَسان گڏ معيشتِ عدل تي ٻڌل هجي۔ وياج ، ذخيره اندوزي، اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري تي ٻڌل معيشت ڪڏهن به ترقي نه ڪندي،

عيد الاضحيٰ اسان کي ياد ڏياري ٿي ته انسان جو اصل امتحان سهولت نه پر قرباني آهي، حضرت ابراهيم ۽ اسماعيل عليه السلام جو قصو اسان کي سيکاري ٿو ته جڏهن الله جو حڪم اچي ته پوءِ پٽ، مال، ڪرسي سميت هر شيءِ الله جي راھ ۾ قربان ڪري ڇڏجي، اڄ اسان کي انهيءَجذبي جي ضرورت آهي ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته هر شهري هر استاد، هر ڊاڪٽر، هر پوليس وارو، هر وزير پنهنجي انا، لالچ ۽ بي ايماني جي هڪ حصي کي ذبح ڪري ڇڏي ته هي قوم هڪ سال ۾ بدلجي ويندي ۽ ترقي اسان جي منزل بڻجي ويندي، اڄ جي دنيا ۾ ماديت جي چمڪ انسان کي اندر کان خالي ڪري رهي آهي، هر طرف مقابلو آهي، هر طرف ڏيکاءُ آهي، ماڻهو اهو ڏيکارڻ ۾ لڳا پيا آهن ته مون وٽ سڀ کان وڏو گهر آهي، سڀ کان مهانگو جانور آهي، سڀ کان وڏي قرباني مون ڪئي آهي! پر جڏهن دل خالي هجي ته اهڙي قرباني جو ڪهڙو فائدو،

تاريخ شاهد آهي ته جن قومن عروج حاصل ڪيو آهي انهن جي پويان قرباني جو جذبو هو، صحابا ڪرام پنهنجا گهر، مال، اولاد سڀ ڪجھ ڇڏي الله جي راهه ۾ نڪري پيا، انهن وٽ نه فوج هئي نه وسيلا، پر انهن وٽ يقين هو، انهيءَيقين ۽ قربانيءَ جي طاقت سان انهن دنيا جو نقشو بدلائي ڇڏيو، اسان وٽ اڄ وسيلا آهن، ٽيڪنالاجي آهي، تعليم آهي، پر اسان وٽ اها روحاني طاقت نآهي۔ اسان وٽ اهو جذبو ناهي جيڪو راتيون جاڳائي، جيڪو آرام قربان ڪرائي، جيڪو مفاد کي قربان ڪرائي،

اسان جو نوجوان نسل اڄ سڀ کان وڏي امتحان ۾ آهي، هڪ طرف مغربي تهذيب جي چمڪ آهي ته ٻئي طرف اسان جي پنهنجي روايت ۽ دين جي دعوت، جيڪڏهن نوجوانن کي قرباني جو صحيح مطلب نه سمجههايو ويو ته اهي يا ته ماديت جي غلامي قبول ڪندا يا مايوسيءَ ۾ مبتلا ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، اسان کي اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ گهرن ۾ ٻيهر اهو درس ڏيڻو آهي ته زندگي رڳو کائڻ، پيئڻ ۽ مزا ڪرڻ جو نالو نه پر زندگي هڪ امتحان آهي هڪ قرباني آهي، ۽ هن امتحان ۾ ڪاميابي ان جي آهي جيڪو پنهنجي خواهش کي الله جي رضا تي قربان ڪري،   قرباني رڳو هڪ ڏينهن جو عمل نه آهي اهو هڪ زندگي گذارڻ جو طريقو آهي، اسان قربانيءَ جي حقيقي روح کي سمجههون، جيڪڏهن اسان نه بدلياسين ته ڪو ٻيو اسان کي بدلائي نه سگهندو ۽ جيڪڏهن اسان بدلجي وياسين ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي ترقي کان روڪي نٿي سگهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.