لاڙڪاڻو(بيورو) سنڌ جو ارسا پاران خريف جي سيزن ۾ صرف سنڌ لاءِ پاڻيءَ جي 27 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ ۽ سنڌو درياهه مان چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال ۾ 25 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي کڻت وڌائڻ تي وفاقي حڪومت آڏو سخت احتجاج، پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ارسا جي هن عمل کي پڇڙيءَ واري صوبي سنڌ کي بنجر بڻائڻ ۽ پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي جي خلاف ورزي قرار ڏئي وزيراعظم کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهڙو مطالبو هن اڱاري ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. نثار کهڙو چيو آهي ته ارسا خريف جي سيزن ۾ صرف سنڌ لاءِ پاڻيءَ جي 27 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پنجاب لاءِ پاڻي جي گهٽتائي زيرو سيڪڙو ڪئي وئي آهي. ارسا جي هن عمل سان 67 سيڪڙو زراعت پيدا ڪرڻ واري سنڌ صوبي کي پنهنجي پاڻيءَ جي جائز حصي کان محروم ڇو ڪيو پيو وڃي؟ هن چيو ته سنڌ صوبو خريف جي سيزن ۾ 5.5 ملين ٽن چانورن جو فصل پيدا ڪري 1.4 ارب ڊالرن جي چانورن جي ايڪسپورٽ ڪري ملڪي معيشت ۾ اربين روپيا حصو وجهندڙ پچڙيءَ وارو صوبو آهي ۽ هن پڇڙيءَ واري سنڌ صوبي جي خريف جي سيزن ۾ پاڻيءَ جي حصي ۾ ڪٽوتي ڪري سنڌ جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته خريف جي سيزن ۾ 1991ع پاڻي معاهدي تحت سنڌ کي گڊو بئراج تي مجموعي طور 80 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي گهرجي پر ان جي برعڪس سنڌ کي گڊو بئراج تي اڱاري واري ڏينهن تائين 65 هزار 304 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه مان جهلم چناب زون کي چشما جهلم لنڪ ذريعي 11 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال ذريعي 9 هزار ڪيوسڪ، اهڙي طرح ٻنھي لنڪ ڪئنالن ذريعي مجموعي طور تي 20 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته جهلم چناب زون کي منگلا ڊيم مان پاڻيءَ جي فراهمي ڪري سگهجي ٿي پر ان جي برعڪس منگلا ڊيم ۾ صرف پاڻي ذخيرو ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته سنڌ ۾ هن وقت فصلن کي خريف لاءِ پاڻيءَ جي سخت ضرورت آهي ۽ اهو ڪو اصولي جواز نه ٿو ٺهي ته سنڌ کي فصلن لاءِ پاڻي ڏيڻ بجاءِ ڊيمن ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو ڪيو وڃي. نثار کهڙو چيو ته واپڊا پاران بجليءَ جي پيداوار لاءِ پاور پلانٽن کي پاڻيءَ جي مسلسل فراهمي جاري رکي پئي وڃي جنهن باوجود ملڪ ۾ بجليءَ جو شارٽ فال موجود آهي. هن چيو ته پاڻيءَ جي ورهاست جو ادارو ارسا آهي پر پاڻيءَ جي ورهاست واپڊا جي مرضيءَ سان ٿي رهي آهي ان لاءِ وفاقي حڪومت اِهو واضع ڪري ته پاڻيءَ جي ورهاست تي ڪنٽرول واپڊا جو آهي يا ارسا جو آهي؟. هن چيو ته قانون تحت پاڻيءَ جي گهٽتائي سنڌ ۽ پنجاب ۾ ورهائي ويندي آهي پر ارسا سنڌ جي پاڻيءَ جي حصي مان 27 سيڪڙو ڪٽوتي ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جي پاڻيءَ کان محروم رکي رهيو آهي ۽ ارسا هميشه پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي عمل درآمد ڪرائڻ ۾ پڻ ناڪام ثابت ٿيو آهي. ان لاءِ وزيراعظم سنڌ جي آواز کي ٻڌي ارسا جي هن ناڪاميءَ جو نوٽيس سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته هڪ طرف ايف بي آر جي ٽئڪسن جي وصوليءَ جو شارٽ فال 3200 ارب آهي ته ٻئي طرف ملڪي خزاني ۾ حصو وجهندڙ زرعي شعبي کي تباهه ڪيو پيو وڃي ان لاءِ وفاقي حڪومت زرعي شعبي کي سپورٽ ڪري ته جيئن شارٽ فال کي ضابطو آڻي سگهجي.