ٽرمپ، ايران سان معاهدي جو مسودو اسرائيل ۽ اتحادي ملڪن ڏانهن اماڻي ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ٽرمپ ايران سان معاهدي جو مسودو اسرائيل سميت اتحادي ملڪن ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب معاهدي ۾ آبناءِ هرمز ۽ آمريڪي ناڪابندي کولڻ بابت شقون شامل آهن.

مفاهمت جي يادداشت جي نتيجي ۾ ايران کي پنهنجي 12 ارب ڊالرن جي منجمد اثاثن تائين رسائي ڏني ويندي.

آبناءِ هرمز کي 30 ڏينهن اندر جنگ کان اڳ واري حالت ۾ بحال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

برطانوي اخبار موجب چين چاهي ٿو ته معاهدي جي حتمي تصديق گڏيل قومن کان ڪرائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.