نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) عالمي سطح تي شهرت حاصل ڪندڙ ڪورين بينڊ ”بي ٽي ايس“ آمريڪن ميوزڪ ايوارڊز ۾ گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ کي مات ڏئي وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
ڪي پاپ سنسيشن ”بي ٽي ايس“ ڏکڻ ڪوريا جي قانون موجب پنهنجي ملٽري سروس پوري ڪري اسٽيج تي واپس ايندي ئي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.
ڪورين ميوزڪ بينڊ سومر تي لاس ويگاس ۾ ٿيندڙ آمريڪن ميوزڪ ايوارڊز ۾ ”آرٽسٽ آف دي ايئر“ جي ڪيٽيگري ۾ ڪيترن ئي نالن کي پٺيان ڌڪي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو.
بي ٽي ايس کي آرٽسٽ آف دي ايئر جي ڪيٽيگري ۾ جن نالن سان گڏ نامزد ڪيو ويو انهن ۾ ٽيلر سوئيفٽ جهڙو وڏو نالو به شامل آهي، جيڪا هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ آمريڪن ميوزڪ ايوارڊز پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.
ان ڪيٽيگري ۾ ٽيلر سوئيفٽ کانسواءِ سبرينا ڪارپينٽر، بيڊ بني، هيري اسٽائلز، ليڊي گاگا ۽ ٻيا نالا شامل هيا. ڪورين بينڊ انهن سمورن نالن کي پويان ڌڪي اهڙو اعزاز حاصل ڪيو.
واضح رهي ته 2022 ۾ بي ٽي ايس جي ممبرز آر ايم، شوگا، جي هوپ، جن، جنگ ڪوڪ، وي ۽ جم ان ڏکڻ ڪوريا جي قانون موجب مينڊيٽري ملٽري سروس پوري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا. ملٽري سروس پوري ڪرڻ کانپوءِ ”بي ٽي ايس“ ميوزڪ بينڊ 20 مارچ تي پنهنجو هڪ نئون البم ريليز ڪيو ۽ هاڻي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪنسرٽس ڪري رهيا آهن.