وائيٽ هائوس سچوئيشن روم ۾ اجلاس بنا نتيجي ختم، ٽرمپ آمريڪا-ايران معاهدي جو فيصلو نه ڪري سگهيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگبندي ۾ واڌ بابت معاهدي تي فيصلو نه ڪري سگهيو.

آمريڪي اخبار دي نيويارڪ ٽائمز موجب ايران واري معاملي تي صدر ٽرمپ جي سربراهي ۾ وائيٽ هائوس جي سچوئيشن روم ۾ ٻه ڪلاڪ اهم اجلاس جاري رهيو.

نيويارڪ ٽائمز موجب ايران سان معاهدي بابت ٽرمپ جو حتمي فيصلو ملتوي ڪيو ويو ۽ اجلاس بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويو.

وائيٽ هائوس طرفان پڻ سچوئيشن روم واري اجلاس جي پڄاڻي جي تصديق ڪئي وئي، پر وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا.

وائيٽ هائوس جي عملدارن جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ رڳو اهڙو معاهدو قبول ڪندو، جيڪو آمريڪي شرطن تي پورو لهندو.

عملدارن موجب ايران ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي ۽ آمريڪا جي مفادن ۽ ٽرمپ جي شرطن موجب ئي ايران سان ڪو معاهدو ممڪن آهي.

ان کان اڳ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي سامونڊي ناڪابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته جيڪي جهاز آبناءِ هرمز ۾ اسان جي شاندار ۽ بي مثال ناڪابندي سبب ڦاسي پيا هئا، اهي هاڻي پنهنجي گهر واپسي جو سفر شروع ڪري سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته آبناءِ هرمز مان سڀ سامونڊي بارودي سرنگون هٽايون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.