ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مذهي معاملن واري وزارت موجب پاڪستاني حاجين جي وطن واپسي لاءِ سعودي عرب کان اڏامن جي شروعات31 مئي تي ٿيندي.
مذهبي معاملن واري وزارت موجب پهرين حج اڏام 31 مئي جي رات جدي کان رواني ٿيندي ۽ سيالڪوٽ پهچندي. هن پهرين حج اڏام ذريعي 391 حاجي وطن واپس پهچندا. حج آپريشن دوران اڪثر اڏامون پاڪستاني وقت موجب پهرين جون تي مختلف شهرن ۾ لهنديون.
مذهبي معاملن وزارت ٻڌايو ته پهرين جون تي 22 اڏامن ذريعي 5,237 حاجي وطن پهچندا. حج آپريشن جي پهرين ڏينهن 5 اڏامون حاجين کي کڻي اسلام آباد پهچنديون، جڏهن ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ 4، 4 اڏامون، ملتان ۽ سيالڪوٽ ۾ 3، 3 اڏامون، فيصل آباد ۾ 2 ۽ ڪوئيٽا ۾ هڪ اڏام حاجين کي کڻي پهچندي.
مذهبي معاملن واري وزارت موجب حج آپريشن جي آخري اڏام 30 جون تي لاهور پهچندي، جڏهن ته مديني منوري کان حج آپريشن جون اڏامون 3 جون کان شروع ٿينديون.
مذهبي معاملن واري وزارت موجب سرڪاري اسڪيم تحت 471 اڏامن ذريعي هڪ لک 19 هزار حاجين کي وطن واپس آندو ويندو.